خاص

ڊاڪٽر ماها جو موت ڪيئن ٿيو؟ پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي

ڪراچي ڊفينس ۾ ڊاڪٽر ماها جي موت جو معاملو حل نه ٿي سگهيو ۽ پوليس اڃان تائين واقعي جو مقدمون به درج نه ڪيو. ڊفينس فيز-4 ۾ ڊاڪٽر ماها علي جي مبينا خودڪشي جي حوالي سان پوليس تفتيش شروع ڪري ڇڏي آهي. ابتدائي تفتيش مطابق ماها علي پنهنجي والدين ۽ ننڍن ڀينرن ڀائرن سان گڏ مقيم هئي ۽ خودڪشي کان پهرين هن جي پنهنجي والد سان تلخ ڪلامي ٿي هئي. ڊاڪٽر ماها ڪافي عرصي کان گهريلو پريشاني جو شڪار هئي. ڊاڪٽر ماها غير شادي شده هئي ۽ 15 ڏينهن اڳ سندس والدين گهر مسواڙ تي ورتو هو. ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جي مطابق نائن ايم ايم پستول سان گولي ويجهي کان هلائي وئي، ميگزين ۾ ٽي گوليون هيون جن مان هڪ هلي آهي. پوليس جو چوڻ هو ته خودڪشي ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار تحويل ۾ ورتو ويو آهي جنهن متعلق معلومات ورتي پئي وڃي. گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته هٿيار ڊاڪٽر ماها جو ناهي، ڊاڪٽر جي دوستن کان به معلومات ورتي پئي وڃي ۽ موبائل فون جي ڊيٽا به ورتي ويندي.