ادب

ڍڳي ۽ سامراجي ايجنٽ

درد ونديءَ جو ديس ٿر ڇا وسيو هو، برپٽ ۾ بهاري اچي وئي هئي. اڳ جيڪي ڀٽون ڀڙ ڀانگ لڳيون پيون هيون. ڍورن ۽ هيٺائين ۾ جتي سڪ ٽاڪ هئي. هر طرف ويرانين جا دورا هئا. ان اڃايل ڌرتي جي اڃ ڪڪرن اچي لاٿي هئي. پياسي ڌرتيءَ تي مينهن ڪڻيون پيون ته خوشيءَ مان مهڪي پئي. ڌرتي ائين لڳي رهي هئي ڄڻ ڪنهن اپسرا سيني تي سائي چادر اوڍي ڇڏي هجي. گاهه ۽ ٻوٽن ۾ ساهه پئجي ويو هو. جنهن کي جتان وارو مليو اتان ڦٽي پيو. زمين تي موجود وڻ جيڪي سڪا بنڊ بڻجي ويا هئا سي هاڻي چهچ ساوا ٿي پيا، جن کي جيڪو ڏسي ته اندر ٺري پويس. ٿري ماروڙن جو مال متاع جيڪو بک ۽ اڃ ۾ پاهه ٿي پيو هو، تنهن جو ترايون تار ڏٺيون ۽ ڀٽون ساوڪ سان ڀريل ڏٺيون سو ڊوڙندو اوڏانهن ويو. اندر جي اڃ ۽ بک کي اجهائي سائو ستابو ٿي پيو. ماڻهو ۽ ڍور ته خوش هيا ئي هئا، پر مورن ۾ به ٽهوڪار پئي هلي، اهي به جڏهن پنهنجا پر کولي ناز مان پئي هليا ته ٿر جي حسن کي چار چنڊ لڳي ٿي ويا. ڪارونجهر جبل پنهنجي اوچي ڳاٽ سان ڪنهن گهوٽ جيان سهڻو لڳي رهيو هو. مصور جي هن شاهڪار کي ڏسڻ لاءِ سنڌ توڙي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو گهمڻ پئي آيا. ٿر جا اهي منظر ڏسي ڏسڻ وارن کي اهو ضرور مڃڻو پئي پيو ته قدرت ٿر کي کليل قدرتي ميوزيم ڪري ٺاهيو آهي. جنهن جي هر منظر ۾ دلفريبي آهي. سج لهڻ ٻڏڻ وارو ٿيو ته ماڻهن جي موٽ مٺي شهر جي گڊي ڀٽ ڏانهن ٿي. ڏسندي ڏسندي ماڻهن جا ميڙا مچڻ شروع ٿي ويا. گڊي ڀٽ تان مٺي شهر ٻرندڙ بتين سبب ڪنوار جيان سهڻو لڳي رهيو هو. ڌرتي جو هي حسن ڏسي چنڊ شرم وچان ڪڪرن ۾ پئي لڪيو. ڪلٽس گاڏيءَ ۾ سوار ڪامريڊن به گهمي ڦري اچي گڊي تي ٺڪاءُ ڪيو هو. جيڪي ڀٽ جي مختلف پاسن وٽ بيهي فوٽو ڪڍرائڻ کانپوءِ ماڻهن جي ميڙ کان ٿورو پر ڀرو وڃي ويٺا.

“ڪامريڊ جهڙي ريت اکين سان مشاهدو ڪري ڏٺو آهي ته ٿر ته تيزيءَ سان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيو آهي، هٿرادو ترقي جي نالي ۾ ٿرين سان ته ويڌن ٿي رهي آهي. سمورن منصوبن تان ٿرين کي پري رکي ٻاهرين لوڌ کي آندو ويو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته مستقبل قريب ۾ ٿر جا اصل رهواسي ڌڪجي پوئتي هليا ويندا ۽ ڌاريا ماڻهو قابض ٿي ويندا. جهڙي نموني سان روڊ رستا ٺهن ٿا، ٿر ڪول تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، ان صورتحال کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ته ٿر جو مستقبل ڪٿي بيهندو؟ ٿري ماڻهو جو ان ۾ ڪيترو ڪردار هوندو.؟” هڪ نوجوان ڪامريڊ صورتحال تي تبصري سان گڏ سوال رکيو.

سينيئر ڪامريڊ گولڊ ليف جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي لائيٽر سان دکايو، هڪ نظر هيٺ شهر ڏانهن وجهي ڳالهائڻ شروع ڪيو.

“عالمي سامراج هميشه مظلوم قومن جي پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ ڪندو رهيو آهي، ٿر به هن مهل ان لاءِ اهم آسامي آهي. جنهن جو ڪوئلو سندس دلچسپيءَ جو وڏو سبب آهي. هي جديد ۽ بهترين روڊ رستا سڀ سرمائيدارن پنهنجي ئي سک لاءِ ٺاهيا آهن ته جيئن هو سولائي سان مال جي رسد پهچائي سگهي. تنهن ڪري اهو انومان بلڪل درست آهي ته ٿري ماڻهو وڏي ويل ۾ پوڻ وارو آهي. ان لاءِ اسان کي ڪا جدوجهد ڪرڻي پوندي.”

“ڪامريڊ پر پنهنجو ٿر سان ڇا پاڻ ته انٽرنيشنلسٽ آهيون اسان کي ته عالمي ليول جي سوچ رکڻ گهرجي، دنيا ۾ ڇا ٿو وهي واپري اتي سامراج ڪهڙيون ٿو چالون کيڏي، چين ۽ آمريڪا جو اقتصادي جهيڙو ڪٿي ٿو دنگ ڪري، روس ڇا ٿو ڪري، يورپ ڪيڏانهن ٿو وڃي. پاڻ کي ته انهن معاملن کي ڏسڻو آهي يا هن ٿر جي واري ۽ ڪوئلي تي اٽڪي بيهون.؟”

هڪ ڪامريڊ خفا ٿيندي ڀاشن ڏئي ويو.

“بروبر بروبر توهان درست ٿا فرمايو پاڻ انٽرنيشنلسٽ ئي آهيون، پر اسان کي دنيا سان گڏ ٿر ڏانهن به ضرور ڏسڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اسان جو بنياد ته وري به سنڌ آهي اسان پاڻ کي ان کان ڪٽي نه ٿا سگهون. ٿر جو پورهيت به اسان کي اهڙو ئي پيارو آهي جهڙو ٻئي دنيا جو پورهيت، ٿري پورهيت جي مالڪي به اسان کي ئي ڪرڻي پوندي. ڇو ته پورهيتن جا حقيقي هڏڏوکي ۽  وارث ته اسان ئي آهيون.”

سينئير ڪامريڊ سڄو هٿ سيني تي ۽ کٻي هٿ سان ڪش هڻي فخريه انداز ۾ چيو.

ڪچهريءَ ۾ برانڊيڊ شراب جي بوتلن جا ٻوچ کلندا ۽ پيگ ٺهندا رهيا. رات ڪيئن گذري وئي ڪنهن کي ڪا خبر ئي نه پئي. چنڊ ڊيوٽي پوري ڪري وڃڻ لڳو ته سج پنهنجي ڪمان سنڀالي، اونداهه ڀڄڻ لڳي ۽ روشني ديرو ڄمائڻ شروع ڪيو. ڪامريڊ به ٿڙندا ٿاٻڙندا اٿيا ۽ اچي ڪار ۾ ويٺا. ڪار زوزاٽ ڪندي شهر کان ٻاهر نڪتي ته روڊ پار ڪندڙ هڪ ڍڳي سان وڃي لڳي جيستائين ڪار کي بريڪ لڳي تيستائين ڍڳي کي گهليندي وئي.

ڪامريڊن وائڙائپ مان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، سينيئر ڪامريڊ کين هٿ جي اشاري سان دلجاءِ ڏيندي هيٺ لهي ڏٺو ته روڊ رت سان ڳاڙهو ٿي چڪو هو ۽ ڍڳي مري چڪي هئي. هڪٻئي کي پريشان نظرن سان ڏسڻ لڳا ته ٿري پوڙهو ڊوڙندو اچي پڳو.

“اڙي مون مسڪين سان ناحق ٿي ويو، منهنجي ٻچن جي گذر جو اڪيلو سهارو کسجي ويو ابول هي ڇا ٿي ويو.!؟” پوڙهو اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندي چوندو رهيو.

“پوڙها اهو ڊرامو بند ڪر، ڪهڙي سامراج جو ايجنٽ آهين؟ ڪنهن کان پئسا وٺي اسان کي مارائڻ لاءِ اها سازش ڪئي اٿئي؟

سينئير ڪامريڊ ڏاڪا ٻڌي پوڙهي تي چڙهي ويو.

“ڇا ٿا چئو ابا مان توهان کي ڇو ماريندس، منهنجي ڍڳي ته توهان ماري آ.”

“اڙي وري اسان ماري آ؟ تون پاڻ وچ روڊ تي ڍڳي ڪاهي آئين ته جيئن هنن جي ڪار وڃي ڪلٽي ٿئي.”

“وچ روڊ ڪٿي هو!؟ ڍڳي ته پنهنجي واٽ سان پئي وئي توهان وڃي پويان ڪار ٺوڪي اٿس.” پوڙهي خار مان وراڻيو.

“مون کي ته هي پوڙهو عالمي سامراج جو ايجنٽ ٿو لڳي.”

هڪ ڪامريڊ ڍڳي ڀرسان ويٺل پوڙهي جي منهن ۾ گهوريندي چيو.

“ابا مون مسڪين جو ڪو داد فرياد ڪريو، منهنجي ته چلهه ئي وسامي وئي.”

پوڙهي پوتڙي سان ڳلن تي وهي آيل ڳوڙهن کي اگهندي چيو.

“ڏس پوڙها تو جيڪا سامراجي چال کيڏي ان ۾ ناڪام ٿي وئين، اسان چاهيون ته توکي قومي ڏوهاري قرار ڏئي سخت سزا ڏياري ڇڏيون، پر وري به اسان تنهنجي پورهيت ڪلاس تي رحم کائيندي توکي معاف ٿا ڪيون، وڏي ڳالهه ته ڍڳي جي ٽڪر سان جيڪو ڪار کي نقصان پهتو آهي اهو به بخش ٿا ڪريون.”

ٿري پوڙهو همراهن جون عجيب ڳالهيون ٻڌي هيسجي ويو. ڪامريڊن هڪٻئي کي اکين جي اشارن سان نڪري هلڻ جو چيو، گاڏي نڪري هلي ته ڪامريڊ پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي تي ٽهڪ ڏيندا گم ٿي ويا.

***