ڏات بابت ڪي حقيقتون (قدرتي جينز جو ڪڏهن فرق پوي ٿو ۽ ڪڏهن نه!) باب اوڻيهو ليکڪ: جيمس ڪليئر سنڌيڪار: فضا قريشي
ڪيترائي ماڻهو مائڪل فيلپس کا واقف هوندا، جيڪو تاريخ ۾ مشهور رانديگر ۽ ايٿليٽ رهيو آهي. هن نه فقط ڪنهن به تيراڪ کان وڌيڪ اولمپڪ تمغا کٽيا آهن، پر هن سمورن اولمپڪ رانديگرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تمغا حاصل ڪيا آهن. ڪجھ ماڻهو هچام ايل گيورو کان به واقف هوندا. هو پنهنجي ذات ۾ بهترين کلاڙي هو. ايل گيورو اصل موراڪو جو هو جنهن ٻه ڀيرا اولمپڪ ۾ سون جا تمغا حاصل ڪيا ۽ پنهنجي دور جو هو ڊوڙ ۾ انتهائي سلجهيل کلاڙي سمجهيو ويندو هو. ڊگھي ڊوڙ ۾ هن دنيا جا رڪارڊ قائم ڪيا. ڪيترن سالن تائين هن 1500 ميٽر ۽ 2000 ميٽر جي ڊگهين ڊوڙن ۾ دنيا جو رڪارڊ پئي قائم رکيو. ايٿنس، يونان ۾ ٿيل 2004 واري اولمپڪس راندين ۾ هن 1500 ميٽر ۽ 5000 ميٽر واريون ڊوڙون کٽيون.
اهي ٻئي کلاڙي ڪيترن لحاظن کان هڪٻئي کان مختلف آهن، مثال طور: هڪڙي جي راند خشڪي سان آهي ته هڪڙي جي پاڻي سان، پر سڀ کان قابل ذڪر ڳالھ اها آهي ته ٻنهي جي قد ۾ نمايان فرق هو. ايل گيورو جو قد پنج فوٽ نو انچ هو، جڏهن ته فلپس جو قد ڇھ فوٽ چار انچ هو. قد ۾ ستن انچن جي فرق جي باوجود ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالھ هڪجهڙي هئي، اِها اُها ته ٻنهي جي پتلونن جي ان سيم يعني ٽنگن جي اندروني سلائي هڪ جيتري هئي.
اهو ڪيئن ممڪن هو؟ فيلپس جو ٽنگون هن جي قد جي مقابلي ۾ ننڍيون هيون ۽ ايل گيورو جون ٽنگون غير معمولي حد تائين ڊگھيون هيون ۽ سندس مٿيون ڌڙ ننڍو هو. ان قسم جي جسامت ڊگھين ڊوڙن لاءِ انتهائي موزون هوندي آهي.
هاڻي ٿورو سوچيو ته اهي ٻئي دنيا ۾ مشهوري ماڻيندڙ رانديگر جيڪڏهن هڪٻئي سان راند مٽين ته ڇا ٿيندو؟ مائيڪل فيلپس جي غير معمولي قد ڪاٺ کي سامهون رکي ڇا اهو چئي سگھجي ٿو ته گھربل تربيت کانپوءِ هو اولمپڪ جي معيار مطابق ڊگھن فاصلن جو رنر بڻجي سگھندو؟ اهڙن امڪانن جي ٿيڻ جا چانس گھٽ آهن. ساڳي ريت فيلپس جو وزن 194 پائونڊ هوندو هو جيڪو ايل گيورو جي وزن کان 40 سيڪڙو وڌيڪ هو، جنهن جو وزن مقابلي ۾ حصو وٺڻ وقت اتنهائي گھٽ يعني 138 اضافي پائونڊ هو. ڊگھي رنر جو وزن وڌيڪ نه ٿيندو آهي ۽ جڏهن مامرو ڊگھي ڊوڙ جو هجي ته هڪڙو هڪڙو پائونڊ عذاب لڳندو آهي. اعليٰ معيار جي کلاڙين سان مقابلو ڪندي فيلپس ڊوڙڻ کان اڳي ئي هارائي وڃي ها. اهڙي ريت، گيورو تاريخ جي بهترين رنرز مان ته هڪڙو ٿي سگھي ٿو، پر ان جا چانس تمام گھٽ آهن ته هو تيراڪ جي حيثيت سان ڪڏهن اولمپڪ لاءِ ڪواليفائي ڪري سگھي ها. 1976 کان وٺي 1500 ميٽر جي ڊوڙ ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ وارن مردن جو سراسري قد پنج فوٽ 10 انچ رهيو آهي. تيراڪ عام طور تي ڊگھي قد، ڊگھي چيلھ ۽ ڊگھين ٻانهن وارا ٿين ٿا جيڪي پاڻي ۾ سٺي نموني زور لڳائي سگھن. گيورو ترڻ جي تالاب ۾ گھڙڻ کان اڳي ئي هڪڙي بنيادي نقص جو شڪار هجي ها.
ڪاميابي جي امڪانن کي وڌائڻ جو راز اهو آهي ته مقابلي لاءِ صحيح ميدان جي شناخت ڪئي وڃي. اها ڳالھ جيتري راندين ۽ ڪاروبار تي لاڳو ٿئي ٿي اوتري ئي عادتن جي تبديلي تي پڻ لاڳو ٿئي ٿي. عادتون جيڪڏهن اوهان جي قدرتي اهليتن ۽ جبلتن سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون ته انهن کي دهرائڻ آسان ۽ انهن تي ڪاربند رهڻ تسڪين بخش ٿي پوي ٿو. تيراڪي ۾ فيلپس وانگي يا وري ڊوڙن جي ٽريڪ تي گيورو وانگي، اوهان به ان راند ۾ حصو وٺڻ چاهيندا آهيو جتي امڪان اوهان جي حق ۾ هجن.
ان حڪمت عملي کي اپنائڻ لاءِ ان سادي حقيقت کي قبول ڪرڻو پوندو ته ماڻهو هڪ ٻئي کان مختلف صلاحيتون کڻي پيدا ٿين ٿا. ڪافي ماڻهو ان حقيقت تي ڳالهائڻ پسند نٿا ڪن. بظاهر اوهان جا جينز غير متحرڪ هوندا آهن ۽ اهڙين شين تي ڳالهائڻ جو ڪو فائدو ناهي، جن تي اوهان جو ڪنٽرول نه هجي. ان کان علاوه، حياتياتي گڻ جهڙو اصطلاح اهو تاثر ڏئي ٿو ته ڪجھ ماڻهن جي تقدير ۾ ڪاميابي ۽ ڪجھ ماڻهن جي تقدير ۾ ناڪامي لکيل هوندي آهي، پر روين جي مامري ۾ جينز جي اثرن جو حوالو ڏيڻ ڪوتاهه نظري جو مظاهرو ڪرڻ آهي.
جينياتي قوت ئي ان جي ڪمزوري به آهي. جينز کي آساني سان مٽائي نٿو سگھجي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته سازگار حالتن ۾ اهي زبردست قوت فراهم ڪن ٿا ۽ ناسازگار حالتن ۾ انتهائي ڳنڀير قسم جي ڪمزوري بڻجيو پون. جيڪڏهن اوهان باسڪٽ بال جي ٽوڪري تائين ڪڏ ڏيئي مٿان کان بال وجهڻ چاهيو ٿا ته ستن فوٽن جو قد انتهائي مناسب رهندو، پر جي اوهان جمناسٽڪ ۾ حصو وٺڻ چاهيو ٿا ته ساڳيو ستن فوٽن جو قد وڏي رڪاوٽ بڻجي پوندو. اسان کي ميسر ماحول فيصلو ڪندو آهي ته اسان جا جينز ڪيترا فائديمند آهن ۽ اسين پنهنجي قدرتي صلاحيتن مان ڪيترو فائدو وٺي سگھون ٿا. جڏهن ماحول تبديل ٿي ويندو آهي ته ڪاميابي جو تعين ڪندڙ اوصاف به مٽجي ويندا آهن.
جسماني خصوصيتن سان گڏوگڏ اهو اصول ذهني وصفن تي به لاڳو ٿئي ٿو. جيڪڏهن اوهان مون کان عادتن ۽ انساني روين بابت سوال ڪيو ته ٿي سگھي ٿو ته ان بابت مان وڏو ذهين ۽ عقلمند ٿي سگھان ٿو جيڪو ان مامري تي راءِ ڏئي، پر جيڪڏهن اوهان راڪٽ جي پرواز يا گٽار جي سرن يا سئيٽر اڻڻ بابت پڇو ته صورتحال تبديل ٿي ويندي. قابليت جو ان وقت جي حالتن سان گھرو تعلق آهي.
ڪنهن به شعبي ۾ چوٽي تي رسڻ وارا ماڻهو به فقط اعليٰ تربيت جا حامل هوندا آهن، پر اهي پنهنجي ڪم لاءِ موزون صلاحيت پڻ رکندا آهن. ۽ اهو ئي سبب آهي ته جيڪڏهن اوهان حقيقي عظمت حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي توجهه صحيح شعبي تي لڳايو. مختصر اهو ته جينز اوهان جي تقدير جو فيصلو نٿا ڪري سگھن، ڊاڪٽر گابورميٽ جي چوڻي آهي ته ”جينز اوهانجي رجحانن جو ته اڳواٽ فيصلو ڪري سگھن ٿا، پر اوهان جي تقدير جو نه.“ جينز جي ڪري جن شعبن ڏانهن اوهان جو رجحان پيدا ٿئي ٿو اهو ان ڏانهن اوهان جو قدرتي لاڙو جوڙي ٿو ۽ انهيءَ ڏس ۾ اوهان جي عادت اوهان کي تسڪين ڏيئي سگھي ٿي. مطلب ته اوهان پنهنجي محنت جو رخ ان شعبي ڏانهن موڙيو جنهن ۾ نه صرف اوهان جي دلچسپي هجي، پر اهو اوهان جي قدرتي صلاحيت سان به مطابقت رکندو هجي يعني پنهنجي خواهش کي پنهنجي اهليت سان جوڙيو.
هتي هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ”مون کي ڪيئن خبر پوي ته ڪٿي امڪان منهنجي حق ۾ آهن؟ انهن موقعن ۽ عادتن کي ڪيئن سڃاڻجي جيڪي منهنجي لاءِ بهتر آهن؟“ جواب حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو پهريون ڪم آهي سو اهو ته پنهنجي شخصيت کي سڃاتو وڃي.
عادتن تي شخصيت جو اثر:
اوهان جي هر عادت جي پٺيان اوهان جا جينز ڪم ڪندا آهن. بلڪه ائين چوڻ به غلط نه ٿيندو ته هر رويي جي پٺيان اوهان جا جينز ئي آهن. تحقيق ٻڌائي ٿي ته اوهان ڪيتري دير ٽي وي ڏسو ٿا، ان ڳالھ کان وٺي اوهان جي شادي ڪرڻ يا طلاق ڏيڻ جي امڪانن ۽ منشيات، الڪوحل يا نڪوٽين جي عادي ٿيڻ جي رجحانن تائين جينز هر شيءِ تي اثر انداز ٿين ٿا. حاڪم آڏو اوهان ڪيترا تابعدار ٿيندو يا سرڪش ٿيندو، ذهني دٻاءُ پيدا ڪرڻ واري صورتحال اوهان کي ڪيترو متاثر ڪندي، اوهان شروعات ڪندڙ آهيو يا فقط پوئيواري ڪندڙ يا ڪنهن به ڪانسرٽ دوران اوهان ڪيتري دلچسپي وٺو ٿا ۽ ڪيترا بور ٿيو ٿا، انهن سڀني ڳالھين تي جينز جو گھرو اثر آهي.
اوهان جون جينياتي خصوصيتون ملي اهو فيصلو ڪنديون آهن ته اوهان جي شخصيت ڪهڙي هوندي. اوهان جي شخصيت انهن خصوصتين جو مجموعو هوندي آهي جيڪي هر صورتحال ۾ هڪ جهڙيون رهنديون آهن. شخصي خصلتن جو سڀ کان وڌيڪ ثابت شده سائنسي تجزيو بگ فائيو يعني پنج خصلتون سڏجن ٿيون، جنهن تحت روين کي پنجن پيمانن ۾ ورهايو ويو آهي.
- تجربن تي آمادگي: هن پيماني جي هڪڙي انتها تي اهي ماڻهو آهن جيڪي تجسس ۽ جدت پسند هجن ٿا ته ٻي انتها تي اهي جيڪي محتاط ۽ مستقل مزاج.
- ضمير پرستي: هن پيماني جي هڪڙي انتها تي اهي ماڻهو آهن جيڪي منظم، جفاڪش ۽ ذميدار هجن ٿا ته ٻي انتها تي اهي جيڪي بي فڪرا ۽ بي ساخته.
- ظاهر بيني: هن پيماني جي هڪ انتها تي اهي ماڻهو آهن جيڪي ملنسار ۽ پرجوش ته ٻي انتها تي اهي جيڪي تنهائي پسند ۽ پنهنجو پاڻ ۾ رهڻ وارا. هڪڙن کي چئجي ٿو ظاهر بين ۽ ٻيا باطن بين.
- مواقفت: هن پيماني جي هڪڙي انتها تي اهي ماڻهو آهن جيڪي دوستاڻو ۽ درد منداڻو مزاج رکن ٿا ته ٻي پيماني تي اهي جيڪي ڳالھ ڳالھ تي اختلاف رکن.
- جذباتيت: هن پيماني جي هڪڙي انتها تي اهي ماڻهو آهن جيڪي حساس هجن ٿا ۽ هر وقت تشويش ۾ مبتلا رهن ٿا ته ٻي پيماني تي اهي جيڪي پراعتماد، پرسڪون ۽ مستحڪم مزاج.
انهن پنجن خصوصتين جون پاڙون اسان جي حياتياتي نظام ۾ لڪل آهن. هر عادت جي ڪا نه ڪا اهڙي شڪل موجود آهي جيڪا اوهان کي مسرت ۽ تسڪين ڏئي، انهيءَ کي ڳولهيو. جيڪڏهن ڪنهن عادت کي برقرار رکڻ چاهيو ٿا ته ان جو خوشيءَ سان ڀرپور هجڻ ضروري آهي. چوٿين قانون جو بنياد ئي ان اصول تي رکيو ويو آهي.
پنهنجي جينز مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ:
جينز جي ڪري محنت جي اهميت ختم ناهي ٿيندي. بلڪه ان جي بدولت اها واضح ٿي ويندي آهي. جينز اسان کي ٻڌائيندا آهن ته ڪهڙي شيءِ تي محنت ڪجي. جڏهن اسان کي پنهنجي صلاحيتن جو احساس ٿي ويندو آهي ته اسان کي اها خبر پئجي ويندي آهي ته ڪهڙي قسم جا موقعا تلاش ڪرڻ کپن ۽ پنهنجي توانائي ۽ وقت کي ڪٿي لڳائڻ گھرجي ۽ ڪهڙي قسم جي چئلينجز کان پرتي رهجي. اسين پنهنجي فطرت کي جيترو بهتر سمجهنداسين، اسان جي حڪمت عملي اوتري ئي بهتر هوندي. حياتياتي اختلافن جي اهميت هوندي آهي. ان کان علاوه پنهنجي صلاحيتن جي مطابق بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي فوڪس ڪرڻ وڌيڪ فائديمند آهي بجاءِ ان جي جو اوهان ڪنهن ٻئي سان پنهنجو پاڻ کي ڀيٽيو. ڪنهن مخصوص اهليت جي حوالي کان هڪ خاص حد کان وڌيڪ اڳتي نه وڌڻ جو ان امر سان ڪو تعلق ڪونهي ته اوهان پنهنجي اهليت جو مظاهرو ڪريو پيا يا نه. ماڻهو پنهنجي حدن جي حوالي سان ايترا ته فڪرمند رهندا آهن جو انهن تائين پهچڻ لاءِ گھربل محنت ڪرڻ به وسري ويندي اٿن.
وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن اوهان محنت نه ڪندا ته رڳو جينز اوهان کي ڪامياب نه ڪندا. ها، اهو ممڪن آهي ته ورزش گاهه جو ديو نما ٽرينر بهتر جينز جو مالڪ هجي، پر جيستائين اوهان ان جي برابر محنت نه ڪندا تيستائين اهو ٻڌائڻ ناممڪن هوندو ته اوهان جا جينز ان کان بهتر آهن يا ڪمتر! جن ماڻهن کي اوهين حسرت سان ڏسو ٿا، جيستائين اوهان انهن جي برابر محنت نٿا ڪريو، تيستائين انهن جي ڪاميابي جو سهرو فقط قسمت جي مٿي ٻڌڻ کان پرهيز ڪريو.
تت اهو آهي ته طويل مدتي وقت ۾ پنهنجي عادتن کي تسڪين بخش بنائڻ جي بهترين طريقن مان هڪڙو طريقو اهو آهي ته اهڙا رويا منتخب ڪيا وڃن جيڪي اوهانجي شخصيت ۽ هنرمندي سان مطابقت رکندا هجن. انهن ڪمن تي محنت ڪريو جيڪي فطري طور اوهان کي آسان لڳندا هجن.
باب جو خلاصو:
- پنهنجي ڪاميابي جي امڪانن کي وڌ کان وڌ وڌائڻ جو طريقو اهو آهي ته درست شعبي جو انتخاب ڪيو وڃي.
- درست عادت منتخب ڪندا ته پيش رفت آسان ٿيندي. غلط عادت منتخب ڪندا ته زندگي دشوار ٿي ويندي.
- جينز کي تبديل ڪرڻ آسان ڪونهي. ان جو مطلب اهو آهي ته سازگار حالتن ۾ اهي اوهان کي زبردست قوت فراهم ڪن ٿا ۽ ناسازگار حالتن ۾ اهي ئي اوهانجي ڪمزوري بڻجيو پون.
- عادتون اوهان جي قدرتي اهليتن سان مطابقت رکنديون هجن ته آسان بڻجي پون ٿيون. اهڙيون عادتون منتخب ڪريو جيڪي اوهان جي شخصيت سان وڌ کان وڌ تاڃي پيٽي ۾ هجن.
- اها راند کيڏو جيڪا اوهان جي صلاحيتن سان مطابقت رکندي هجي. جيڪڏهن اوهان کي اهڙي ڪا راند نٿي سجهي ته پوءِ خود اهڙي ڪا راند جوڙي وٺو.
- جينز جي ڪري محنت ڪرڻ جي ضرورت ختم نٿي ٿئي. ان جي بدولت اها واضح ٿيو پوي. جينز اسان کي ٻڌائين ٿا ته ڪهڙي ڪم تي محنت ڪئي وڃي.