خاص

ڏوهه روڪڻ لاءِ پوليس کي هاف فراءِ جو حڪم

حيدرآباد شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ نئين ايس ايس پي پوليس کي هاف فراءِ فارمولي تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايس ايس پي جي حڪم تي عمل ڪندي اي سيڪشن ۽ مارڪيٽ پوليس مبينا مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي هاف فراءِ ڪري کين زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته آٽو ڀان روڊ تي موٽرسائيڪل سوار شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو ويو ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو علي رضا کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. مارڪيٽ پوليس جي دعويٰ آهي جوابدار فهيم ويسر کي به مبينا مقابلي ۾ زخمي ڪري سندس قبضي مان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ٽي ٽي پستول هٿ ڪيو آهي.