ڊائـري جـا ورق ڀون سنڌي

فطرت پنهنجو ڪم پابندي سان ڪري ٿي ۽ ڪڏهن به ان ۾ ڪوتاهي نٿي ڪري، جيئن سج جو اڀرڻ وغيره. تون به فطرت جو حصو آهين، پوءِ ڪوتاهي ڇو؟

***

هن چيو: فطرت کي هڪ پل لاءِ ڏس! ڪيڏي نه خوبصورت آهي. چنڊ جي چانڊوڪي ۾ هر شيءِ اڇي اجري نظر اچي ٿي. واديون ساوڪ سان ڀرپور آهن، آواره بادل پهاڙن کي ڇهندي ڳالهيون ڪن ٿا. گل رقص ڪندي خوشبو وکيرين ٿا…

***

هڪ پيار ڪندڙ دل هميشه ڏيندڙ (ارپيندڙ) هوندي آهي. ارپيندڙ پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکندو آهي، بلڪه سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو برايون ان ۾ جڳهه ٺاهي نه سگهنديون آهن.

***

ڪائنات ۾ سڀ شيون ڪشش جي ذريعي جڙيل آهن. ايئن جيئن زمين سورج سان. تنهنڪري اي دوست مايوس نه ٿي. ڪو ته آهي جيڪو تو لاءِ به ڇڪ (چاهت) رکندو هوندو. بس رڳو دل جا دروازا کليل رک.

***

ڇا تو ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته ڪير به توسان مشابهت نٿو رکي؟ تون سڀن کان الڳ ۽ مختلف آهين؟ ته پوءِ تون ڇو نٿو دنيا ۾ الڳ قسم جا ڪم ڪري پنهنجي وجود جي انفراديت مڃائين؟

***

جيتوڻيڪ تخليقڪار، تخليق جو خلقيندڙ هوندو آهي ۽ ان جي وجود کانسواءِ تخليق جي وجود ۾ هئڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. پر ان جي باوجود به اها هڪ حقيقت آهي ته هڪ تخليقڪار جي سڃاڻپ ان جي تخليق جي ڪري ئي آهي.

***

آئون پنهنجي پوٽيءَ سان گڏ چانڊوڪي ۾ گهمي رهيو هئس، هن منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي چيو: “ڏاڏا ڏس! آئون هلان پئي ته چنڊ به مون سان هلي پيو. “۽ پوءِ هوءَ بيهي رهي ۽ معصوميت مان چيو: “ڏس ڏاڏا آئون بيهي رهي آهيان ته چنڊ به بيهي رهيو آهي.” مون مرڪي ڏنو ۽ دل ئي دل ۾ چيو: ٺيڪ آهي اسين ته فقط خوابن ۾ ئي ايئن ڏسون ٿا، پر مون کي پڪ آهي ته تون جڏهن وڏي ٿيندينءَ ته تون ايئن ڪري ڏيکاريندينءَ جيئن تون چاهيندينءَ هي ڪائنات تنهنجي خواهش (اشاري) مطابق هلندي.”

***

هو سرجڻهار ۽ ڪائنات جي تخليق تي ڪنهن سان بحث ڪري رهيو هو. مون وچ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو: “جيڪڏهن تون پنهنجي اندر کي ڄاڻين وٺين ته ڪو شڪ ناهي ته تون معاملي جي حل تائين پهچي وڃين.”

***

پهاڙ جي چوٽي جيان ٿيو، جيئن ماڻهن کي توهان کي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ مٿي ڪرڻو پوي، سج جا پهريان ڪرڻا ٿيو، جيئن ماڻهو ننڊ مان اکيون کولي اوهان جي آجيان ڪن… پنهنجي من اندر (روح) جهڙا ٿيو، جيئن اوهان کان ڪوبه گناهه سرزد نه ٿئي ۽ روح جي شانتي ۽ سک جڳ ۾ ڦهلي ۽ ايئن توهان امرتا ماڻيو.

***

جيتوڻيڪ سج لهڻ (شفق) جو منظر انتهائي حسين (Romantic) آهي. پر آئون ان جي سحر ۾ گم ٿيڻ (وڃائجڻ) نٿو چاهيان. ڇاڪاڻ جو مان ڄاڻان ٿو ته ان جي پويان گهگهه انڌيرو آهي.

***

ڪنهن چيو ته “مون کي تنهنجي فلاڻي لکڻي ڏاڍي وڻي،

مون وراڻيو: هڪ تخليقڪار جي حيثيت ۾ مون کي پنهنجون سڀ تخليقون وڻن ٿيون ڇاڪاڻ جو هڪ ماءُ لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي ته هن کي پنهنجي سڀني ٻارن مان ڪهڙو ٻار وڌيڪ وڻي ٿو باقي رهيو سوال تنهنجو ڪنهن خاص لکڻي کي پسند ڪرڻ جو، ان جو دارومدار تنهنجي خواهشن، احساسن، پسند، وقت ۽ ماحول ته منحصر آهي تڏهن مان چوندو آهيان ته پٿر پرايو پر سور هر ڪا پنهنجا روئي.

***

ڪنهن مون کي 22 جون تي سال جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڏينهن هئڻ تي مبارڪ موڪلي آهي.

ڏينهن ته وڏو ٿيو پر ظلم ته ڪونه گهٽيو آهي. ڪجهه به تبديل ڪونه ٿيو آهي. جڏهن پيار محبت سان ڀرپور ڏينهن وڏا ٿيندا ته پوءِ اسان خوشيءَ مان کلندي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏينداسين.

***

اهو فرد يا معاشرو جيڪو عدم تحفظ جو شڪار هجي ڪڏهن به پنهنجي صلاحيتن کي استعمال نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهي ٿو.

***

ڇت کانسواءِ ڪمري جون ديوارون ڀلي ڪيڏيون به خوبصورت هجن پر توهين ان ۾ آرام نٿا ڪري سگهو.

ساڳي ريت جي روح زخمي آهي ته جسم جي خوبصورتي ڪهڙي ڪم جي؟

***

مون چيو ماڻهن جو اندر به فطرت جيان شفاف ۽ خوبصورت آهي بشرطيڪه هو اندر مان برائي ۽ ڪوجهائي کي ڪڍي ٻاهر ڪري.

***

اهي جيڪي ڪم مان به خوابن يا گهري ننڊ جهڙو مزو وٺن ٿا ڪڏهن به زندگي ۾ نه بور ٿيندا ۽ نه ئي ٿڪبا.

***

جيڪڏهن مسئلن ۽ جهيڙن جنگين جو آخري حل ڳالهيون ئي آهن ته پوءِ ڇا لاءِ اسين هٿيار کڻون ٿا.

انسان جيڪڏهن اها ڳالهه شروع کان ئي سمجهي وٺي ها، ته انساني تاريخ ۾ هيڏي غارت گري ڪڏهن به نه ٿئي ها.

***

سج کي پيرن تي بيهڻ لاءِ ڪابه وضاحت يا ڪوبه سبب ضروري ناهي، پر ڪوڙ هزار وضاحتن ۽ سببن جي پيش ڪرڻ جي باوجود به بيهي نٿو سگهي.

***

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments