ادب

ڊائـري جـا ورق ڀون سنڌي

اسان کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اسان جي وڏڙن اڄ کان پنج هزار سال اڳي اعليٰ منصوبا بندي جو شاهڪار ۽ تهذيب و تمدن سان ڀرپور شهر موهن جو دڙو اڏيو جڏهن ته ان وقت ۾ باقي دنيا اڻ سڌريل ۽ غير تهذيب يافته هئي.

***

ڪنهن پڇيو: “هو ڪير آهي؟”

مون چيو: هو، “هو ناهي پر مان آهيان”

ان وري پڇيو: “مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟”

“مون چيو: ان کي سمجهڻ لاءِ توکي وري جنم وٺڻو پوندو.”

***

پيار ۽ محبت ۾ برابري ۽ پاڻ وڃائڻ جي کڻي ڪيتري به دعويٰ ڪري، پر پدري سماج ۾ هن جي اوسر ئي ڪجهه اهڙي ٿي آهي جو هو هر ڳالهه تي حاوي رهڻ چاهي ٿو.

***

ماڻهو عمر جي ڪهڙي به ڏهاڪي ۾ هجي، پر محبت ان جي ضرورت رهندي ۽ تيستائين ان سان جڙيل رهندي جيستائين جيون جي ڏور جڙيل آهي. (ويلنٽائن ڊي تي موڪليل SMS).

***

جيئن ماءُ جي گود اولاد لاءِ پناهه گاهه آهي. تيئن خوبصورت خواب ۽ روشن خيال پڻ انسان ذات جي مستقبل جون پناهه گاهون آهن.

***

جيڪي جيئڻ ڄاڻن ٿا انهن لاءِ هر پل نئون سال آهي ۽ جيڪي جيئڻ نٿا ڄاڻن اهي پراڻي سال (ماضي) ۾ به ناهن رهڻا. (نئون سال مبارڪ 19-01-01).

***

ڀلي کڻي ڪيڏي به اوندهه ۽ انڌوڪار ڇو نه هجي پر ان جو انت روشني آهي. سڀني کي روشني جي تصور سان خوشين ڀرئي تهوار ڏياري جون واڌايون.

***

مون کي انسان ئي رهڻ ڏيو. مون ۾ نسلن، قبيلن… جا ٻج نه ڇٽيو، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو مون سان گڏ توهان به ان نفرت جي باهه ۾ ڀسم ٿي وڃو.

***

ڪالهه پيئرن جو عالمي ڏينهن هو. ڪير بابي سان ڪيئن هليو ۽ بابي جو رتبو هن جي نظر ۾ ڇا هو؟… جنهن سچ لکيو ان جي پيرن تي هٿ، جنهن ڪوڙ لکي فيس بُڪ تي سرخرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڻ ته ان کي به ڪرپٽ ڪوٺينداسين. ڇو جو ڪرپشن صرف پئسي جي ناهي هوندي رشتن جي پائمالي، لفظن ۽ خيالن جو غلط يا بيجا استعمال به ڪرپشن ئي آهي.

***

ڪنهن کي وڻي نه وڻي پر اها حقيقت آهي ته جيئن قاسم آباد جي واڌو واهه تي ٻنهي پاسن کان ڊگهين قطارن ۾ سوين هوٽلن ۾ واندن جون بي معنيٰ ڪچهريون، پئسي ۽ وقت جو ذيان بڻيل آهن، تيئن فيس بُڪ جون 95 فيصد پوسٽون به خود ثنائي سان ڀريل بي مقصد ۽ ڪم جي ڳالهين کان خالي هونديون آهن.

***

“منهنجو موت؟”

“جڏهن تون مون کي پڙهڻ ڇڏي ڏيندين.”

***

مايوسي گناهه نه پر بزدلي آهي.

***

رات جنهن کان تون ۽ مان نفرت ڪريون ٿا، رات جنهن کي ظلم جي علامت طور استعمال ڪيو ويندو آهي.

پر ڇا تو اهو راز سليو آهي ته اڀ ۾ تارا رات جو کڙن ٿا؟

***

تو ڪڏهن ٽاڪ منجهند جي سورج سان اکيون ملايون آهن؟ ٻڌ- مان ٽاڪ منجهند جي سورج سان اکيون ملائيندو آهيان ۽ ڪرڻا جهٽيندو آهيان ۽ پوءِ جتي روشني ناهي، اوندهه انڌڪار آهي، اهي ڪرڻا پلٽي ڇڏيندو آهيان.

مان جنم جنم کان ايئن ڪندو آيو آهيان ۽ تيستائين ڪندو رهندس، جيستائين سڄي سنسار مان  اوندهه انڌڪار ختم ٿي نٿي وڃي.

***

وڏيرا ته آهن ئي وڏيرا، انهن تي ڪهڙي ميار؟… پر مون سميت اسان جا گهڻائي اديب ۽ دانشور به مزاج ۽ روين ۾ وڏيرڪي ذهنيت کان آجا ڪونه آهن.

***

تاريخ ۾ اديب ڪنهن عهدي يا مالي حيثيت سان نه پر ادبي قد ڪاٺ (تخليقي سگهه) سان سڃاتو ويندو.

***

تنهنجو پيار مئه ۾ مليل اهو زهر آهي جيڪو پيئي سو ڦٿڪي مري ۽ جيڪو نه پيئي سو اُڃ مري.

***

او گمشده شعور! ان کان اڳ جو تون پاڳل قرار ڏنو وڃين ۽ تنهنجو وجود ميسارجي وڃي، پنهنجي ڀٽڪيل جسم ۾ واپس موٽي آ.

***

ننڍپڻ ۾ هڪ سبق ۾ پڙهيو هئم ته هڪ همراهه وڻ جي ٽار تي چڙهي ان ٽار کي ڪٽي رهيو آهي… پر هي ڳالهه آئون ڪهڙي قوم کي ٻڌائي رهيو آهيان.!؟

***

اچو ته رسول بخش پليجي جي موت جي ڏيهه جي ڏاهپ سان تعزيت ڪريون.

***

سُر سونهن ۽ سچائي، سدائين جواڻ ۽ جماڻ ٿئي. ان تي ٻڍاپو ايندو ئي نه آهي.

***

هو رڙيون ڪري رهيو هو، هن جو پيٽ وڃي آنڊن سان لڳو هو. ساڌو هن جي اندر ۾ گيان اوتي رهيو هو. مون ڏٺو هو پوءِ به رڙيون ڪري رهيو هو، هو ٽن ڏينهن کان بکايل جو هو.

***

شاهه لطيف ۽ شيخ اياز مون کي هڪڙي ماءُ جا ٻه جاڙا پٽ لڳندا آهن.

***