ڊاڪٽر صالح ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه حصو-2

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

حصو-2

THERE IS ALWAYS A PLACE ON THE TOP

ڊاڪٽر صالح ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه

جڳهه: بالٽيمور شهر (آمريڪا) سال 1974

الطاف شيخ

سوال: توهان هڪ استاد ۽ وڏي جي حيثيت ۾ ڇا ٿا چاهيو ته اڄ جي شاگردن کي ڪيئن هلڻ کپي. خاص ڪري ميڊيڪل جي شاگرد کي سياست ۽ ٻين ڪمن ۾ بهرو وٺڻ کپي يا نه؟

ڊاڪٽر صالح: شاگرد لاءِ هر ڳالهه ۾ بهرو وٺڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو هاڻ ڪو اهو زمانو ناهي جنهن ۾ شاگرد کي دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي رهڻ گھرجي، پر هنن کي گھڻو شوق پنهنجي پڙهائي ۽ ڌنڌي سان هئڻ کپي، ٻيون ڳالهيون پوءِ آهن ڇو ته شاگردي وارو زمانو اهو ٿو ٿئي جنهن ۾ هو جيڪي به ڪجھه سکندو اهو کيس زندگيءَ ۾ ڪم ايندو. ايم بي بي ايس يا ڊاڪٽري ٻين ڊگرين کان مختلف آهي. شاگرد جيڪڏهن فقط ڊگري حاصل ڪئي، پر هن ۾ اها اهليت ڪانهي ڪا جو سڀاڻي هو پرئڪٽس ڪري مقابلي ۾ اچي سگھي ته هو نه جي برابر آهي. ان ڪري ڊاڪٽري شاگرد لاءِ ضروري آهي ته هو گھڻو شوق پنهنجي پڙهائي ۾ رکي ۽ ڊاڪٽري کي آرٽ جيان سمجهي، چڱي ريت محنت ڪري ۽ سکي. ان بعد هو باقي ٽائيم پنهنجو پاڻ کي زماني ۽ ماحول سان ضرور آشنا رکندو رهي جو ان کان سواءِ ته ڪم نه هلي سگھندو. ائين به ڪونه ٿو ٺهي ته ماڳهين ڪتابن جو ڪينئون ٿي ٽيبل اڳيان ويٺو هجي ۽ اها به خبر نه پوي ته دنيا ۾ ڇا پيو وهي واپري. ساڳي وقت هيڪاندوActive  ٿي پاڻ کي سياست يا ٻي ڪنهن ڌارئين ڳالهه ۾ رڌل نه رکجي جيڪا هن جي ڌنڌي ۽ پڙهائيءَ ۾ رنڊڪ ثابت ٿئي.

سوال: هتي ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني شاگردن لاءِ ڪا نصيحت؟

ڊاڪٽر صالح: هنن کي کپي ته جيترو ٿي سگھي علم پرائين. پرئڪٽيڪل تجربو حاصل ڪن ۽ هر وقت اهو سوچين ته جيڪو علم هتي پرائين تنهن جو فائدو موٽي اچي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي به رسائين. هتي آمريڪا ۾ يا ڌارئين ملڪن ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونهي ڇو جو اهو وقت ايندو جڏهن هو ڪجهه عرصو وڌيڪ رهندا، اولاد وڏو ٿيندن، پوءِ جڏهن هنن جي هن ڌارئين ۽ پرائي ماحول سان سازگاري نه ٿيندي تڏهن هو هتي اوپرو محسوس ڪندا.

سوال: توهان جي شخصيت بابت ڪجھه ذاتي سوال، وندر جو وقت ڪيئن گذاريو ٿا؟

ڊاڪٽر صالح: سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پڙهندو آهيان، ڪجھه لکندو به آهيان. ادب سان دل اٿم.

سوال: ادب ۾ ڇا پسند ڪريو ٿا؟

ڊاڪٽر صالح: افسانا نگاري.

سوال: توهان جا پسنديده سنڌي ليکڪ ڪهڙا آهن.

ڊاڪٽر صالح: امر جليل، طارق اشرف، سراج، موهن ڪلپنا، گوبند مالهي، آغا سليم، جمال ابڙو، نسيم کرل، نجم عباسي، ثميره زرين، سحر امداد ۽ تاج بلوچ.

هتي پڙهندڙن لاءِ اها ڳالهه عجب جوڳي هجي ته ڊاڪٽر صالح صاحب مصروف هوندي به لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهي ٿو. سندن ڪيترائي ليک فرضي نالن سان سهڻي، سوجھرو، هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن ۾ وقت به وقت ڇپبا رهيا آهن. ۽ بقول ڊاڪٽر صاحب:

….. اسان جو واسطو ڪيترن ئي قسمن جي ماڻهن سان روزانو پوي ٿو. ڪيتريون ئي سچيون ڳالهيون افسانن جي روپ ۾ مون لکيون آهن جيڪي ٻين لاءِ عبرت جو مثال ٿي سگھن ٿيون ۽ منهنجي خيال ۾ ته اسان جا ڊاڪٽر جي چاهين ته هنن کي ڪهاڻيون لکڻ لاءِ ڪيترو ئي مواد روزانو ملي سگھي ٿو. ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آهن جن مان ٻين کي سبق پڻ ملي ٿو. ساڳي وقت انهن ڳالهين کي فوڪس ۾ رکي سماج جي سڌاري لاءِ ڪجھه ڪري سگھجي ٿو. مثال طور: ويجھڙائيءَ ۾ هڪ رسالي ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو هڪ افسانو ڇپيو آهي. هن جيڪي ڪجهه لکيو آهي هڪ حقيقت لکي آهي. بلڪل ٺوس حقيقت. ان مسئلي کي نظر انداز ڪرڻ بدران حل ڪرڻ گھرجي، جو مغربي سوسائٽي وانگر اسان وٽ به اهو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي. ليکڪ ان مسئلي کان آگاهه ڪرڻ لاءِ ان ڳالهه کي افساني جي شڪل ڏني آهي جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته هڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪري عشق ۾ آهن. ڇوڪرو هن کي ورغلائي ٿو، پر ڇوڪري هن جي ڳالهه نٿي مڃي. ڇوڪري سٺي خاندان جي آهي، پر منجهيل آهي. هوءَ چوي ٿي ته ائين ڪيئن ٿيندو. اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ ته ٺيڪ آهي پر هوءَ شادي کان اڳ سيڪس لاءِ ڪا رغبت نٿي ڏيکاري، پر هو ڌتاريندو رهيس ٿو ته ڪا پرواهه نه ڪر. شادي ته هونئن به ڪنداسين. ان ۾ گھٻرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. بهرحال ڇوڪرو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ٿو وڃي، پر جيئن ته ڇوڪريءَ کي ان ڳالهه جي دل ۾  Negative Attitude آهي سو مجبور ٿي فقط اهو سوچي ٿي ته انڪار ڪيئن ڪريان؟ ڇوڪري جي چوڻ تي هن جي ڳالهه ته مڃي ٿي، پر هوءَ خود لطف نٿي وٺي ۽ نه ان بابت ڄاڻ اٿس. ڪجھه ڏينهن بعد ڇوڪرو هن معصوم ڇوڪريءَ کي ڇڏي وري ٻيءَ جي پٺيان وڃي ٿو لڳي. اها ٻي ڇوڪري ان ڳالهه جي تجربيڪار آهي ۽ هن جوان کي سڀ نشا ٿي وٺرائي. پڇاڙيءَ ۾ ڇوڪرو ان سان شادي ڪري ٿو. نتيجي طور هوءَ پهرين ڇوڪري جيڪا بيحد شريف آهي ان پنهنجي عصمت به وڃائي، سماج جي نظرن ۾ به ڏٺي ٿي ۽ ويتر پيٽ سان ٿي ٿي پوي ….

ان ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته اڄ ڪلهه جي نوجوان تي جنسيات جي ايتري Attraction آهي جو هو غلط فيصلا ڪري ويهن ٿا ۽ هڪ سٺي ۽ خراب ڇوڪريءَ ۾ فرق نٿا ڪريو سگھن. بهرحال اڄڪلهه جي سماج جي اها هڪ تلخ حقيقت آهي جا ڊاڪٽر نجم عباسيءَ پيش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هن ڪجھه اهڙا اگھاڙا لفظ ۽ جملا استعمال ڪيا آهن جن جي پڙهڻ سان ماڻهو Un-Comfortable محسوس ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت اسان جي سنڌي پڙهندڙ جي گھڻائي ايتري Mature-Minded ناهي ۽ نه ماحول اهڙو آهي جو اهڙين ڳالهين کي آساني سان هضم ڪري سگھجي، پر جيستائين حقيقت جو سوال آهي ته اها پنهنجي جڳهه تي آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر ابراهيم خليل ۽ ٻين ڪيترن ڊاڪٽرن روز مرهه جي زندگي ۾ ٻڌايل يا پيش آيل واقعا بيان ڪيا آهن، پر هڪ ڳالهه جا ڊاڪٽر کي خيال ۾ رکڻ کپي ته هو ان ڪهاڻيءَ کي اهڙي نموني سان ڦيرائي لکي جو ڪهاڻي جي سچن ڪردارن کي ان بابت شڪ به نه پوي ته اها ڪهاڻي هنن بابت آهي. ڇو ته لکڻ واري جو مقصد مسئلي بابت پڙهندڙن کي آگاهه ڪرڻو آهي ۽ نه ڪردارن کي عيان ڪرڻ.”

سوال: سنڌيءَ کان علاوه ڪنهن ٻي زبان جي ادب سان دلچسپي؟

ڊاڪٽر صالح: ڪنهن حد تائين انگريزي ادب سان دلچسپي آهي ۽ ان جو آدرشي اديب سمرسٽ ماهم اٿم. توهان کي خبر آهي ته سمرسٽ ماهم اديب ڪيئن ٿيو؟ سمرسٽ ماهم لنڊن جي سينٽ ٿامس اسپتال ۾ ڊاڪٽري پڙهندو هو، هن کي آخري سال ۾ هڪ ڇوڪريءَ سان پيار ٿي ويو. هن کي شاديءَ جي آڇ ڪيائين. ڇوڪريءَ گھمڻ ڦرڻ جو خيال ڏيکاريو. سمرسٽ ماهم مائيءَ کي چيو ته تون ڪجھه ترس ته آئون پئسو ڏوڪڙ ڪمائي وٺان ته پوءِ اها وڏي ڳالهه ناهي.

ان بعد هن پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري پهريون ڪتاب ليزا آف لئمبٿ Lisa of Lambeth لکيو، جنهن ۾ هن ڊاڪٽري شاگرد جي حيثيت ۾ ليزا نالي ڇوڪريءَ جي آکاڻي لکي. هن لئمبٿ علائقي ۾ Domicilary– Midwifery جي سلسلي ۾ ليزا ڇوڪريءَ جو ويم ڪيو هو، جنهن ۾ هوءَ مري ويئي. هن سڄي اها ڳالهه ٻار ڪيرائڻ جي لکي ته هن کي ٻار ڪيئن ٿيو. پاڻ ڪير هئي. ڪيئن هن عشق ڪيو ۽ دوکو کاڌو، وغيره. ان زماني جي ادبي نقادن ۽ پبلشر ان ڪتاب کي پسند ڪيو ۽ ڇپيو ويو. سمرسٽ کي چڱا ڏوڪڙ مليا، پر بدقسمتي سان جڏهن هو پنهنجي گرل فرينڊ وٽ پهتو ته خبر پيس ته هن ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي. ان ڳالهه سندس دل تي گھرو اثر ڪيو. تنهن کانپوءِ توهان ڏسندئو ته سمرسٽ جي لکڻي تمام طنزيه آهي ۽ عورت جي ڏاڍو خلاف آهي. سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين مان ان جي جھلڪ ايندي. هي ئي عظيم طنزيه اديب آهي جنهن هي Unfortunate لفظ عورت لاءِ چيا آهن:

“She is an animal who menstruates once a month, prachurates once a year and have sex whenever she wants”

(عورت اهو جانور آهي جنهن کي هر مهيني حيض اچي ٿو، هر سال ڦَرُ ڏئي ٿي ۽ جڏهن دل چاهيس ٿي همبستري ڪري ٿي.)

سمرسٽ ماهم کانسواءِ ٿامس هارڊي، ٽي ايچ لارينس پڻ منهنجا پسنديده اديب آهن.  

سوال: هونئن اها عجيب ڳالهه آهي ته توهان ڊاڪٽر ٿي ڪري ادب سان ايڏو شوق رکو ٿا ۽ مطالعي کان علاوه لکڻ لاءِ به وقت ڪڍو ٿا.

ڊاڪٽر صالح: سنڌيءَ ۾ ته گھڻا ڊاڪٽر اديب آهن جيڪي لکي رهيا آهن ۽ ڪيترا اهڙا پڻ آهن جن ۾ ڏات، ڏانءُ ۽ ادبي لياقتون آهن، پر هو انهن کي ڪتب نٿا آڻين. مشغول نه هجڻ جي باوجود پاڻ کي مشغول تصور ڪن ٿا. ٿورو يا گھڻو مشغول ته هر انسان آهي، پر ان هوندي به شوق ۽ وندر لاءِ هرڪو وقت ڪڍي سگھي ٿو. پوءِ ڪو لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت نٿو ڪڍي ته ٻي ڪنهن ڳالهه لاءِ ته ضرور ڪڍندو هوندو.

سوال: ٿرپارڪر ضلعو خوش نصيب آهي جنهن سان توهان تعلق رکو ٿا، پر مون ٻڌو آهي ته پاڪستان ۾ دادو ۽ ٺٽي بعد اهو ضلعو بدنصيب آهي جنهن کي طبي سهولتون نه هجڻ برابر آهن ۽ اتي تمام گھٽ ڊاڪٽر آهن.

ڊاڪٽر صالح: ڊاڪٽر به چڱا آهن، پر ٿرپارڪر سان سڀ کان وڏي بدقسمتي ٽرانسپورٽ آهي. ان ڪري هي ضلعو ٻاهر نڪري تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيو پئي رهيو آهي ۽ ساڳي وقت طبي سهولتون به رستن نه هجڻ (يا ڏکين هجڻ) ڪري گھٽ مهيا آهن.

سوال: هتي آمريڪا ۾ توهان کي کائڻ پيئڻ جي ڪهڙي شيءِ وڌيڪ پسند آهي ؟

ڊاڪٽر صالح: ان طرف ڪو خاص لاڙو ناهي. رکو سُکو جيڪي مليو صحيح آهي. وڏن طعامن ۽ سڻڀن کاڌن کان اوٻاريل ۽ سادا وڌيڪ پسند اٿم جي جلد هضم ٿيو وڃن. ٻين لفظن ۾ جنهن کي سنڌيءَ ۾ چَٽو چئجي تنهن سان شوق نه اٿم. ها البته کاڌي کان وڌيڪ کاڌي جو ماحول مون کي وڻندو آهي. يعني سٺي جڳهه هجي. سٺو ۽ وڻندڙ ماحول هجي جتي سڪون سان ويهي سگھجي پوءِ کائڻ ۾ کڻي ڇا به هجي.

سوال: ڇا توهان کي اهو احساس آهي ته توهان جي لکڻين جي ضرورت آهي. يعني ڪي ليکڪ ڪڏهن اهو سوچيندا آهن ته هو نور نچوئي، وقت وڃائي لکي ته رهيا آهن، پر خبر ناهي ماڻهو پڙهن به ٿا يا نه.

ڊاڪٽر صالح: منهنجو لکڻ يا نه لکڻ، ماڻهن کي پسند آهي يا نه … اهو چوڻ ڏکيو آهي، پر خطن مان اندازو لڳايو اٿم ته ان موضوع (بيماريون ۽ ان جا حل) تي لکڻ جي تمام گھڻِي ضرورت آهي. پوءِ اهو چاهي آئون لکان يا ڪو ٻيو لکي ۽ جيتوڻيڪ ان قسم جا جواب ڪو بيماري يا مسئلي جو مڪمل حل نٿا ٿي سگھن (جو ڪن ڪن بيمارين لاءِ روبرو چڪاس ۽ تفصيل معلوم ڪرڻ ضروري آهي)، پر ان هوندي به گھٽ ۾ گھٽ پڙهندڙن کي ڪجهه نه ڪجھه آٿت ۽ ڄاڻ حاصل ٿي سگھي ٿي. خاص ڪري جنسيات جي معاملي ۾ اسان جو نوجوان سخت منجھيل آهي ۽ ان لاءِ ڪنهن سلجھيل ادب ۽ معلومات جي ڄاڻ ضروري آهي ۽ اهو عنوان اخبار جي ڪالم کان وڌيڪ آهي جنهن لاءِ ڪنهن ڊاڪٽر کي گھرجي ته ان بابت لکي. هر زبان ۾ ان قسم جا معلوماتي ڪتاب ملندا، پر اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب ناهي جنهن مان جنسياتي معلومات اسان جو نوجوان حاصل ڪري سگھي. جيڪي ڪجهه آهن سي به پراڻن هندي ۽ اردو ڪتابن جا ترجما آهن جن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون غلط ۽Out-Dated آهن.

سوال: يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ ۾ جنسي بيماريون Veneral Diseases گھڻيون آهن يا نفسياتي؟

ڊاڪٽر صالح: اسان وٽ نفسياتي بيمار گھڻا آهن. ڪنهن نوجوان کي گھڻا احتلام ايندا (ڇاڪاڻ ته اها عمر ئي اهڙي آهي) ته هو گھٻرائجي ويندو ته ڪٿي جريان ته نه ٿي پيو آهي. ويتر اخباري اشتهارن ۾ ابتيون سبتيون ڳالهيون پڙهي وڌيڪ نفسياتي بيمار ٿي پوندو ۽ فڪر ۾ ڳرندو رهندو. اهڙي طرح ٻيا مردن ۽ عورتن جا انيڪ نفسياتي مسئلا پيدا ٿي پيا آهن جي فقط جنسيات جي معلومات کان اڻ واقف ۽ اڻڄاڻ هجڻ جي پيداوار آهن.

سوال: چين ۽ ڪوريا ۾ طب Homeopathy تي زور آهي. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڦڪيون، ستيون، جڙي ٻوٽيون، خاڪا، معجونون ۽ نسخا خمير اسان جا حڪيم استعمال ڪندا اچن جن کي جيڪر همٿائڻ کپي. توهان جو طب بابت ڇا خيال آهي. هڪ ايلوپيٿي سانئس جي ڄاڻوءَ جي حيثِيت ۾..؟

ڊاڪٽر صالح: اسان جي ايلوپيٿي ۾ گھڻي ڀاڱي جيڪي دوائون آهن سي به جڙي ٻوٽين مان تت ۽ ست ڪڍي ٺاهيون ويون آهن، پر سائنسي علم هيٺ انهن جو تت، ست، ٽنڪچر يا Synthetic فائدي موجب ٺاهيون وڃن ٿيون. ان جي ڪميائي خاصيتن  Chemistry جي خبر آهي. ان جي چڱن اثرن جي خبر آهي. خراب اثرن جي خبر آهي ۽ هر هڪ سسٽم تي ان دوا جو ڪهڙو اثر آهي يعني دل تي ڪهڙو اثر آهي، جگر تي ڪهڙو اثر آهي، پيٽ تي ڪهڙو اثر آهي، وغيره. دوا جي جسم ۾ وڃي ٿي ته ان ۾ ڪهڙيون ڪيميائي تبديليون اچن ٿيون. پوءِ ڪٿان خارج ٿئي ٿي ۽ باقي بچت ڇا ٿي ٿئي. مطلب ته هر ڪا دوا جيڪا اسان ايلوپيٿي ۾ استعمال ڪيون ٿا ان جي فائدي ۽ نقصانن جي چڱي ريت ڄاڻ اٿئون پوءِ جي نقصان گھڻا آهن ته ان مريض کي نه ڏئي سگھنداسين. اسان جون يوناني دوائون تمام گھڻيون آهن جن ۾ تمام گھڻيون خاصيتون آهن، پر ان بابت سائنسي ڄاڻ ۽ معلومات ناهي. مثال طور ڪنهن يوناني دوا بخار يا مٿي جي سور کي فائدو رسايو. ڇو فائدو ٿيو يا ڪيئن ٿيو؟ اها ڄاڻ نه آهي. يوناني دوا موجب فلاڻي مرض لاءِ فلاڻي دوا آهي ۽ منجهس هي خاصيتون آهن، پر ڪهڙي سبب ڪري اهي دوائون اثر ڪن ٿيون ڪيترو خارج ٿين ٿيون وغيره، اها ڄاڻ نه آهي. سواءِ ان جي ته الف چيو “ب” کي ته فلاڻي شيءِ آهي. “ب” استعمال ڪئي ته فائدو ٿي ويو. اها ڳالهه اتي ئي رهجي وئي. “الف” سمجھائي نه سگهيو ۽ نه وري “ب” ته ان دوا هن تي فائدو ڇو ڪيو ۽ ڪيئن ڪيو؟ ان ڪري اها معلومات محدود رهجي وئي آهي. سائنسي دنيا ۾ ماڻهو ان کي مروج ڪري نٿو سگھي جيسين ان جي فائدن ۽  نقصانن، اثرن جي چڱي طرح خبر نه هجي. اسان وٽ طب ۾ هڪ ٻه ادارا، همدرد دوا خاني جهڙا ڪم ڪري رهيا آهن، پر اهي به گھڻي ڀاڱي ڪمرشل نموني جا آهن.

سوال: اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ هتي جو بهترين Best-Seller ڪتاب ۽ فلم Exorcist جن ڪڍندڙ هلڻ بعد مغربي ماڻهن کي جن، ڀوت ۽ روحن ۾ ٿورو گھڻو يقين ويهي ويو آهي، ان بابت هتي جي هڪ ٻن ڊاڪٽرن سان بحث ٿيو ته هو ٻڌائڻ لڳا ته اها فلم هڪ سچي ڪهاڻيءَ تي ٺهيل آهي ۽ ڇوڪريءَ جون اهڙي نموني سان دانهون ڪرڻ ۽ هٿ پير سُڄڻ، جن پوڻ جون نشانيون آهن. اها فلم ڏسڻ بعد اهو چوڻ ضروري آهي ته تندرستيءَ لاءِ رڳو دوا فائدو نٿي رسائي. دوا سان گڏ علم (دعا) جي به ضرورت آهي. توهان به اها فلم ڏٺي آهي توهان جو ان بابت ڇا خيال آهي..؟

ڊاڪٽر صالح: آئون نٿو سمجھان ته ضروري آهي ته اهڙيون نشانيون ڪنهن ۾ هجن ته ان کي جن چئجي يا خراب روح جو پاڇو سڏجي. ڇو ته هسٽريڪل ڪيس ٿي سگھن ٿا Psychiatric Disorders به ٿي سگھن ٿا ۽ جيسين اهي ڳالهيون ثابت نٿيون ٿين تيسين هر ڳالهه کي جن چوڻ ته مشڪل آهي. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن، نفسياتي وغيره جن جي خبر نٿي پوي پوءِ ان کي جن سان منسوب ڪيو ٿو وڃي، پر هڪڙي ڳالهه آهي ته انهن ٽوڻن ڦيڻن ۽ علم ۾ فائدو ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته گھڻي ڀاڱي اهي بيماريون جيڪي آهن سي هسٽريڪل آهن يا Psycho Neurotic Disorders آهن. جن ۾ ڪجھه به نه ڪرڻ تي به فائدو ٿيو وڃي. ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه مان، چاهي دوا يا علم جي Reaction کان ٿئي، چاهي ڪنهن ٻئي Factor مان فائدو ٿئي پوءِ پڇاڙيءَ ۾ جيڪا جهاڙ لڳي ته چوندا ته اها جھاڙ سٺي. اهو ڀوپو سٺو.

ساڳي طرح نانگ جو چڪ آهي. جھاڙ وجھايون ٿا، ڪيترن ۾ فائدو ٿئي ٿو ڪيترن ۾ نٿو ٿئي. ڪيترا نانگ آهن جي زهريلا آهن ۽ ڪيترا نه آهن. زهريلي نانگ جي چڪ جو فائدو ان قسم جي جهاڙ ڦوڪ مان نٿو ٿئي، پوءِ چوندا جھاڙ صحيح نه لڳي ۽ ٻئي قسم جي نانگ جي چڪ ۾ فائدو ٿيندو ته چوندا ته فلاڻي جھاڙ ڦوڪ ۽ جادوءَ مان فائدو رسيو.

ساڳي طرح ڪتي جو چڪ آهي. اسان جي ڳوٺن ۾ چوندا آهن ته فلاڻي ڀوپي وٽ وٺي وڃوس. فلاڻي تڙ تي وهنجاريوس. پوءِ اها خبر نٿي پوين ته Rabid ڪتو هوندو ته ان جي چڪ جو فائدو ڪونه ٿيندو. ٻي صورت ۾ فائدو ٿي ويندو. سو انهن ڳالهين: جھاڙ ڦوڪ، تڙ جي ڪا وقعت ناهي پر ڇاڪاڻ ته اهي بيمارين جا نمونا اهڙا آهن جو پاڻهي فائدو ٿيو وڃي- پوءِ چاهي ڪنهن ڦڻي لکي ڏني، چاهي ڪنهن پٽي پڙهائي. چاهي تعويذ ڏنو يا ڦيڻو ڦوڪيو. چاهي دم ڪيو يا بم ڪيو.

سوال : ڀلا دوا سان گڏ مريض جي دلجوئي ڪرڻ به ضروري آهي يا وقت جو ذيان…؟

ڊاڪٽر صالح: هاڻ اهو زمانو اچي رهيو آهي جنهن ۾ سائنسي طرح ثابت ٿي رهيو آهي ته جيڪي Symptoms ٿين ٿا سي سڀ بيماري جا نه آهن.

Most of the symptoms of the disease are not due to pathological-process in the body but the symptoms are due to the reactions of the disease on the person. It is the person who reacts to them.

مثال طور ٽي بي آهي. ڪنهن امير کي ٿوري کنگهه ٿي ته هو ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر دوا ڏنس ٺيڪ ٿي ويو. هن کان پڇبو ته ڇا ٿيو هئي؟ وراڻيندو ڪجھه نه، معمولي کنگھه هئي. اهو هن جو رد عمل Reaction آهي، پر جي ڪڏهن ڪو غريب هوندو، ڇهه مهينا پيو ڦرندو، پر ڊاڪٽر وٽ نه ويندو، چوندو متان ڊاڪٽر چوي ٽي بي آهي. پوءِ ڇا ٿيندو، بک نه لڳندس. ننڊ ڦٽِي پوندس. کاڌو حرام ٿي ويندس. پيو سوچيندو ته متان ٽي بي ٿي پويم. پوءِ ٻارن جو ڇا ٿيندو. مزوري يا نوڪريءِ جو ڇا ٿيندو. جنهن وقت هو ڇهن اٺن مهينن بعد ڊاڪٽر وٽ ويندو ته هو اها شڪايت ئي نه ڪندو ته اصل بيماري ڇا آهي، پر چوندو سائين سڄي بدن ۾ سور آهي، بک ڪانه ٿي لڳي. سائين پيٽ ۾ بار ٿو ٿئي. ٽنگ ۾ سور ٿو ٿئي. رات جو پگھر ٿو اچي. هاڻي اهي نشانيون Symptoms رڳو بيماريءَ جون نه آهن، پر اِهو اهو فڪر آهي جيڪو بيماريءَ سان ڳنڍيل آهي ۽ هاڻ توهان جي هن کي ٻڌايو ته توکي ٽي بي آهي ته هن جو اڌ ساهه ته نڪري ويندو. ٽي بي بيماريءَ جو واسطو ته رهي ٿو کنگهه سان. هاڻ هيڏا سارا ٻيا جي Symptoms آهن، جيڪي مريض اچي ڊاڪٽر کي ٻڌايا سي بيماري ڪري نه آهن، پر بيمار جا بيماري ڏي رد عمل جا آهن. هاڻ ان لاءِ ضروري آهي ته ڊاڪٽر مريض سان چڱيءَ طرح ويهي ڳالهائي ۽ هن جي نفسيات جي خبر لهي تڏهن ئي هن جي چڱي طرح دوا درمل ڪري سگھندو ۽ معلوم ڪري سگھندو ته هن جي بيماري جا ڪيترا Emotional سبب آهن ۽ باقي ڪيترو ڪڻو آهي جيڪو هن جي صحيح بيماريءَ جو آهي ۽ اهو تمام ضروري آهي ته بيماري کان اڳ مريض کي صحيح ڪجي، ڇو ته مريض هڪ پيچيده ۽ منجھيل مشينري آهي. بيماري ته فقط ان جو هڪ پروز آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجھه پراڻا حڪيم ڊاڪٽر کان مشهور آهن جو هو چڱي ريت ويهي مريض جي ڳالهه ٻڌن ٿا. هن جي دل وٺن ٿا. دوا کان وڌيڪ دلجوئي ۽ همت افزائي ڪن ٿا ۽ هن جون نفسياتي ۽ جذباتي پريشانيون دور ڪن ٿا. فقط مريض کي دوا ڏئي ڊوڙائي ڪڍڻ سان هن جو مسئلو حل نٿو ٿئي.

سوال: توهان جي زندگيءَ جو ڪو اهڙو واقعو جنهن توهان جي زندگي کي ڪو موڙ ڏنو هجي يا توهان لاءِ ناقابل فراموش هجي.

ڊاڪٽر صاحب: ها، هن وقت اهڙو واقعو ياد اٿم، جنهن جو سڄي زندگي سان ڪافي تعلق آهي. بلڪه اڄ جي نوجوان شاگردن لاءِ پڻ Guide Line ثابت ٿي سگھي ٿو.

آئون ننڍو هئس، بيحد غريب مائٽن جو ٻار. اسڪولي تعليم ختم ڪري ڪاليج ۾ گھڙي رهيو هئس. انهن ڏينهن ۾ سنڌي مسلمان ڇوڪرن جو انجنيئري ڏي لاڙو نه هو ۽ انهن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ پنجاهه رپيا ماهوار اسڪالر به آڇي وئي هئي بشرطيڪه هو اڳتي هلي انجنيئري کڻي. منهنجو شوق ڊاڪٽريءَ لاءِ هو، پر ٻئي طرف مائٽن جي غربت ۽ مجبوريون پئسي جي تنگي ڪري اهڙيون هيون جو دل ٻڏي تري رهي هئي ته ڇا ڪجي. انجنيئري کڻڻ ڪري اسڪالر به ملي رهي هئي. تعليم ختم مهل ڪلاس ون نوڪري به پڪي هئي، پر ٻي طرف منهنجو شوق ڊاڪٽريءَ ڏي هو. مون کي منجھيل ڏسي منهنجي بزرگ استاد حافظ محمد صادق ڪلاس ۾ گھرائي مون کي چيو:

“پٽ هي هڪ ڪمرو آهي. مون کي ٻڌاءِ هن ۾ ڪيترا ماڻهو ماپي سگھندا..؟ ڏهه، ويهه، پنجاهه، اڃا به جي هڪ ٻئي سان لڳي بيهن ته سئو سوا، هل سائين ٻه سئو کن..؟”

“ها سائين ٻه سئو کن لڳي بيهي سگھندا.” مون وراڻيون مانس. “سمجھه کڻي ٻه سئو، ان کان وڌيڪ هڪ به ماڻهو بيهي نٿو سگھي، پر ٿورو سوچ ته اهي ماڻهو ته رڳو هيٺ پٽ تي بيٺا آهن. مٿي ڇت تائين باقي اڌ ڪمرو ته خالي پيو آهي. جيڪڏهن ڪو چاهي ته اتي به بيهي سگھي ٿو.  سو ياد رک ته There is always a place on the top ماڻهوءَ کي مٿي اچڻ لاءِ هر وقت جاءِ خالي ملي ٿي. سو جيڪڏهن توکي ڊاڪٽري پڙهڻ جو شوق آهي ته لڳاتار محنت ۽ شوق سان هر مشڪل جو مقابلو ڪري پنهنجو اعليٰ مقام حاصل ڪري سگھين ٿو، چاهي مائٽ غريب آهن، پئسو ناهي، چاهي اڳهين ڊاڪٽر گھڻا آهن وڏي نوڪريءَ جو آسرو نه هجي ته به محنت سان جيڪر سٺو نمبر کڻي ويندين ته پاڻهي سڏي وڏي نوڪري ڏيندءِ. بس هر حال ۾ ڏکيو سکيو وقت ڪاٽي، محنت سان ناتو ڳنڍي تون پنهنجو مٿانهون ماڳ ماڻي سگھين ٿو.”

“ ان بعد آئون پڪي عزم سان ڊاڪٽريءَ ڏي مائل ٿي ويس”. ڊاڪٽر صاحب ڳالهه ختم ڪئي.

ڳالهيون ته اڃا به ڪيتريون ئي ٿي سگھن ٿيون، پر اسان ٻنهي کي پنهنجي ڌنڌي جي به ڪرڻي هئي. ڊاڪٽر صاحب کي ڪانفرنس / سيمينار اٽينڊ ڪرڻو هو مون کي جهاز جي مشينري پرزن کي آئنده جي ڊگهي سفر لاءِ تيل مک ۽ چڪاس ڪرڻي هئي. سو ڊاڪٽر جا ٿورا مڃي سندس هوٽل شيرٽن مان ٻاهر نڪتس. ٽئڪسيءَ لاءِ رستو ڪراس ڪيم. سامهون ئي هتي جي هاپڪن اسپتال ۽ ڪاليج هو جنهن مان سوين شاگرد چانهه پي رسيس يا لنچ لاءِ ٻاهر نڪري رهيا هئا. ايترا شاگرد ڏسي دل ۾ سوچيم ته سڀاڻي گريجوئيٽ ٿيڻ بعد آيا انهن سڀني کي سٺي نوڪري ملي سگھندي يا نه..؟ انهي گھڙيءَ ڊاڪٽر صالح واري ٻڌايل ڳالهه ياد اچي وئي ته هر انسان جيڪي محنت ڪري رهيا آهن سي هر دور ۾ سٺي نمبر سان امتحان پاس ڪري ضرور اعليٰ مقام ماڻي سگھندا ڇو ته ديئر از آل ويز اي پليس آن دي ٽاپ.

There is always a place on the top

…(پورو ٿيو)…

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments