ادب

ھڪ اتساهه، ھڪ اميد: پروفيسر منير ڊومڪي

سنڌي ادب ۾ دلڪش انداز سان شاھ جي ڪلام کي پڙھي ان جي معنيٰ ۽ مفھوم کان ڀليءَ ريت واقف ڪندڙ ليکڪ منھنجي نظر مان قليل تعداد ۾ گذريا آھن، جيڪي ترجمي نگاريءَ ۾ به نه رڳو دلچسپي رکن ٿا، پر اھو ترجمو ڪتابي صورت ۾ شايع به ڪرائن ٿا، ترجمي نگاري به تمام مشڪل ۽ نرالو فن ھوندو آھي، جيڪو ھر ليکڪ جي وس جي ڳالھه ناھي.

پروفيسر منير ڊومڪي ھڪ اھڙو ادبي ڪردار آهي، جيڪو سنڌي ادب کي عالمي ادب تائين رسائي ڏئي ٿو، ھن  انور ڪليم ٻٽ جي سنڌي ناول کي ”دي ريٽرن“ جي نالي سان انگريزي ٻوليءَ جو ويس پارايو آھي ۽ ھي ناول وڏي ڪثرت ۾ وڪرو ٿيو آهي، پروفيسر منير ڳچ عرصي کان ھن وقت تائين لطيفيات تي ڪم ڪري رهيو آهي. ھن جا ڪيترن ورھين کان لطيف جي شاعريءَ تي جامع مضمون ڪوشش اخبار ۾ ڇپجندا رھيا آھن.

شاھ جي ڪلام کي انگريزي لفظن ۾ سمائي ان کي انگريزي ادب جو حصو بڻائڻ ۾ ھو، پنهنجو حصو ڳنڍي رھيو آھي، ڏٺو وڃي ته شاھه سائين جا ڪي ڪي لفظ اھڙا ته ڏکيا آهن جو سنڌي لغت جو سھارو وٺڻو پوي ٿو ۽ منير انهن لفظن کي انگريزي لفظن ۾ ڪيئن آسان سمجھاڻي سان استعمال ڪري ٿو، ان تي سوچڻ ۾ به مون کي ڏکيائي محسوس ٿئي ٿي، اها ڳالهه سندس ٻوليءَ تي دسترس ھئڻ جو چٽو ثبوت آهي ۽ ٻئي طرف ڏسجي ته پروفيسر منير انگريزي سبجيڪٽ جو ماھر استاد به آھي.

پروفيسر منير ڊومڪي، ڊومڪي محلا گجڻ پور لاڙڪاڻي ۾ 1984ع ۾ جنم ورتو، ھي ھڪ نامور استاد، اديب، شاعر ۽ انگريزي ادب جو ڄاڻو ليکڪ آهي، سندس انداز بيان به منفرد آھي، ھو ڪنهن به شعر جي سمجھاڻي آسان لفظن ۾ لکي بيان ڪري ٿو ته ان جي معنيٰ ۽ مفھوم بنا دير ذھن ۾ محفوظ ٿي ويندي آهي.

پروفيسر منير ڊومڪي ادبي تنظيمن جي سياست کان پري رهي به ”ھڪ شخص ھڪ ادارو“ جي حيثيت رکي ٿو، ھي دوست پڙھڻ پڙهائڻ ۽ لکڻ جي ڪرت ۾ ايترو ته مشغول رھي ٿو، جو ھي مون  کي جديد دور جو مشيني ليکڪ لڳندو آهي ۽ مون ائين محسوس ڪيو آهي ڄڻ ته ھن جي خوراڪ مطالعو ئي آھي.

پروفيسر منير جي مضمونن جو ڪتاب ”زندگي فاني ۽ فن لافاني“ ٽي سال پھريان شايع ٿيو ۽ ھي ڪتاب ادب ۽ زندگيءَ جي مڙني پهلوئن تي لکيل آھي ڄڻ ته ھي اسان جي جيون جو الٽرا سائونڊ آھي جنھن ۾ اسين پنهنجي روح ۾ به جھاتي پائي سگھون ٿا.

ھي دوست ديو مالائي ڪردار آهي، جنھن جا خيال مايوسين مان ڪڍي نئين زندگي جي راھه تي آڻيو ڇڏين.

پروفيسر منير جو فڪر ھر ڳجھي ڳالھه کي سلجھائي ٿو ۽ اھڙو فڪر اسان جي رھبري ڪندڙ ھوندو آھي.

چيائين تون پاڻ کي ايڏو گھڻو ڀائڻ ڇڏي ڏي

۽ ھڪڙي ڳالھه ياد رک ته ھر ماڻھوءَ جي زندگي

حضرت مسيح وانگر ڪراس کان شروع ٿي

ڪراس تي اچي ختم ٿئي ٿي !

ھن جي نثري شاعري يا خيال اھڙي گفتگو جو نمونو آهن، جيڪي پڙھڻ سان دل تي ڇپجي وڃن ٿا.

چيائين تون مون کي ھر واري ھر تصوير ۾ 

نئين ۾ پراڻي ۾ ساڳيو ڇو محسوس ٿيندو آھين!!؟

چيومانس پنھنجن لاءِ به ڪو بدليو آهي ڇا!!؟

ليکڪ، شاعر ۽ صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ ۽ تخليقي ذهن رکندڙ ڪيڏي به دنياوي منزل عھدي تي پھچي وڃي، پر ھو نياز ۽ نوڙت سان پيش ايندڙ ھوندو آھي، ڇو جو ھو انسان دوست ھوندو آھي، ھي انسان پرست ليکڪ ارڙهين گريڊ ۾ ھوندي ھر ننڍي، وڏي، عام ۽ خاص کي مرڪون آڇي ٿو، پيار ڏئي ٿو، 2022ع جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي مدد لاءِ  پروفيسر منير ميدان ۾ ائين لٿو جو ائين چڱا ڀلا امير به نه اچن، ھيٺين طعنا زني جي موٽ ۾ ھن ليکڪ جو جواب لاجواب ڪندڙ آهي.

چيائين تنھنجو گريڊ ڇا وڌيو آهي،

تو پاڻ کي ته وڏو اپگريڊ ڪري ڇڏيو آهي،

چيومانس، ڊيگريڊ نه ڪر،

تڏهن به تنھنجي اڳيان سدائين،

لو گريڊ ئي رھندس!

پروفيسر منير ڊومڪيءَ کي مسلسل لاڀائتو، جاندار ۽ شاندار فڪر سرجڻ تي جس ھجي ۽ ھن ليکڪ دوست کي 5 جنوري تي ڄمڻ (سالگرهه) جون اڪيچار واڌايون پيش ڪريان ٿو.

***