بلاگ

ڊائري جا ورق

آئون سوچيان ٿو ڪاش! ان پل (منظر) کي آئون ايئن محفوظ ڪري سگهان جيئن مئل نانگ جي اکين ۾ آخري منظر رهجي وڃي ٿو يا جيئن ريموٽ سان Pause جو بٽڻ دٻائڻ سان ٽي وي اسڪرين تي آيل منظر محفوظ ٿي وڃي ٿو.
***
پراڻي زماني ۾ پنهون کي پسڻ لاءِ سسئي کي ڪئين جبل جهاڳڻا پيا ۽ پنڌ پڇائڻا پيا.
منهنجا محبوب! هي ٽيڪنالاجي جو دور آهي تون ڪيترو به لڪڻ چاهين مون کان لڪي نٿو سگهين.
***
ڀڳوان شيطان کان پڇيو: توکي حڪم ڪيو ويو هو ته زمين تي وڃي برايون ڦهلائي ۽ انسان کي صحيح رستي تي هلڻ کان روڪ. تو اهو ڪم بخوبي سر انجام ڏنو پوءِ به تون پنهنجي عهدي تان ڇو استعيفيٰ ڏيڻ چاهين ٿو؟
شيطان وراڻيو: ڇاڪاڻ جو انسان اهو ڪم مون کان بهتر نموني ڪري رهيو آهي.
***
ڪير چوي ٿو ته زندگي وفا نٿي ڪري؟ زندگي ته توهان کي جيئڻ لاءِ هزارين نه بلڪه لکين پل آڇي ٿي ۽ موت وٽ ته توهان کان جياپو کسڻ لاءِ فقط هڪڙو پل آهي.
هاڻ اهو توهان تي منحصر آهي ته زندگي طرفان آڇيل بيشمار پلن کي بهتر انداز ۾ جيءَ (استعمال ڪري) سدائين لاءِ امر ٿي وڃو يا موت جي هڪ پل جو کاڄ ٿي صفحه هستي تان ميسارجي وڃو. اچو ته زندگي (پاڻ) سان انصاف ڪريون.
***
ڪنهن ”پڇيو: نئين سال لاءِ ڇا چوندين؟“
مون چيو: ”گڏهه پراڻو آٿر نوان“
پر ها، پوءِ به مايوس نه ٿيو، نيٺ ته باک ڦٽڻي آ.
***
بزرگن طرفان ڏنل نصيحتون دراصل انهن طرفان پنهنجي دور جي ڪيل غلطين جو ڳر آهن جيڪي هنن کان سرگرم زندگي جي دوران ٿيون.
هو ڀلي ان کي بيش بها تجربو ڪوٺين ۽ نواجوانن لاءِ اثاثو سمجهن، پر آئون سمجهان ٿو ته هر دور جون پنهنجون ضرورتون ۽ تقاضائون آهن. انهن کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻ عقلمندي ڪونه چئبي.
***
هڪ دوست چيو: ”جيڪڏهن مون کي اپريل ۾ پٽ ڄائو ته ان جو نالو ڀٽي جي پويان رکندس ۽ جيڪڏهن جنوري ۾ ڄائو ته جي ايم سيد جي پويان رکندس.
مون چيو: ٻنهي شخصيتن جي فڪر ۽ محور ۾ ايترو فرق آهي جيترو اتر ۽ ڏکڻ جي طرفن ۾. بهتر آهي ته پهرين تون پاڻ ڪليئر ٿي.“
***
اسين روشني ۾ گهاريون ٿا ۽ جڏهن ڪجهه وقت لاءِ اوندهه اچي ٿي ته اسان پريشان ٿي ٿا وڃون. تڏهن اسان کي ابا ڏاڏا ياد اچن ٿا، جيڪي انڌارين غفائن ۾ گهاريندا هئا ۽ حالتن سان جنگ جهيڙي زندگي کي وقت بوقت سهل ۽ آسان بنائڻ لاءِ جتن ڪندا هئا، اهو ساريندي منهنجو حوصلو وڌي وڃي ٿو.
***
ڪنهن چيو ته قدامت پسند اچي رهيا آهن، کائي پي زندگيءَ جو مزو وٺي لاهيو، اهي اسان کي پنهنجي طريقي ۽ انداز تي جيئڻ ڪونه ڏيندا.
مون چيو: ماڻهو جي ارتقا جو ڏاڪو اڳتي وڌندو اهو پوئتي ڌڪجي نٿو سگهي. بجلي جي جڳمڳ دور ۾ ماڻهو لالٽين ڇو استعمال ڪندا؟ 21 صدي کي، پراڻين اونداهين صدين جي منشا تحت هلائڻ ممڪن ناهي. دير يا سوير ماڻهو حقيقتن کي ڄاڻي وٺندا. انهيءَ لاءِ پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي. پڪ ڄاڻ خوبصورتي کي ڪڏهن به ڪوجهائي مات ڏيئي نٿي سگهي.
***
آئون نه چاهيندس ته تون مون سان ايئن گڏ هجين جيئن پور وڇوٽيون ليڪون، جيڪي گڏ ته هلن ٿيون، پر ڪڏهن به پاڻ ۾ ملن نٿيون.
***
سنڌي ماڻهن جو فطري لاڙو قوم پرستي ڏانهن آهي، پر قومپرست پارٽين جو تنظيمي ڍانچو نه هئڻ ۽ ڪردار جي کوٽ سبب ان جو ڦل مرڪز ليول جون پارٽيون کائينديون آهن.
***
ڪنهن چيو: تنهنجي ڏات جا ڏيا اجهامي چڪا آهن. تنهنجي جهول ۾ هاڻ ڪجهه به ناهي، تون خالي ٿي چڪو آهين.
مون چيو: مان هڪ ندي وانگي آهيان، جيڪا ڪنهن سمئه (وقت) بظاهر خالي ڀاسندي آهي، پر جي ان کي هيٺ ٿورڙو کوٽبو ته پاڻي نڪري ايندو، مان تخليق جو ڀنڊار آهيان.
جيڪڏهن تنهنجون اکيون محسوس ڪرڻ واريون ناهن ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان.
***
اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن به نظريي/عقيدي کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ ان جي نالي ۾ سياست ٿا ڪن اهي انتهائي خطرناڪ آهن ۽ ان جا معاشري تي تمام گهڻا منفي اثر ٿين ٿا.
***
مان سورج مکي گل جيان آهيان، مون سدائين سج سان اکين ۾ اکيون ملايون آهن.
***
22 مارچ: پاڻي (درياهن) جو عالمي ڏينهن
23 مارچ: حقِ خود اراديت جو ڏينهن
اسان کان ڌرتي ۽ پاڻي ٻئي حق خود اراديت، برابري جي بنياد تي حقن ۽ ڀائپي جي نالي تي کسيا ويا. بجاءِ انهن ڦورن ۽ غاصبن کي ڳچي مان جهلڻ جي اسان جو ماڻهو انهن لئه اڃان به جيئي جيئي… جا نعرا هڻي رهيو آهي. ماتم ڪجي ته ڪنهن تي ڪجي.
***