ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي سنڌ جو ناميارو محقق ۽ نقاد
سنڌ جي ادبي تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ اڃان به ڪيتريون ناياب لکتون ۽ شخصيتون موجود هيون ۽ آهن، جن جي لکتن کي ادبي تاريخن ۾ جاءِ نه ملي سگهي آهي. هن وقت تائين جوڙيل ادبي تاريخن جي ذڪر ۾ انهن گمنام شخصيتن جي لکتن جو خال محسوس ڪندي ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هن وقت سنڌ جي نئين سر ڪا جديد ادبي تاريخ لکڻ جي ضرورت محسوس ڪجي ٿي. اسان جي سنڌي اديبن جيڪي تاريخون لکيون آهن تن ۾ سندن محنت ۽ پورهئي کي به فراموش نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي ادبي تاريخن جي مطالعي مان جيڪا ڳالھ آڏو اچي ٿي ته اسان جي سنڌي ادب جا اهڃاڻ سومرن جي دور کان ملن ٿا. اهو ادب نظم واري صورت ۾ ملي ٿو جنهن ۾ رومانوي قصا، گِنان، رزميه شاعري، دعائيه فقرا وغيره اچي وڃن ٿا. انهيءَ ابتدائي دور جي شاعريءَ جو اثر اڄ تائين قائم آهن، جنهنڪري اسان جي اڪثر شاعرن ۽ اديبن جو لاڙو انهن بنيادي شين ڏانهن برقرار آهي. اهو فطري عمل به آهي تنهن هوندي به وقت ۽ حالتن مطابق هرهڪ ليکڪ يا شاعر مٿان وقت جي ڌارا جو اثر ضرور ٿيندو آهي، جيڪو ان لکڻ واري جي انداز مان معلوم ٿيندو آهي. اسان جڏهن سنڌ جي مختلف شاعرن ۽ اديبن جي زندگي فن ۽ فڪر تي نظر وجهندا آهيون ته انهن تي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن جا اثر نظر ايندا آهن. ان حوالي سان قريشي حامد علي خانائي تي به ٻين شاعرن، محققن، نقادن ۽ مورخن جو اثر نمايان طور نظر اچي ٿو. مثال طور: اُن تي سندس والد ميان محمد يعقوب ”صابر“ قريشي، عبدالحئي ”جهانگي“، علامه عمر بن محمد دائود پوٽي، عبدالرحمان ”انجم“ هالائي، پير حسام الدين راشدي ۽ رحيمداد خان مولائي شيدائي جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. قريشي حامد علي خانائي جيڪا ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ جوڙي سا پهريان هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اُن کانپوءِ افسانه نگار، مضمون، نگار، محقق ۽ نقاد واري حيثيت ۾ پاڻ مڃرايائين.
خانائي پنهنجي انٽرويو ۾ چوي ٿو: ”منهنجي ادبي زندگي جي شروعات شعر ۽ شاعري سان ٿي. منهنجو والد قاضي ميان محمد يعقوب قريشي جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم پڻ هو، سن 1926ع کان 1950ع تائين سنڌي ادب تي ڇانيل رهيو. والد صاحب ورهاڱي کان اڳ ۾ ڪافيءَ جي صنف ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس ڪافيون وڏي تعداد ۾ ان وقت جي مشهور ڪلاڪار، ڀڳت جاڙا رام ڳاتيون، ڀڳت جاڙا رام اصل ۾ ٻٻرلوءِ جو ويٺل هو، پر پوءِ لڏي وڃي روهڙي وسايائين… منهنجي خاندان جي بزرگن جون سنڌي ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن. منهنجي والد صاحب جو سڳو سئوٽ، قريشي عبدالحئي ”جهانگي“ به هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. ان پسمنظر ۾ مون ”خادم“ تخلص رکي شاعريءَ جي شروعات ڪئي. شعر ۾ اصلاح والد صاحب ۽ آخوند عبدالرحمان ”انجم“ هالائيءَ کان ورتم، پر جلد ئي شاعريءَ کان منهنجي دل ڀڄي پئي ۽ مون افسانه نويسيءَ جي شروعات ڪئي. منهنجو پهريون افسانو ”هُوءَ ڪاري هُئي“ ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ مون پنهنجي نالي کانسواءِ ڇپرايو. (قريشي، 2011ع، ص، 18)
اهڙيءَ ريت حامد علي خانائي شاعري به ڪئي ۽ شاعرن جي روايت مطابق پنهنجو تخلص ”خادم“ رکيو. سندس علمي ذوق اڳتي هلي کيس تحقيق ڏانهن راغب ڪيو. جڏهن اسان حامد علي خانائي جي علمي ۽ ادبي تحقيقي خدمتن تي نظر وجهون ٿا ته سندس ادبي ڪمن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
1. تخليقي ادب
2. تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم
مذڪوره موضوعن جو تعلق حامد علي جي تحقيق ۽ تنقيد واري پهلو سان آهي ان ڪري سندس تخليق وارو ڪم صرف شروعاتي پنجن سالن جي عرصي تي مشتمل آهي. انهيءَ کانپوءِ گهڻو عرصو تحقيق واري ڪم ڏانهن ڌيان ڌريو اٿس، جيڪو سندس عمر جي آخري حصي تائين جاري رهيو. اسين مٿين موضوعن جي مناسبت سان حامد علي جي تحقيق ۽ تنقيد جو ذڪر ڪنداسين يعني اهو سندس ڪم مطالعي، مشاهدي، مشق، دلي جذبي ۽ جدوجهد سان تعلق رکي ٿو:
(الف) شاعراڻو دور 1954 کان 1955ع
(ب) افسانوي دور 1955ع کان 1959ع
مٿي انٽرويو مان ثابت ٿئي ٿو ته حامد علي پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات شاعري، افسانا ۽ مضمونن کان ڪئي آهي. انهيءَ عرصي يعني 1960ع تائين سندس تخلص ”خادم“ هو ۽ جڏهن تحقيق جي دنيا ۾ قدم رکيائين ته پنهنجو تخلص رحيمداد خان مولائي شيدائي جي صلاح تي تبديل ڪري قريشي حامد علي ”خانائي“ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين جيڪو 2010 يعني آخري دم تائين قائم رهيو. ڊاڪٽر خانائي انٽرويو ۾ چوي ٿو: ”آئون پنهنجي والد ۽ سندس سڳي سئوٽ عبدالحئي ”جهانگي“ کان متاثر ٿيس. اهڙيءَ طرح منهنجو علم ۽ ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. مون علم ۽ ادب ۾ ”شاعريءَ“ سان شروعات ڪئي، جنهن ۾ منهنجو استاد آخوند عبدالرحمان ”انجم“ هالائي هو. پاڻ هالن مان ماهوار ”فردوس“ ڪڍندو هو. ڪجھ وقت نوابشاھ ۾ اچي رهيو. هتي ”بزم رهنما“ ٺاهي ان طرفان هڪ وڏو مشاعرو ڪرايائين، جنهن جي صدارت مخدوم طالب الموليٰ ڪئي هئي. مون مشاعري ۾ پنهنجو ڪلام ”خادم“ تخلص هيٺ پڙهيو. ان وقت آئون پنهنجا مضمون حامد علي ”خادم“ جي نالي سان لکندو هئس، جيڪي محمد عمر راڄپر جي ادارت نوابشاھ مان نڪرندڙ رسالي ”رهنما“ ۾ شايع ٿيندا هئا. شاعريءَ کان مون کي پنهنجي والد منع ڪئي هئي، پوءِ مون افساني طرف رخ رکيو.“ (قريشي، 2011ع، ص: 26)
تحقيق جو طريقو:
ڊاڪٽر حامد علي خانائي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو، استاد، اديب، شاعر، نقاد ۽ محقق هو سندس خاص سڃاڻپ سندس تحقيقي ڪم آهي. سندس ادبي تحقيق جا ڪي پهلو کولجن ٿا ته ان ۾ سندس شوق، جذبو ۽ ادبي تبحر نظر اچي ٿو. سندس ڪمن ۾ جيڪو سلڇڻائي وارو گڻ نظر اچي ٿو، ان ۾ سندس پيشي جو به وڏو اثر نظر اچي ٿو. هڪ استاد جي حيثيت سان پڙهندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي، ان ۾ گرامر جي قائدن، قانونن جي پاسداري ڪيل آهي. ادبي تحقيق جي سلسلي ۾ تنقيدي اصول استعمال ڪندي ان کي هڪڙي تسلسل سان اڳتي وڌائي هرهڪ موضوع جي زاوين جو ادراڪ حاصل ڪيل آهي، جنهن مان تحقيقي ۽ تنقيدي شعور جو به پتو پوي ٿو. سندس تحقيق کي سمجهڻ لاءِ اسان جي سامهون، سندس ڪيترائي تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا ۽ تصنيفون آهن. مثال طور: سندس هڪ تصنيف ”وِکريل وٿون“ جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ جنهن انداز سان سيد عبدالحسين شاھ موسوي جي مضمونن جو جائزو پيش ڪري، انهن مضمونن مان ان جي فني، فڪري ڳالهين جي وچ ۾ تفريق کي سمجهائي ۽ ٺوس بنيادن تي انهن مضمونن کي ڪي منطقي ۽ تز معيار مقرر ڪيا آهن تن ۾ تمام گهڻو احتياط ۽ سندس ادبي ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. اهڙيءَ طرح سندس هڪ ٻي تحقيق ۽ ترتيب وارو ڪم جنهن جو عنوان آهي: ”الزليخا“ هن تحقيق تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کانپوءِ هن جي ادبي ڪم جي معلومات ملي ٿي ته مقدمي کان ويندي ان جي فڪري جائزي تائين جهڙي طرح تحقيق ۾ قيمتي معلومات ڏيئي اُن جا رخ روشن ڪيا ويا آهن، انهيءَ تحقيق ۽ ترتيب ۾ اڪيڊمڪ جي سڀني پهلوئن کي ڪتب آڻيندي، ڊاڪٽر حامد علي خانائي ادبي تحقيق ۽ ترتيب جي اصولن سان واقعن کي هڪڙي تسلسل ۽ تاريخ جي روشني ۾ پير حسام الدين راشدي جي لکيل مذڪوره قصي کي ڇنڊي ڇاڻي سائنسي انداز ۽ نون رخن سان ڏسي وائسي گهرو مطالعو ڪري جتي جتي جن شين جي ضرورت محسوس ڪئي، تن ڳالهين کي قصي ۾ شامل ڪري ان ۾ جيڪا نواڻ پيدا ڪئي آهي، سا ڳالهه هڪ غور ويچار وارو ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو ته اڳ ۾ لکيل پير صاحب واري قصي ۾ حامد علي خانائي ڪيتري قيمتي معلومات ڏيئي ان ۾ اضافو ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو قريشي حامد علي هن قصي ۾ خيال خواھ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪٿ ۽ تڪ تور ڪري هن قصي کي جديد انداز سان ناوليٽ واري شڪل ۾ آندو آهي. اهڙيءَ طرح سان ڊاڪٽر حامد علي خانائي چئن ڪتابن کي تحقيق ۽ ترتيب جي صورت ۾ آندو آهي. مٿي ٻن ڪتابن جي ذڪر کانپوءِ هتي سندس ٽئين ڪتاب ”ايڇ. ايم. خوجا هڪ مثالي استاد“ کي به ڏسي سگهجي ٿو. چئني ڪتابن جي تحقيق ۽ ترتيب وارو مثالي ڪم ڪيو آهي. سندس اهڙي تحقيق ۽ ترتيب وارو ڪم هميشه سنڌي ادبي تاريخ ۾ امر رهندو. ڊاڪٽر حامد علي خانائي پنهنجي تحقيق ۽ ترتيب واري ڪم ۾ جهڙيءَ طرح اڳ واري تحقيق ۾ جيڪي اضافه آندا آهن اهڙيءَ طرح سندس وڏي جاکوڙ نظر اچي ٿي. پير حسام الدين راشدي مرحوم جي لکيل قصي ۾ اڳ ۾ مڙني ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪن قلمي نسخن کي آڏو رکي انهيءَ مان مفيد ڳالهيون پيش ڪري ان ۾ گهڻي کان گهڻي نين شين جو اضافو ڪري قصي کي شاندار بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. قريشي حامد علي خانائي هڪ محقق ۽ نقاد هو ان ڪري پير صاحب جي هڪ هڪ ڳالهه جو غور ويچار سان اڀياس ڪيو ويو آهي. هن قصي کي جيئن مٿي چيو ويو آهي ته ناول جي صورت ۾ ۽ صحيح رخن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي تاريخي ڳالهيون جيڪي هن قصي سان لاڳاپيل آهن تن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري هن نازڪ ڪم کي ڪيترين سمجهاڻين ۽ مثالن، احوالن جي روشني ۾ پيش ڪري تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي، ڪابه ڳالهه ڌڪي بازي سان ۽ دليلن کانسواءِ پيش نٿو ڪري. راقم الحروف ذڪر هيٺ ايندڙ چئني ڪتابن ”وِکريل وٿون“، ”الزليخا“ ۽ ”ايڇ. ايم. خوجا هڪ مثالي استاد“ ۽ ”موئي مبارڪ روهڙيءَ ۾ حضورﷺ جي وار مبارڪ جي تاريخ“ جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ قريشي حامد علي خانائي جي گهڻي کان گهڻي محنت نظر اچي ٿي. اِهو تحقيق ۽ ترتيب جو ڪم ڏکيو آهي، جنهن کي انگريزي ۾“Editing” چيو وڃي ٿو. هي هڪ وسيع فن آهي، جنهن کي ڊاڪٽر حامد علي خانائي ڏاڍي دلچسپ نموني پنهنجي ذوق ۽ دلچسپي سان ادبي تاريخ جي اصولن مطابق آڻڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف سندس ادبي تحقيق جو معيار نظر اچي ٿو.
پير صاحب واري ڪم ۾ اُن کي ڪيترن ئي حوالن ۽ دليلن سان اضافو ڪيو آهي سو قابل تحسين آهي. ”الزليخا“ ۾ اڳ ۾ پيش ڪيل پراڻن ۽ ٻين ڇاپن جي وضاحت ۽ مختصر تعارف پيش ڪري هڪڙي تسلسل ۾ قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي به ملايو آهي، جنهن مان سندس ادبي تحقيق وارو ذوق ۽ محنت تقاضا ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف جملي معاملا جيڪي هن ڪتاب ۾ رهيل آهن انهن کي نئين شڪل ۾ پوري صحتمندي ۽ درست طريقي سان شامل ڪيو آهي. تحقيق ۽ ترتيب جي جائزي مان اها به ڳالهه نظر اچي ٿي ته ترتيب جي ڪم جي مڪمل ڪرڻ جي واٽ ۾ محقق کي ڪيترين ئي ڏکاين مان به گذرڻو پوي ٿو، جن مان ڪجهه مثال هي آهن:
محقق ”الزليخا“ جي ڇاپي ۽ قلمي نسخن جا اصل متن تلاش ڪيا آهن. اصل متن جي لاءِ محقق کي ڪنهن هڪ شهر يا مختلف شهرن جو سفر ڪرڻو پيو. ڇاڪاڻ جو گهربل متن هڪ جاءِ ملي سگهي ٿو، اڃان به ممڪن آهي، ته اهو ڇڙوڇڙ حالت ۾ مختلف جاين تان مليو آهي، ٻنهي صورتن ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ڀڄ ڊُڪ مان سندس تحقيق وارو جذبو نظر اچي ٿو.
محقق کي ڪو هڪ قلمي يا ڇاپي وارو نسخو هڪ جڳھ تان ملي ٿو ته وري ٻئي جي تلاش ۾ لڳي وڃي ٿو، قلمي ۽ ڇاپي وارن نسخن جي ڀيٽ ڪري انهيءَ کي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
محقق ڪتابن جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ جديد انداز ۾ هن ڪتاب کي عملي طرح تحقيق ۽ ترتيب جو روپ ڏيئي ناول جي شڪل ۾ آندو آهي.
ڊاڪٽر حامد علي خانائي خاص طور پير حسام الدين راشدي، سيد عبدالحسين شاھ موسوي، ايڇ. ايم خوجا ۽ مولوي محمد طالب جي ڪم ۽ ڪارڪردگين کي عملي صورت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ متن جي تصحيح، متن جي ڇنڊ ڇاڻ، مرتب جي محنت، تحقيقي ۽ تنقيدي ترتيبي تجزيي کان ويندي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ تائين فوٽ نوٽن ۾ اهم تحقيق پيش ڪري پنهنجي قابليت کي اجاگر ڪيو آهي. اهو ضروري نه آهي ته هر هڪ محقق اهڙي طرح صحيح نموني سان حقيقتن کي ڳولي لهي ۽ مناسبت سان واقعن جي ترتيب ڏيڻ ۽ خالص منطقي نموني پنهنجي تحقيق ۽ ترتيب واري ڪم کي انهيءَ نهج تي پهچائي نتيجن ڪڍڻ جي اهڙي صلاحيت رکندو هجي. انهيءَ لاءِ اهو ضروري نه آهي ته هرهڪ محقق جي ذهني صلاحيت هڪ جهڙي هجي جو پنهنجي تحقيق ۽ ترتيب واري عمل ۾ پوري آدابن سان گڏ سموري تحقيق کي مرتب ڪري سگهي ۽ سموري ڪم تي مڪمل دسترس به رکندو هجي. بهرحال ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي تحقيق ۽ ترتيب واري ڪم مان ان جي تحقيقي طريقيڪار جي واقفيت ۽ جذبو به نظر اچي ٿو. مذڪوره چئني ڪتابن جي تحقيق ۽ ترتيب ۾ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جي ذهني، فڪري صلاحيتون ۽ توانائي به نظر اچي ٿي ۽ ٻئي طرف سندس تحرير جو انداز ۽ اسلوب پرتاثير ۽ واقعن کي تسلسل سان انگن ۽ اکرن ۾ به بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا سندس تحقيق جي جان آهي انهيءَ تحقيق کي ڏسي ايئن چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نٿو ڪريان ته ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو پڻ ادبي تحقيق جي حوالي سان وڏو درجو نظر اچو ٿو. هتي هڪ مثال سندس تحقيق مان پيش ڪريان ٿو ته هڪ علمي شخصيت مولانا قاضي نظر محمد ديهاتي بابت لکي ٿو ته: ”ساهتيءَ“ ۾ جيڪي عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، انهن مان قاضي نظر محمد سومرو ديهاتي به هڪ بلند پايي جو عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. قاضي صاحب درويش صفت، بزرگ صورت، علم جو بحر، فيض جو درياھ، مرد ڪامل، عالم فاضل ۽ سر زمين سنڌ لاءِ هڪ املھ گوهر هو.“ (خانائي: 2006ع، ص، 210).
…(هلندڙ)…