بلاگ

ڊاڪـٽـر پـرويـن مـوسـيٰ مـيـمـڻ هڪ متحرڪ ليکڪا: صدام جوکيو Sep 2020

ادب جو دائرو نهايت وسيع آهي، تنهنڪري ادب سان سلهاڙيل ليکڪن به مختلف پاسن تي ڪم ڪيو آهي. ڪن شاعري پڙهي ۽ لکي آهي ته ڪن شاهڪار ڪهاڻيون ۽ ناول لکي پاڻ مڃايو آهي ته ڪي وري ادبي تاريخ، تنقيد، لسانيات، لطيفيات يا ٻين پاسن تي لکندي مشهور ٿيا آهن. ڪي ته اهڙا به ليکڪ ملن ٿا، جن هڪ ئي وقت تمام گهڻن پاسن تي ڪم ڪيو آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهڙا املهه ليکڪ تمام گهڻا ملن ٿا، جن پنهنجي ذهني پتوڙ ۽ گهڻ پاسائين قابليتن ذريعي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ بي بها خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ مختلف پاسن تي ڪم ڪندي مشهوري ماڻي آهي. اهڙن ئي گهڻ پاسائين شخصيتن منجهان هڪ جديد دور جي نهايت متحرڪ ۽ اڻٿڪ ليکڪا ڊاڪٽر محترمه پروين موسيٰ ميمڻ به آهي، جنهن جي قلمي جدوجهد ٿڪ ڀڃڻ کان نابري واري ڇڏي آهي ۽ هوءَ مسلسل سنڌي ادب ۽ ٻولي کي لکڻ، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ لڳي رهي ٿي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ کي جيتري قدر مون سمجهيو آهي ته سندس لکڻين جا موضوع گهڻي قدر ادب جي علم سان لاڳاپيل آهن. هن اڪثر ادب ۾ جن پاسن تي گهٽ ڪم ٿيو آهي يا مورڳو ئي ڪم ناهي ٿيو، انهن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ادب جي نهايت ڏکين ۽ اَڇُهن موضوعن کي پنهنجي ذهني صلاحيتن ۽ مطالعاتي لياقتن ذريعي آسان ۽ عام فهم انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ اهم ڳالهه اها ته سندس لکڻيون سائنسي انداز ۾ هونديون آهن. جنهن جي ڪري شاگردن، اسڪالرن ۽ محققن کي پڻ وڏي مدد مهيا ڪن ٿيون. ان کان علاوه پروين موسيٰ جي لکڻين جو هڪ اهم مقصد سي. ايس. ايس، پي. سي. ايس، ايم. اي ۽ ٻين چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگردن کي ادب متعلق گهربل ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ موجوده وقت جي نهايت بلند پايا محقق ۽ ماهرِ تعليم تسليم ڪري سگهجي ٿي، جيڪا هر لمحو علم، ادب، تعليم ۽ تدريس جي خدمتن ۾ صرف ڪري رهي آهي ۽ مسلسل عرق ريزيءَ، سِرَ سيتائيءَ ۽ اورچائيءَ سان جاکوڙي رهي آهي. ڊاڪٽر صاحبه سنڌي ادب جي نثري صنفن تي نهايت شاندار مضمون، مقالا ۽ تجزيا لکيا آهن، جن ادب جي نثري پاسي کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي مدد مهيا ڪئي آهي. سندس انهيءَ عظيم الشان ڪم کي ساراهيندي، سنڌ جي نامور ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن طرح لکيو آهي، “سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ محترمه پروين موسيٰ ميمڻ مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي، جيڪو تفصيلي ۽ تسلي بخش آهي، معياري توڙي مواد جي لحاظ کان هڪ ڪامياب ڪشالو آهي.”

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي بي بها صلاحيتن سان سرشار شخصيت جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکيو آهي ته، “پروفيسر پروين موسيٰ ميمڻ تحقيق، تخليق ۽ تنقيد وارين صلاحيتن سان نوازيل آهي.”

هڪ قابلِ معلم ۽ برجستي ليکڪا تسليم ڪندي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سندس لاءِ هن طرح لکيو آهي، “پروين موسيٰ ميمڻ هڪ قابل ليکڪا، خاموش طبع ۽ جفاڪش عورت ۽ پنهنجي استادانه فن جي ماهر آهي.”

سندس ادب ذوق طبع، علمي ۽ تعليمي خدمتن کي بيان ڪندي سنڌي سفر نامي جو وڏو نانءُ الطاف شيخ لکي ٿو، “هوءَ درس ۽ تدريس جي پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل آهي. قلم ۽ علم سان سندس ناتو ۽ ادب سان اهو محبت جو سفر جاري ۽ ساري آهي.”

محترمه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ لطيفيات جي لحاظ کان پڻ ڪارائتو ڪم ڪيو آهي، شاهه لطيف جي ڪلام جي فڪر کي هر مڪتبهءِ فڪر جي ماڻهوءَ پنهنجي سوچ مطابق پيش ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحبه شاهه جي شاعريءَ جي فڪري پاسي کي گهڻ رخي انداز ۽ تاريخي واقعن جي پسمنظر کي لاڳو رکي نهايت سندر سليقي سان وضاحت ڪيو آهي. شاهه سائين جي هڪ بيت ۾ سمايل فڪر کي بيان ڪندي ڊاڪٽر صاحبه ڪيئن ان بيت جي سرجڻ واري دور جي حالتن کي واضح ڪيو آهي، ان جي مثال لاءِ سندس تحرير جي هن ٽڪري کي ڏسي سگهجي ٿو، “شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪ باشعور ۽ حساس شاعر هو. سندس شاعري جنهن دور ۾ اُسري اهو دور سنڌ جي حوالي سان هڪ مظلوم دور هو. ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڦرلٽ جي گهاڻي ۾ سنڌ جو محڪوم طبقو پيڙهجي رهيو هو. انهيءَ هيڻي حال کي ڏسندي ڀٽ ڌڻيءَ اذيت ۽ پيڙا مان گذرندي، پنهنجي سڄي ڪلام ۾ قوم کي همت ۽ اڳيان وڌڻ جا سبق ڏنا. هُن کين وهمن ۽ وسوسن مان نڪرڻ ۽ جنگ جوٽي محڪوميءَ مان ٻاهر اچڻ لاءِ اُتساهيو، هُو تاريخ جو ڄاڻو هو. سندس دور ۾ مذهبي طور وحدت الوجود، وحدت الشهود ۽ ڀڳتي تحريڪون هلندڙ هيون پاڻ وحدت الوجود جي نظريي جو حامي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي فڪر ۽ فلسفي جو قائل هو. شاهه عنايت جي شهادت مٿس گهڻو اثر ڪيو پاڻ انهيءَ وقت جوان هو. سنڌ جي مشڪل حالتن ۽ ڏکين گهڙين ۾ هن انقلابي شاعر تاريخي واقعن جي ورجاءَ سان جيڪو به شعر پنهنجي قوم کي آڇيو اهو هُن يقينن وڏي جذبي، ولولي ۽ سوچ سان پيش ڪيو آهي (1) لطيفيات جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو آهي، “هن شاهه جي ڪلام جو گهرو مطالعو ڪيو آهي. هن نه صرف پڙهيو آهي، پر پروڙيو به آهي. ڊاڪٽر پروين لطيف کي ايترو ته پڙهيو آهي جو سندس هن ڪتاب ۾ اڪثر هنڌن تي شاهه واري ٻولي نظر اچي ٿي.”

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ مستقبل جي معمار ۽ سنڌ جي عورتن لاءِ هڪ مثالي ڪردار آهي. وينا شرنگي جي لفظن ۾ ته “پروين موسيٰ شاهه جي سورمين جيان جُستجو ڪندي رهي ٿي. جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي عورت باشعور ۽ تعليم جي اهميت کي اڄ محسوس ڪري رهي آهي نه صرف پاڻ پر ايندڙ پيڙهيءَ جون راهون به روشن ڪري رهي آهي.” جيڪڏهن ڳالهين کي غور فڪر جي نظر سان ڏسنداسين ته موجوده دور ۾ جتي انسان پيٽ گذر جي پورائي ۾ ڦاٿل آهي، اُن دور ۾ هڪ سٺو مضمون لکڻ به وڏي ڳالهه آهي. ساڳئي هنڌ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ذاتي زندگي سان وابسته مشغولين، گهريلو ذميدارين ۽ ملازمتي فرضن کي چڱي ريت سرانجام ڏيڻ سان گڏ نهايت معياري تحريرون تسلسل سان لکي رهي آهي. اُن ساڳئي خيال جي وضاحت ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي هن طرح بيان ڪئي آهي، “ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جنهن پنهنجو آرام ڦٽائي، تڪليفون سهي، سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري سچ پچ ته وڏو احسان ڪيو آهي ٻار سنڀالڻ سان گڏ نوڪري ڪرڻ باوجود تحقيق ڪرڻ اهو هڪ وڏو جهاد آهي.” ڊاڪٽر صاحبه جي تحقيقي ڪم جي وڏي خوبي اها رهي آهي ته هوءَ بحث هيٺ آيل موضوع کي وڌيڪ ڪارائتو، مستند ۽ مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ڳالهه مدلل انداز ۾ پيش ڪندي آهي ۽ وري انهن ڳالهين جي ڇنڊ ڇاڻ پڻ ڪندي آهي، زناني تعليم جي ضرورت ۽ اهميت متعلق لکيل سندس هڪ تحقيقي مضمون کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ سندس پيش ڪيل هڪ حديث پاڪ جي حوالي ۽ ان حوالي تي ڪيل بحث جي هڪ ٽڪري کي هتي رکجي ٿو، جنهن سان ڊاڪٽر صاحبه جي تحقيقي ڪم جي معيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، “پياري رسول پاڪ محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته:

طَلبَ العلم فريضتهُ عليٰ ُڪلِ ُمسلِمَ وَ ُمسلِمَتَه.

ترجمو: علم جي طلب فرض آهي هر مسلمان مرد ۽ عورت تي”

مٿئين حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته عورت جي علم جي حاصل ڪرڻ کي اسلام ۾ ڪيتري فوقيت ڏنل آهي؟… ماءُ پڙهيل لکيل هوندي ته طبيعت ۾ سلجهيل، سليقي مند ۽ صلح پسند هئڻ ڪري چاهيندي ته سندس اولاد پنهنجو وقت ضايع نه ڪري ۽ هاڪاري سرگرمين ۾ هجي کيس وقت جو قدر، پئسي جي اهميت ۽ دنياوي ضرورتن جي ۽ دين جي حڪمن جي ڄاڻ ضرور هوندي آهي. انهيءَ ڪري سندس تربيت سان ملڪ جي تعليم جي تناسب ۾ اضافو پڻ ٿيندو ۽ هوءَ چاهيندي ته سندس اولاد تعليم يافته ٿئي. عورتن جي تعليم جي اهميت کان انڪار نه اڄ ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي پوئين دور ۾ هو. (2) ڊاڪٽر صاحبه ڪنهن به مضمون يا موضوع تي ڳالهائيندي ڊيگهه نٿي ڪري نه ئي لفظن جو اجايو استعمال ڪري ٿي. نهايت ڏکين موضوعن کي هوءَ شفاف، مختصر ۽ معياري انداز ۾ ڪيئن وضاحت ڪري ٿي، ان جو هڪ مثال هيٺ رکجي ٿو، جنهن ۾ هن “شعر” لفظ جي وضاحت معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهايو آهي، لفظ ”شعر“عربي ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ڄاڻڻ ۽ پروڙڻ. شعر جهالت يا نادانيءَ جو ضد آهي. شعر جي الهامي جذبي کي وڏو درجو ۽ عزت حاصل آهي. سٺو شعر مقصديت ۾ اعليٰ ۽ اخلاقي هجي ٿو. (3) محترمه ڊاڪٽر پروين سنڌ جي علمي، ادبي ۽ غير معمولي شخصيتن جي فن، فڪر ۽ شخصيت جي حوالي سان پڻ ڪيترائي بهترين تحقيقي مضمون لکيا آهن ۽ سندس اهڙي قسم جي مضمونن جو ڪتاب پڻ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ سائين ابراهيم جويو، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، منگها رام ملڪاڻي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مخدوم محمد امين فهيم، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا شامل آهن. سنڌ ڌرتيءَ جي هنن ڏات ڌڻين تي ڳالهائيندي محترمه نهايت دلفريب ٻولي، مستند ڄاڻ ۽ انوکو انداز اختيار ڪيو آهي. مخدوم سائين طالب الموليٰ تي لکيل مضمون منجهان هڪ سٽ پيش ڪجي ٿي، جنهن هڪ ئي سٽ مان ميڊم صاحبه جي پُر اثر ٻوليءَ ۽ اسلوب جو پتو پئي ٿو، “سنڌ جي هيءَ شهره آفاق شخصيت ادبي ميدان ۾ اعليٰ پايي جي شاعره جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي.” (4) سندس لکڻيون جمالياتي حسناڪين ۽ لسانياتي خوبين سان سرشار آهن. پاڻ مختصر ڪهاڻيءَ ۽ مختصر ڪهاڻيڪارن جي وضاحت ڪندي لکي ٿي ته، “ڪهاڻيڪارن مختصر ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ شروع کان موجوده دور تائين گهڻائي فني تجربا ڪيا آهن. ساهت جي هِن سگهاريءَ صنف ۾ حياتيءَ جا حقيقي رنگ ڀرڻ سان گڏ ڪردار نگاريءَ جي توازن ۽ آغاز ۽ انجام کي منفرد حيثيت ڏني وئي آهي. رمزيت، وحدت، تاثر، جامعيت ۽ مواد جي فنڪارانه ترتيب سان گڏ اختصار ۽ اثر انگيزيءَ کي اولين اهميت حاصل آهي. خوابي ۽ خيالي دنيا جي بجاءِ عملي ڪارڪردگيءَ ۽ جيون جي تلخ سچاين کي سمايو ويو آهي. مطلب ته مختصر ڪهاڻي مٿين فني خوبين سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ترجماني ڪندڙ مڃيل نثري صنف آهي.” (5) ساڳي طرح ڊاڪٽر صاحبه مضمون نويسيءَ کي پڻ تمام سٺي طريقي سان وضاحت ڪيو آهي. مضمون کي ڪيئن وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارائتو بڻائي سگهجي ٿو ۽ ٻوليءَ جو ڪهڙو استعمال مضمون کي وڌيڪ ڪمائتو بڻائي ٿو، ان کي بيان ڪندي لکي ٿي ته، “مضمون، مضمون نگار جي خيالن ۽ سوچن جو عڪس آهي، مضمون جو تعلق ادب سان آهي، انهيءَ لحاظ کان مضمون جي ٻولي ادبي ۽ سُرلي هئڻ ضروري آهي، مضمون نويسي هڪ اهڙي ادبي لياقت ۽ قابليت آهي، جنهن ۾ فصاحت ۽ بلاغت جو هجڻ ضروري آهي. ٻولي وڻندڙ، شسته ۽ سليس هئڻ سان مضمون عام فهم ٿيندو آهي.” (6) سنڌ ڌرتيءَ جي نهايت ڏاهي اديبا ۽ ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو اصل جنم 5 جون 1958 ۽ سرٽيفڪيٽ مطابق 20 نومبر 1958ع تي ضلعي ٿرپارڪر جي شهر ڏيپلي جي هڪ معزز انسان محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو. سندس خاندان چڱو پڙهيو لکيو هو. جڏهن سندس عمر حاصلاتِ تعليم کي رسي ته کيس ڏيپلي جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان بنيادي تعليم حاصل ڪيائين. سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪيائين. کيس علم ۽ ادب سان ننڍپڻ کان لڳاءُ هو، هوءَ علم جي اوچائين ڏانهن وڌندي رهي ۽ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي. اي ڪئي ۽ ساڳي يونيورسٽي مان سال 1983ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ سال 1988ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم. اي پڻ ساڳي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ايم. اي سنڌي دوران محترمه پروين هر پيپرُ اعزازي مارڪن سان پاس ڪيو ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ ڊگري پاس ڪندي، گولڊ ميڊلسٽ جو مرتبو ماڻيائين ۽ سال 2012ع ۾ “سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو” جي موضوع تي هڪ جامع ۽ معياري تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.

ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحبه سال 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان نهايت سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو ۽ ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿي ۽ وقت بوقت مختلف ڪاليجن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي رهي آهي. سندس آخري مقرري حيدرآباد جي نئذرٿ گرلز ڪاليج ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور هئي، جتان ڳچ عرصو پهريان کيس رٽائرمينٽ ملي آهي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ کي ادب پڙهڻ جو شوق سندس وڏي ڀاءُ آفتاب ميمڻ جي ذاتي لائبريري ۾ موجود اردو ادب ۽ پوءِ سنڌي ادب جي ڪتابن پڙهڻ سان پيدا ٿيو. لکڻ جي شروعات هُن هڪ ڪهاڻيءَ سان ڪئي ۽ اُن ڪهاڻي لکڻ لاءِ کيس پنهنجي والد صاحب اتساهيو ۽ همت ڏني هئي. اُها ڪهاڻي “چري” جي عنوان سان هئي، جيڪا هڪ مسڪين پنندڙ عورت جي جيون جي سچي احوال تي مبني هئي ۽ اها ڪهاڻي ميرپورخاص مان نڪرندڙ “چانڊوڪي” مخزن ۾ شايع ٿي هئي. اُن کانپوءِ هن پنهنجي پسنديده ليکڪ خليل جبران جي هڪ ڪهاڻيءَ جو عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ “ماءُ جو دلاسو” جي عنوان سان ترجمو ڪيو. اُها ترجمو ٿيل ڪهاڻي 1982ع ۾ ماهوار “پارس” ۾ شايع ٿي هئي. سندس اُن ترجمي مان اهو پَتو پڻ پوي ٿو ته ڊاڪٽر پروين موسيٰ وٽ عربي ٻوليءَ جي خاصي ڄاڻ آهي. ميڊم صاحبه هن وقت تائين 6 ڪهاڻيون لکي چڪي آهي، جن منجهان ٽي شايع ٿي چڪيون آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب پڻ جلد ئي ڪجهه نئين ڪهاڻين سان گڏ نهايت پُر اثر اسلوب ۽ ندرتن ڀرين خيالن سان ڇپجي پڌرو ٿيندو.

ڪهاڻين کانپوءِ تخليقي ادب جي لحاظ کان محترمه مضمون نويسيءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ نهايت شاندار، معنيٰ خيز ۽ لاڀائتا مضمون لکيائين ۽ هيستائين تقريبن 5 ڪتاب مضمونن جا لکي چڪي آهي. ان کانپوءِ جلد ئي هوءَ تحقيق طرف آئي ۽ هيستائين تحقيق جي جديد ترين قائدن موجب تمام گهڻيون ڪارائتيون ۽ مانائتيون تحريرون لکي چڪي آهي. سندس تحقيقي پورهئي جي معيار جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو سندس ٻه ڪتابHEC  طرفان شايع ڪيا ويا آهن ۽ ساڳئي اداري پاران سندس تحريرن کي انعام ۽ اعزاز پڻ عطا ٿيا آهن. سندس ڇپيل ڪتاب ۾ 1. سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات (تحقيق، 2004ع). 2. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس (تحقيق ۽ تنقيد، 2008ع). 3. اٿي رائو ريل (مضمون ۽ مقالا، 2008ع). 4. سون ورنيون سوڍيون (ڪهاڻيون، ترتيب ۽ تحقيق، 2009ع). 5. آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيف شناسي، 2010ع). 6. وکر سو وِهاءِ (مضمون نويسي، 2011ع). 7. اخلاقي قدر (ٻاراڻو ادب، ڇهين ڪلاس کان ميٽرڪ تائين جي شاگردن لاءِ، 2015ع). 8. عالم سڀ آباد ڪرين (لطيف شناسي، 2016ع). 9. پَلَئه پايو سَچُ (تحقيق ۽ تنقيد، 2017ع). 10. گلدستو (علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمون، 2018ع). 11. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ، 2019ع). 12. سنڌي ادب (پڇا ڳاڇا)، ايم سي ڪيوز (معروضي سوالن ۽ جوابن جو جائزو، 2020ع) شامل آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ (1) محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون نثري ادب ۾ خدمتون. (2) جي پارکو پارس جا (لطيفيات). (3) مفتي منجهه ويهار (آتم ڪهاڻي). (4) ماڻڪ موتي لعل (مضمون ۽ مقالا). (5) سونهان سيون ڪن (سوانح حيات). (6) ملهه مهانگا سپرين (ادبي تاريخ) وغيره شامل آهن. ڪتابن کان علاوه ڊاڪٽر پروين موسيٰ مختلف تحقيقي جرنلن ۾ ڪيترائي ڪارائتا تحقيقي مقالا لکي چڪي آهي. جن مان ڪجهه جا عنوان هن طرح آهن: 1. ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون (ڪلاچي، 2009ع). 2. سندري اُتم چنداڻي هڪ ڪهاڻيڪار هڪ ساهتڪار (ڪلاچي، 2018ع). 3. نورالهُديٰ جون سنڌي ادب ۾ خدمتون (ڪلاچي، 2018ع). 4. پوپٽي هيرا ننداڻيءَ جي ادبي خدمتن جو جائزو ڪارونجهر، 2019ع). 5. ڪلا پرڪاش جي ناولن ۾ عورت ڪردار جي حيثيت ۽ اهميت جو جائزو (سنڌي ٻولي، 2019ع). 6. عورتن جي ادب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جو جائزو (سنڌي ٻولي، 2017ع) وغيره.

ان کان علاوه ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۽ مختلف رسالن ۾ وڏي تعداد ۾ مختلف موضوعن سان سلهاڙيل مضمون ۽ ڪالم ڇپجي چڪا آهن. اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ جي باقائده شروعات هن 2005 کان ڪئي ۽ پاڻ ڪيترن ئي سيمينارن، ادبي ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪري چڪي آهي. سندس اهڙين علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن عيوض کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ ڏنا ويا آهن، ان سلسلي ۾ هن سال 2008ع ۾ مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ ڪينيڊين ايسوسئيشن طرفان “جيجل جس ايوارڊ” حاصل ڪيو. سال 2009ع ۾ سندس ڪتاب “اُٿي رائو ريل” کي ادبي سنگت طرفان بهترين تحقيق ۽ تنقيد جو ايوارڊ ڏنو ويو. سال 2010ع ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن طرفان سندس ٻئي ڪتاب “اخلاقي قدر” کي ٻاراڻي ادب جي بهترين ڪتاب تحت ميرٽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سال 2013ع ۾ سندس ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي کيس سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن طرفان “راهه بينظير ڀٽو” ايوارڊ شيلڊ ڏني وئي. سال 2016ع ۾ سندس ڪتاب “عالم سڀ آباد ڪرين” تي کيس “لطيف ايوراڊ” ڏنو ويو. سال 2019ع ۾ “عزمِ پاڪستان” طرفان کيس ايوارڊ ڏنو ويو ۽ ان کان علاوه به کيس ڪيترائي ننڍا وڏا انعام ۽ اعزاز حاصل ٿيندا رهيا آهن. پاڻ ڪجهه تنطيمن سان پڻ لاڳاپيل رهي آهي ۽ نهايت سرگرم، سنجيده ۽ سچيت ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. پاڻ جن تنظيمن سان سلهاڙيل رهي آهي، اُنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت، ناري سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن، سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن وغيره شامل آهن. سنڌ ڌرتيءَ جي چيڪيءَ مٽيءَ جي ڄائي، سنڌ جي قابلِ فخر عورت ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ وقت حاضر ۾ تمام تيزيءَ سان سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لاءِ جاکوڙي رهي آهي ۽ اميد ته ايئن ئي لکندي رهندي.

حوالا: 1. ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، عالم سڀ آباد ڪرين، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد، 2016ع، ص44.

  1. ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، پلئه پايو سچ، سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع، ص122.
  2. ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، اُٿي رائو ريل، محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي، 2008ع، ص19.
  3. ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، پلئه پايو سچ، سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد، 2016ع، ص30.
  4. ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، سونَ وَرِنيُون سوڍِيُون، محمد موسيٰ قاسماڻي ادبي اڪيڊمي، 2009ع، ص 15.
  5. ميمڻ، پروين موسيٰ، ڊاڪٽر، وکر سو وهاءِ، هائر ايجوڪيشن ڪميشن، 2009ع، ص18.