ڊائري جا ورق ڀون سنڌي august 2021
دل چوي ٿي ته پر هجن ته سرحدون ٽوڙي توڏي اڏري اچان. دل چوي ٿي ته درياهه هجان، ديس ديس ۾ خوشحالي ڦهلايان. دل چوي ٿي ته بادل هجان، ساري ڌرتي ڇا آڪاش پسان…
ڪير کڻي ان خواهش کي ناممڪن يا ذهن جي خام خيالي ڪوٺي، پر جي اها گهڙي پل لاءِ ئي سهي ماڻهو جي اندر ۾ خوشيون اوتي ته ممڪن آهي ته اهو خوشيءَ جو احساس ماڻهو ۾ اها طاقت پيدا ڪري وڃي، جيڪا کيس ممڪن کان ناممڪن جي رستي تي وٺي وڃي سوڀارو ڪري ٿي.
***
ڪنهن قوم لاءِ فقط اها فخر لائق ڳالهه ناهي ته هن جي ماضي جو تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو ڪيترو شاندار آهي. بلڪه هن جي عظمت جي سڃاڻپ ان ۾ آهي ته هو حال ۾ ڇا آهي.
***
چون ٿا ته هن جي مهما اپرم پار آهي.
اهو ته هو ئي ڄاڻندو هوندو، پر مان ته اهو ئي ڄاڻان ٿو ته ماءُ جي محبت جو نڪو انت نڪوئي ڇيهه.
(مائرن جي عالمي ڏهاڙي تي لکيل)
***
ڪجهه دوست ياد ڪريو ته ياد ڪن ٿا نه ته ٻيو مڙيئي خير…
اها دنيا داري آهي.
ڪجهه دوست بنا حساب ڪتاب جي ساريندا آهن…
اها محبت آهي.
***
رات ٽي وي کوليم، ماڌوري جي فلم ”آجا نچ لي“ پئي هلي.
فلم مزو ڏنو ۽ رات جو دير تائين ويٺو رهيس.
هونئن ته مون سونهن جي انيڪ روپن بابت ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، پر هن ڌرتي تي مون کي ماڌوري جا انيڪ روپ نظر آيا آهن. هن جي هر روپ جو پنهنجو جلوو ۽ انداز آهي جيڪو جانب جيان جيءَ ۾ جاءِ ٺاهي ٿو. سندس ڪهڙو روپ وڌيڪ سندر آهي؟ ۽ ڪهڙي ادا وڌيڪ من کي موهي ٿي. اهو طئي ڪرڻ بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنهن ماءُ کان پڇيو وڃي ته سندس ڪهڙو پٽ وڌيڪ سندر آهي؟ يا ڪنهن ڪلاڪار کان پڇيو وڃي ته سندس ڪهڙي ڪويتا وڌيڪ شڪتيوان آهي؟ يا وري ڪنهن پوڄاري کان پڇيو وڃي ته توکي ڀڳوان جو ڪهڙو روپ وڌيڪ سندر لڳي ٿو؟
***
ڪڏهن ڪڏهن انسان جي زندگي تي جمود طاري ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ هن جي زندگي مان مزو نڪري ويندو آهي. زندگي بي معنيٰ، ساڪن ۽ بيٺل پاڻيءَ جيان لڳندي آهي. آئون ان کي موت سان تعبير ڪندو آهيان.
۽ پوءِ جڏهن ڪو سپنو، واقعو، ڪردار، خيال يا ڪو ڪتاب، انسان جي جمود کي ٽوڙي کيس واپس زندگيءَ جي ڌارا ۾ شامل ڪري ٿو ته آئون ان کي انسان جو ٻيو جنم ڪوٺيندو آهيان.
***
ڪنهن پڇيو: ”پيار ڇا آهي؟“
مون چيو: ”وحشي جبلت جيڪا روح کي ڀاڪر پائي سڪون (وصال) ماڻي“
***
سندر خواب ڏسڻ لئه اکيون بند ڪري اونداهه ۾ وڃڻو پوندو آهي.
***
سيفو کان وٺي سامي تائين، گليليو کان وٺي ملاله تائين جي سڀ انسان آهن ته هي سک، عيسائي، هندو… ڪير آهن. ڪٿي اهو ماڻهوءَ جو ذهني فتور ته ناهي!؟
***
هڪ بدمعاش وڏيري جو اخبار ۾ بيان آيو ته آئون هيومن رائيٽس اداري جو ادنيٰ ڪارڪن آهيان.
جيڪڏهن هڪ بدمعاش وڏيرو انساني حقن جي اداري جو ادنيٰ ڪارڪن آهي ته ڪير مون کي ٻڌائي ته هيومن رائيٽس (انساني حق) آخر ٿيندا ڇا آهن؟
***
چون ٿا ٻار معصوم آهي، هو گناهه ثوابن کان بي نياز ۽ هر فڪر کان بي فڪر ۽ آزاد آهي. تڏهن ته چوندا آهن ته هن جي اندر ۾ ڀڳوان رهي ٿو ته پوءِ ڇو اسين هن تي پنهنجا فڪر/نظريا ۽ عظمتن جا داستان مڙهي (ٿاڦي) هن کي پنهنجي محدود دائري ۾ هلائڻ چاهيون ٿا؟
***
ڪاش ايئن ٿئي ها!
ڪاش ايئن نه ٿئي ها!
بي همت، سست، نااهل ۽ بي عمل ماڻهو لفظ ”ڪاش“ جو سهارو وٺندا آهن جڏهن ته با عمل ۽ اهل ماڻهو پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهيندا آهن.
***
سنڌين جيئن بينظير جي شهادت جو درد محسوس ڪيو، تيئن شل سنڌ جو به درد محسوس ڪن. جيئن جيئي ڀٽو جو جشن ملهائين ٿا، تيئن سنڌ جي عظمت جو به جشن ملهائين. اها حسرت تنهنجي به آهي منهنجي به آهي.
***
ڪاش! منهنجي اها خواهش پوري ٿئي، جڏهن هن ڌرتيءَ جا سڀ رهواسي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ڏهاڙو انسانيت جو جشن ڪري ملهائين جنهن ۾ هر ڪو بنا ڀيد ڀاو جي شريڪ ٿئي، جهومي ۽ خوشيون ملهائي ۽ دنيا کي امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏي.
***