ڏکايل عِرفو…!! ”اڙي! اوهيو وڃي ٿو، عِرفو چريو“. احمد شاڪر گائنچو Sep 2020
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ جهونو رهندو هو!، جنهن کي سڄو ڳوٺ “فقير ڦوٽو” ڪري ڪوٺيندو هو.
کيس ٻن نياڻين جو اولاد هو ۽ هڪڙو پُٽڙو به هئس، جنهن کي هر وقت لاڏ، ڪوڏ منجهان ڪلهي تي رکي سڄي ڳوٺ جا چڪر پيو ڏياريندو هو ۽ پيار منجهان کيس “عِرفو” ڪري سڏيندو هئس.
سندس ماءُ هر وقت رليون سبڻ ۾ مشغول رهندي هئي ۽ هر صبح ساجهر “عِرفو” کي وهنجاري سهنجاري ڳوٺ واري مدرسي ڏانهن موڪليندي هئي. هو سدائين روئي روئي مدرسي ڏانهن ويندو هو، هو جڏهن اٺن سالن جو مس ٿيو ته سندس پيءُ فقير ڦوٽو گذاري ويو، سندس گهر جو گذر سفر وڃي ماءُ جي رلين سبڻ تي ٿيڻ لڳو. اڳ ۾ ته سندس پيءُ پني، سِني گهروارن جي لاءِ ماني ڳڀو آڻيندو هو. هاڻي وڃي تمام گهڻين مشڪلاتن ۾ پيا!.
“عِرفو” سڄو ڏينهن ڳوٺ جي ڇوڪرن سان گڏجي گڏهن ۽ رولو ڪُتن جي پويان ڊوڙون پائڻ لڳو، ڪنهن دم کامن ۾ ٽٻيون ڏيڻ لڳو ته ڪنهن دم گهٽي ۾ وتي پيو ڦيٿو ڦيرائيندو، نه مدرسي ڏانهن وڃي ۽ نه ئي وري ڪو “ڪوهرن” جا ٿالهه مٿي تي رکي ٻه ٽي رپيا ڪمائي آڻي. عِرفو جي اهڙن پرڪارن کي ڏسي سندس ماءُ هر وقت سوداءُ جي سمنڊ ڪنن جي ور طرف وڌندي رهي! ايتري تائين جو بيمار ٿي پئي، آخر گهڻن ڏينهن جي علالت پڄاڻان هوءَ به هن دنيا مان گذاري وئي.
۽ پوءِ عِرفو جي ڀينرن کي ماما پنهنجن گهرن ڏانهن وٺي ويا. هن جي افعالن کي ڏسي ماما به هن کان ڏاڍو بيزار ٿيا ۽ هاڻي هو و شال گهر جي آڳرن ۽ ٽن ڪمرن تي مشتمل گهر ۾ اڪيلو اڪيلو، تنها تنها رهڻ لڳو.
هو جيئن ئي جوانيءَ طرف وکون وڌائيندو پئي ويو ته پاڻ کي اڪيلو اڪيلو، تنها تنها محسوس ڪرڻ لڳو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته زارو قطار روئڻ لڳندو هو، ايتري تائين جو هو پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺو!.
“وتي پيو ڳوٺ جي گهٽين ۾ رلندو، پندو! سڄي ڳوٺ جا ٻار هن جي اهڙي حال کي ڏسي کيس چريو چوڻ لڳا!. هڪ ڏينهن هو ڳوٺ واري مدرسي واري گهٽي طرف کان لانگاهو ٿيو ته مدرسي جي طالبن ايئن چئي رونشي ۾ ڊوڙائڻ لڳس ته ”اڙي! اوهيو وڃي ٿو، عِرفو چريو“. طالبن جي ولر هن کي “چريو چريو” چئي ڊوڙائيندا ڊوڙائيندا، آخرڪار ڳوٺ واري بچاءَ بند تائين ڊوڙائيندا رهيس!. عِرفو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ڪري، ڪنهن کٻڙ جي وڻ منجهه وڃي پناهه ورتي!. ۽ ساهه ۾ ساهه کڻندو، روئڻ لڳو! روئي روئي، پنهنجي وات ڀڻڪڻ لڳو ته:
بابو، امان به مري ويا!، ڀينرون به ماما وٺي ويا ۽ مان اڪيلو هن جهان ۾ ڪنهن جي لاءِ جيءُ رهيو آهيان!! نه مان سڌريل، نه لکيل پڙهيل ۽ سڄي ڳوٺ جا طالب ڇوڪرا به چريو چريو چوندا وتن پيا. عِرفو روئندي روئندي ننڊ پئجي ويو!
صبح جو ڳوٺ مان مينهن جو ڌڻ چارڻ لاءِ ”ٽلو“ وڃي رهيو هو، ڏسي ته عِرفو جو ٿڌو ٿيل جسم پيو هو…!!.