(ڪهاڻي) جيڪر سَليان سُور
لومڙي کي اوچتو وڻن ۾ کڙڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. هُوءِ ان آواز جي پويان آهستي آهستي پير ۾ پير ملائي پهچي ٿي. ڇا ٿي ڏسي ته هڪ انسان زخمي حالت ۾ زمين تي ليٽيو پيو آهي. پهرين ته هُوءِ ان جي مدد ڪرڻ لاءِ ان جي ويجهو وڃڻ جو سوچي ٿي، پر جلد ئي هن کي خوف ورائي وڃي ٿو ته، ڪٿي هو ان جو شڪار ڪري نه وٺي. هوءِ زور زور سان رڙيون ڪري ٿي. جهنگل جا سڀ پکي ۽ جانور اچي ڪٺا ٿين ٿا. هو انسان کي گهليندا وچ ميدان ۾ آڻين ٿا. جهنگل جو بادشاهه ببر شير جيئن ئي پهچي ٿو، عدالت شروع ٿئي ٿي:
لومڙي ڪارروائي هلائيندي چيو ته، ”انسان اسانجي جهنگلي جيوت جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ هن کي پنھنجي جياپي ۽ وسندي لاءِ پنهنجا ڳوٺ ۽ شهر آهن، پر هو پوءِ به اسانجي آبادين کي برباد ڪرڻ جي پويان ڪاهي پيو آهي. منهنجو جهنگل جي بادشاهه کي عرض آهي ته هن کي جهنگلي جيوت کي تباهه ڪرڻ جي الزام ۾ ڳري کان ڳري سزا ڏني وڃي.“
هاڻ باندر ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”هي انسان جيتوڻيڪ پنهنجو حسب نسب ارتقا جي لحاظ کان اسان سان ڳنڍي ٿو، پر پوءِ به هيِ ظالم پنهنجي ارتقائي ڀاءُ باندر کي ڳچي ۾ نوڙي وجهي گهٽي گهٽي نچائي ناڻو ڪمائي ٿو. ان مان پاڻ ته ڀڀ ڀري کائي ٿو، پر اسانکي بکيو رکي ٿو ۽ ننڍي ننڍي غلطي تي بي رحمي سان ماري ٿو.“
ان کانپوءِ هرڻي کي حڪم ٿيو ته هوءِ پنهنجي درد جو داستان ٻڌائي. هرڻي چيو، ”هي انسان مونکي پنهنجي شاعري ۾ سونهن جي علامت طور پيش ڪري منهنجي سونهن سوڀيا، موهيندڙ اکين ۽ نازڪ چال کي پنهنجي محبوبه سان ڀيٽي ان کي ريجهائي ٿو ۽ جڏهن ته مون تي گولين جي بوڇاڙ ڪري مون کي ڦٿڪائي ڦٿڪائي ماري ٿو. لحاظا هن کي ان مجرمانه قتل جي مد ۾ موت جي سزا ڏني وڃي.“
هاڻي مور پکي کي ڳالهائڻ جو وارو ڏنو ويو. مور پنهنجا سهڻا کنڀ ڦهلائيندي چيو، ”اھو ڪهڙو دور آهي جنهن ۾ انسان منهنجي سونهن ۽ نرتڪي ناچ کي ناهي ڳايو؟ آئون هن لاءِ جتي وسڪاري جي مند ۾ خوشين جو سامان آهيان ته اتي هو منهنجي کنڀن کي مقدس ڪتابن ۽ پاڪ جڳهين تي تعظيم طور به رکي ٿو، پر پوءِ به هو منهنجو شڪار ڪرڻ کان نٿو لنوائي. انهي ڪري منهنجي جهنگل جي بادشاهه کي اپيل آهي ته سونهن ۽ سر جي گهاتڪ انسان کي موت جي ننڊ سمهاريو وڃي.“
جڏهن سوئر کي ڳالهائڻ جو چيو ويو ته هن انسان جي خلاف پنهنجو ڪيس پيش ڪندي چيو ته ”اول ته هو منهنجو بنا سبب جي شڪار ڪري ٿو. ٺيڪ آهي انسان جي انهي موقف تي مون کي ڪوبه اعتراض ناهي ته آئون هن جا کيت اجاڙيان ٿو، پر ان جي ايڏي وڏي سزا ته مناسب ناهي جو آئون موت جي منهن ۾ ڏنو وڃان. اهو به ٺيڪ، پر جڏهن انسان خود پنهنجي ئي نسل يعني انسان جي بربريت جو شڪار ٿئي ٿو ته هو مثال طور پاڻ کي مون سان ڀيٽي منهنجي نالي کي بدنام ڪري ٿو. جيئن ”تون ته وڏو ڪو سوئر جو اولاد آهين وغيره وغيره“ حقيقت اها آهي ته انسان انسان جو ويري آهي جڏهن ته سوئر سوئر تي ڪڏهن به جبر نٿو ڪري. انهي ڪري منهنجي جهنگل جي بادشاهه کي گذارش آهي ته اسانجي نسل کي بيجا گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ ناحق شڪار ڪرڻ تي انسان کي ڳترا ڳترا ڪيو وڃي.“
ان کانپوءِ ٻين جانور ۽ پکين به پنھنجي پنھنجي واري اچڻ تي درد ڪٿا پيش ڪرڻ شروع ڪئي.
ڪانگ چيو، ”انسان مونکي پنهنجي محبوبه ڏي نياپو موڪلڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو، پوءِ به هو مون کي ڪارو ڪانءَ ڪري مهڻو ڏي ٿو، جڏهن ته کيس پنهنجو اندر جانچڻ گهرجي ته اصل ۾ ڪارو ڪير آهي؟“
ڪتي چيو، ”منهنجي نسل جي انسان سان وفاداري تي انسان کوڙ سارا ڪتاب ڀري ڇڏيا آهن. مون پنهنجي جان تي کيڏي به انسان جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي آهي، پر پوءِ به هو جڏهن غصي ۾ ايندو آهي ته منهنجي نسل لاءِ بدڪلامي ڪندي چوندو آهي،”تون ته صفا ڪو ڪتو آهين جو رڳو پيو ڏاڙهين.“
ڳجهه پنهنجون شڪاري اکيون انسان تي مرڪوز ڪندي پنهنجي نوڪدار چنهنب کولي ۽ چيو ”منهنجو گذارو مردار جانورن تي آهي، پر هيِ انسان ايترو ظالم ٿي چڪو آهي جو ان کان اڳ ڪو جانور قدرتي موت مري، هيِ ان کي جيئري ئي حلال ڪري خوراڪ بنايو ڇڏي ۽ جيڪي فالتو عضوا يا حصا هو نٿو کائي اهي به منڊي يا ڪارخانن کي وڪڻيو ڇڏي. هاڻ ته مون لاءِ ڇيڇڙن جو ملڻ به محال ٿي پيو آهي ۽ منهنجو جياپو ئي مشڪل ٿي پيو آهي. هن ڌرتي تي منهنجو نسل گم ٿيندو ٿو وڃي. ان جو واحد ڪارڻ انسان ئي آهي.“
گدڙ پنهنجي درد جو داستان ٻڌائيندي چيو ”جڏهن ڪو انسان ٻئي انسان کي ان جي حرڪت جي موٽ نٿو ڏي ته هو فورن ان کي مهڻو ٿو ڏي ته ”تون ته صفا ڪو گدڙ آهين!“ مان چوان ٿو ته انسان کان پڇيو وڃي ته وڙهو توهين پاڻ ۾ ۽ بزدلي جو الزام هڻو اسان تي! ڇا پرامن زندگي گذارڻ ڪو ڏوهه آهي؟ جهنگل جا بادشاهه توهان خود ئي فيصلو ڪريو ته انسان اسانجي جهنگلي جيوت جي خلاف ڪيڏيون نه مجرمانه حرڪتون ڪندو آيو آهي. ايتري قدر جو هو توهان تان به نه مڙيو آهي. توهان جيڪي جهنگل جا بادشاهه آهيو ۽ ڇا ته توهان جو جهنگل ۾ شان ۽ مان آهي، پر هو توهان کي به شهرن ۾ جانورن جي باغ جي پڃري ۾ قيد ڪري پنهنجي لاءِ تفريح جو سامان ميسر ڪري ٿو…“
جهنگل جي بادشاهه ببر شينهن سڀني پکين ۽ جانورن جا بيان ٻڌي فيصلو ٻڌائڻ لاءِ وڏي گجگوڙ ڪندي وات کوليو. انسان ڏاڍيان رڙ ڪندي چيو، ”جهنگل جا بادشاهه ان کان اڳ جو توهان پنهنجو فيصلو ٻڌايو، مونکي به ٻڌو وڃي“
ان تي چٻري اعتراض واريندي چيو ”جڏهن انسان اسانجو ڪڏهن به ذري برابر خيال نه رکيو آهي ۽ اسانجي دانهن ۽ ڪيڪن جو هن تي ذري برابر به اثر نه پيو آهي ۽ هن هميشه بنا جواز جي اسان کي بي دردي سان ماريو آهي ته پوءِ اڄ اسين کيس ڇو ٻڌون؟“
هنج پکي چٻري جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو ”اسانکي پنهنجو وڙ وسارڻ نه گهرجي. ھي انسانن جي نگري ناھي، جتي ڳالھائڻ جو حق کسيو ٿو وڃي. جڏھن پنھنجي جھنگل ۾ ھر پکي توڙي جانور کي بنا روڪ ٽوڪ جي پنھنجيون ٻوليون ٻولڻ جو حق آھي، ته منھنجي خيال ۾ جھنگل جي شاندار ڀائيچاري ۽ پرامن ماحول ۾ رھڻ واري اصول جي پاسداري ڪندي انسان کي به اھو موقعو ملڻ گھرجي. انهي ڪري منهنجي جهنگل جي بادشاهه کي گذارش آهي ته انسان کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي.“
گونگن وڻن جن انسان کي هميشه ڇپر ڇانو ۽ تحفظ پي مهيا ڪيو آهي ۽ انساني سماج ۽ ماحوليات کي صاف سٿرو پي رکيو آهي، تن کي جيتوڻيڪ پنهنجي نسل جي واڍي ۽ تباهي تي انسان کان سخت شڪايت هئي، پر هنن هنج پکي جي انهي موقف ته ”جو وڙ جڙي جن سو وڙ سي ئي ڪن“، جيِ ٽاريون ۽ پن لوڏي تائيد ڪئي. جهنگل جي بادشاهه ڪنڌ لوڏي انسان کي ڳالھائڻ جي اجازت ڏني.
انسان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”مڃان ٿو ته توهان طرفان هتي بيان ڪيل زيادتيون ۽ شڪايتون بلڪل جائز ۽ صحيح آهن ۽ توهان جي تجويز ڪيل سزا لاءِ مونکي ڪوبه اعتراض ناهي، پر حقيقت هيِ آهي ته توهان سڀ جانور ۽ پکي جهنگل ۾ به هڪ قاعدي ۽ قانون موجب رهو ٿا ۽ ان جون طئه ٿيل حدون ڪير به نٿو اورانگهي، پر انسان جي نگري ۾ ڪوبه قانون ناهي. جيڪو زور آور ۽ طاقت وارو آهي، اهو هيڻن کي ساهه به نٿو کڻڻ ڏي ۽ نه ئي هلڻ ٿو ڏي. توهين جهنگل جا وسيلا ونڊي ورڇي کائو ٿا، جڏهن ته هتي هر انسان ٻئي انسان جو ويري آهي ۽ وسيلا ڦٻايو ويٺو آهي، جنهن سبب تمام گهڻا انسان اٽي لٽي ۽ اجهي جي بغير گهارين ٿا ۽ موت جي ويجهو ٿيندا وڃن ٿا. ڇا اهو قتل ناهي؟ انسان پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ ناجائز طريقا استعمال ڪندي ايتري ته ماحولياتي گدلاڻ ڦهلائي آهي، جو اوهانجي جهنگلي جيوت ته خير تباهي تي پهتي ئي آهي، پر خود انسان جون پنهنجيون وسنديون به ان جي پنهنجي رهڻ جي قابل نه رهيون آهن ۽ پوري انسان ذات جي حياتي داءُ تي لڳل آهي. ڇا اهو قتل جي زمري ۾ نٿو اچي؟ توهان ته هتي جهنگل ۾ وري به آرام سان آهيو، پر اسان وٽ نه ڪو اھڙو ڏينهن بچيو آهي ۽ نه ڪا رات، جيڪا واردات کان خالي هجي. جتي چوڪيدار به چور هجن اتي ڀلا حياتي جو ڪهڙو تحفظ؟ ۽ ڪنهن کان انصاف جي اميد رکجي؟ جڏھن شهر، وسنديون، واهڻ سڀ دهشتگردن جي حوالي هجن ته عام انساني زندگي ڪيئن بچي سگهي ٿي؟ اوهان وٽ ته جهنگل ۾ ڪوبه ذات، نسل، رنگ ۽ عقيدي جو جهيڙو ڪونهي، پر اسان وٽ ته انسان رنگ، نسل، فرقي ۽ مذهب جي نالي ۾ ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو ته ڇڏيو، پر انسان عالمي انساني ڀائيچاري ۽ عالمي امن جي نالي ۾ جيڪو انسان جو رت وهايو آهي، ان ته انساني وجود کي صفا غير يقيني بنائي ڇڏيو آهي. جمهوريت، مساوات، تهذيب، عقيدي ۽ عالمي امن جي نالي ۾ بمن جا ڌماڪا، قتل، غارت گري ۽ جنگيون اسان وٽ معمول بڻيل آهن. توهان جيڪا جهنگلي جيوت جي انسان هٿان قتلام ۽ تباهي جي ڳالهه ڪيو ٿا، ان کان مٿي ته انسان ايٽمي تباهڪارين، ملڪي ۽ عالمي جنگين ۽ دهشتگردي جي ذريعي خود پنهنجي تباهي ڪري چڪو آهي. توهان وري به ٿورڙن ڏکن ۽ سورن سان پنهنجي جهنگلي دنيا ۾ خوش آهيو، پر انسان پنهنجي لاءِ شهرن ۽ واهڻن ۾ ڪا ڪنڊ خالي ناهي ڇڏي جتي هو سڪون سان رهي سگهي. جڏهن هن جون پنهنجيون وسنديون هن لاءِ قتل گاهه بڻجي وڃن ته پوءِ هو ڪيڏانهن ڀڄي جان ڇڏائي؟ ۽ ڪٿي پنهنجي پناهه ڳولي؟“ جڏھن ھن جي پنھنجي دنيا ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدرن جو ڏيوالو نڪري چڪو ھجي ۽ چوڏس ڏاڍ، جبر ۽ بربريت جو راڄ ھجي ته ھو جھنگل جو منھن نه ڪري ته پوءِ ٻيو ڀلا ڪيڏاھن وڃي!؟“ انسان ائين چوندي خاموش ٿي ويو.
ڪافي دير تائين جهنگل ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي. جهنگلي جيوت جي چهرن تي درد ۽ پيڙا جا آثار نمايان نظر اچڻ لڳا. وڻن ٽڻن تي سڪتو طاري ٿي ويو، پکين کان مٺڙيون لاتيون لنوڻ وسري ويون…. ۽ پوءِ ڪجھ دير رکي، ببر شينهن جو گجگوڙ ڪندڙ آواز، جھنگل جي خاموشي کي ٽوڙيندو فضا ۾ گونجيو. جھنگل جي بادشاھ جهنگلي جيوت جي پاران فيصلي جو اعلان ڪيو:
”اسانجا دک درد ۽ انسان کان اسانکي پهتل تڪليفون ۽ شڪايتون پنهنجي جاءِ تي، پر انسان جي دردن جو داستان ٻڌي اسان کان پنهنجا ڏک به وسري ويا آهن. اسان پاڻ کي مظلوم سمجهون ٿا، پر اڄ اسان کي معلوم ٿيو ته انسان اسان کان به وڌيڪ مظلوم آهي جو ھو پنھنجي ئي ڪڙم جو ستايل آھي. ان ڪري اسان جهنگل جي روايتن جو مان رکندي کيس معاف ڪريون ٿا، نه صرف اهو پر انسانن جي اجتماعي قتل کي روڪڻ ۽ ڌرتي تان سياسي، فڪري، تنگ نظري، معاشي، مذهبي، ماحولياتي توڙي هر قسم جي آلودگي ۽ برائي ختم ڪرڻ ۽ هڪ ڀيرو وري هن ڌرتي کي امن، آشتي، سونهن ۽ سوڀيا جو گهوارو بنائڻ لاءِ اسان مظلوم ۽ محڪوم انسان کي پنهنجيون خدمتون آڇيون ٿا ۽ ان سان ساٿ نباهڻ جو وچن ڪريون ٿا.“
وڻن پنهنجين ٽارين ۽ پنن کي لوڏي، پکين مٺيون ٻوليون ٻولي ۽ جانورن زور سان پنهنجي گلي مان مختلف آواز ڪڍي جهنگل جي بادشاهه جي فيصلي جي آجيان ڪئي.
انسان جيڪو پاڻ کي ھن وقت تائين قيد ۾ بند محسوس ڪري رهيو هو ۽ زندگي کان مايوس ٿي چڪو هو، ھاڻي ان جي اندر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فضيلتن سان جيئڻ جي آس ڪر کڻي اُڀري ۽ سندس چهرو خوشي مان ٻهڪي اٿيو.
***