ادب

کوار ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون محمد نقيب الله رازي انجنيئر عبدالوھاب سھتو (حصو ٻيون)

(حصو ٻيون)

کوار ٻوليءَ جا پھاڪا ۽ چوڻيون

محمد نقيب الله رازي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

(ب) ٻيو قسم انھن چوڻين/پھاڪن جو آھي جن جا مفھوم، ٻين ٻولين جي چوڻين/ پھاڪن سان ملن جلن ٿا، ليڪن معنيٰ ۽ جملي جي بيھڪ جي لحاظ کان ويھه اوڻيهه جو فرق اٿن. ان قسم جي چوڻين منجھان چند ھيٺ ڏجن ٿيون؛

1۔ آئی بیر بیر تان ماڑو تے ہوسک۔ (کھوار)

– نانگ کي پنھنجي ٻر جي پڪي ڄاڻ آ. (سنڌي)

– الحمار یعرف طریق العلف۔ (عربی)

– گڏھ کي خبر آ ته گاھُ ڪھڙي ٻنيءَ ۾ آھي.

– مڇيءَ جي ٻچڙي کي ترڻ جي خبر آ.

2۔ التی پشمان بیکو سار نوالتی ارمان مہ بو خوش۔ (کھوار)

– مراد ماڻي پڇتائڻ کان، اُڪير رکي مرڻ چڱو.

– المامول خیر من الماکول۔ (عربی)

– ڪنھن شيءِ جي سِڪَ، ان جي وَٽَ وٺڻ کان ڀلي آ.

-ڍونڍيان ڍونڍيان مَ لھان، شال مَ ملان ھوت، من اندر جا لوڇ، سا ملڻ سين ماٺي ٿئي.

3۔ خونجہ تھے خونجہ، مگم بے ہوستاری۔ (کھوار)

– راجے کی بیٹی، قسمت کی بیٹی۔ (اردو)

– آھي شھزادي، پر آھي ڇيڳري.

– آھي وڏ- گھراڻي، پر ڏندڻ پاڻيءَ سان ڪا نه پويس.

4۔ خوشونو اسیکہ  کیہ دنیانو اوشویا؟ (کھوار)

– جڏھن يار نه ھيو، تڏھن دنيا نه ھئي ڇا؟ (ترجمو)

– جي ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندو ته ڇا اڇو صبح نه ٿيندو؟

5۔ عورت کہ جام، روزگار دی جام۔ (کھوار)

– زال سگھڙ ھجي ته گھر جو چرخو چڱو چُرندو. (ترجمو)

– بيبي نيڪ بخت، ته دمڙيءَ جي دال ٽئي وقت،

بيبي بدبخت ته مھيني جي پگھار ھڪ ئي وقت.

6۔ ڑاغو کورار ایوکن۔ (کھوار)

– گنجي وٽ بيدا ڪو نه ھوندا آھن. (ترجمو)

– سرڻ جي آکيري ۾ ماس ڪاٿي ھوندو؟

7۔ جو دوری رینی پونہ بس۔ (کھوار)

– ٻن گھرن جو ڪتو، رات رستي ۾ ستو. (ترجمو)

– ڌوٻڪو ڪتو؛ نه گھر جو، نه گھاٽ جو.

8۔ موشو چے پونگ۔ (کھوار)

– مڙس ته پيرَ. (ترجمو)

– مڙس ته پانڌي.

– مڙس ته رڏي/ رتي.

– مڙس اھو ڀلو، جيڪو پنڌ جو ڀلو.

– ھمت مردان، مدد خدا.

– جس کی لاٹھی، بھینس اسی کی۔ (اردو)

– جنھن جي ھٿ ۾ ڏنڊو، تنھن جو راڄ.

9۔ چھوغوہر دی سست بوئے۔ (کھوار)

– چور جي دل، ڪمزور. (ترجمو)

– چور؛ دل جو ڪمزور.

– چور جي من ۾ چڙي.

– چور کي چوري کُکندي آھي.

– چور جي ڏاڙھيءَ ۾ ڪک.

-چور، کڙڪي تي به پيو ڇرڪندو.

10۔ سورا نیسیمانکاغ مہ ژیبویان، مویا نیشیمان مہ ہر دی ترا قومان بویان۔ (کھوار)

– ڏيڏري ٿي چوي؛ ”پاڻيءَ کان ٿي ٻاھر نڪران ته ڪانءَ ٿا کائينم، پاڻيءَ ۾ اندر ٿي رھان ته ساھ ٿو ٻوساٽجيم.“ (ترجمو)

– اٽي جو ڏيئو؛ ٻاھر کائينس ڪانءَ، اندر کائينس ڪوئا.

– نانگ جھليو وڇونءَ کي، چي؛ ”ڳھانس ٿو ته پيٽ ٿو چيري، ڇڏيانس ٿو ته ڪوڙھيو ٿو ٿيان.“

(ج) ٽيون قسم انھن چوڻين / پھاڪن جو آھي، جيڪي ٻين زبانن مان ھوبھو دخيل ٿيڻ بعد، کوار زبان ۾ ڳالھايون وڃن ٿيون. يا ٻين زبانن جي لفظن جي مدد سان، تنقيد ۽ ٺٺول جي طور تي، استعمال ڪيون وڃن ٿيون. وري ساڳين لفظن سان ئي کوار زبان ۾ رواج اندر آيل آھن،پوءِ ڀلي اصل زبان ۾ سندن مفھوم درست ھيو به يا نه. ان نوعيت جون چند چوڻيون ھيءُ آھن؛

1۔ اول خویش، بعد درویش۔ (فارسی)

– اول خويش، پو درويش. (ترجمو)

– پھرين پيٽ پنھنجو، ٻار ٻچا سڀ پو.

– پھرين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ.

2۔ ہمت مردان، مدد خدا۔ (فارسی)

– ھمت مردان، مدد خدا.

– رب ان جي مدد ڪري ٿو، جيڪو ھمت ڪري ٿو.

3۔ مال مفت، دل بیگانہ۔ (فارسی)

– مال مفت، دل بي رحم.

4۔ دا گز دا میدان۔ (پشتو)

– ھوءَ گوءِ، ھو ميدان. (سنڌي)

5۔ خان خولیو نوکار۔ (پشتو مرکب)

– خان آ، گفتي جو غلام. (ترجمو)

– يعني؛ جيڪو مالڪ حڪم ڏيندو، نوڪر تنھن جي تعميل ڪندو.

– مان واڻيي جو نوڪر آھيان، واڱڻ جو نه.

6۔ ٹیک ٹیکی شوم شومی سہ کئی۔ (پشتو مرکب)

-ڪڏھن اڱڻ ۾ ته ڪڏھن ڏيوڍيءَ ۾ تنھنجو ڪھڙو ڪم آ؟ (ترجمو)

– يعني؛ منھنجي اڱڻ تي يا ڪم ۾ دخل اندازي ڇو ٿو ڪرين؟

– ڪم سان ڪم رکجي، اجايي لُور لُور نه ڪجي.

7۔ خنگی کومان، موش مہ دویان۔ (پشتو مرکب)

– جي مان ويھي ناز نخرا ڪيان، ته مڙس منھنجو مون کي ماريندو. (ترجمو)

– يعني؛ ڪم ڪرڻ تي وس ته آھي، پر ڀَوَ تتان نه ٿو ڪيان.

8۔ بوژاکوتے سُود یا زیان۔ (فارسی مرکب)

– ورھائيندڙ؛ يا نفعي ۾، يا نقصان ۾. (ترجمو)

– جنھن جي ھٿ ۾ ڏوئي؛ يا ڍءُ ڪري سو ئي، يا بک مري سو ئي.

– القاسم محروم. (عربی)

– ورھائيندڙ؛ خود محروم رھندو آھي.

9۔ احتیاط عافیت۔ (فارسی)

– احتياط ڪرڻ وارو، عافيت ۾ رھندو. (ترجمو)

– علاج کان احتياط ڀلو. (طبي، چوڻي)

ان کان علاوه اردو ڪھاوتون پڻ ڪڏھن ڪڏھن کوار ۾ استعمال ڪيون وينديون آھن. ليڪن اھي صرف اڄوڪي پڙھيل لکيل طبقي ۾ رائج آھن.

(د) چوٿون قسم انھن چوڻين/پھاڪن جو آھي، جيڪي نِجُ کوار ٻوليءَ جون آھن. جڏھن ته انھن جا مثال يا نمونا، ٻين ٻولين ۾ پڻ ھئڻ ممڪن آھن. ليڪن اھي، مٿي ٻڌايل ٽنھي قسمن کان جداريون آھن. اھڙين چند چوڻين جو چسڪو، اوھان به وٺو؛

1۔ آسمان ژانگ، زمین ڈانگ۔ (کھاور)

– آسمان اوچو آ، ڌرتي سخت آ. (ترجمو)

– آسمان اڏامي پھچڻ کان اوچو آھي، ڌرتي دڙھا ھڻي چيرڻ کان سخت آھي.

– ھيٺيون ھيٺ ته مٿيون مٿي ٿي ويون آھن.

2۔ اوٹ کہ ہالیتاؤ، دروازو لوٹ لکھے۔ (کھاور)

– جيڪي اٺ ڌاريندا آھن، سي دروازا به وڏا رکندا آھن. (ترجمو)

– جيڪي ڪائنچون سبرائيندا آھن، سي اڳٺ لاءِ ابداڻو به وجھائيندا آھن.

– جيڪي جايون ٺھرائيندا آھن، سي نيسارا به ھڻائيندا آھن.

3۔ بوردی بوردی کھاچی۔ (کھاور)

– عمر وڏي ٿي، عقل نه آيو. (ترجمو)

– وڌي وڌي وڻ ٿيو، عقل جو ذرو نه آيس.

– اٺ ڪراڙو ٿيو، مٽڻ نه سکيو.

4۔ پیلیلیوتے کہ تونجی ہا‏ئے، درازون نیسیر۔ (کھاور)

– ڪول جي موت جو وقت اچي ته کنڀڙيون نڪرنس. (ترجمو)

– ڳوھ کي کٽي کڻي، ڳولي شڪارين جا گھر. (ساھتي)

– گدڙ کي موت کڻي ته شھر جو رخ رکي.

– نااھل کي غير ضروري عھدن جو ملڻ؛ سندس لاءِ تباھيءَ جو پيغام.

5۔ روشت ڈنیو بقانکی، ہوساک کیمریو سار وفا نکی۔ (کھاور)

– ڏينھن جي روشنيءَ کي بقا ناھي، ھسڻي نار ۾ وفا ناھي. (ترجمو)

– ڏينھن جو بيٺي بيٺي ڪڪر اچي ويندا آھن ۽ اونداھ ٿي ويندو آھي. اھڙيءَ طرح کلڻي عورت به وفا نه ڪندي آھي جو ان جو کلڻ، سندس عادت کان ھوندو آھي. راضپو ظاھر ڪرڻ لاءِ نه ھوندو آھي. ان تي اعتبار ڪري پويان لڳڻ، جان جوکم ۾ وجھڻ برابر آھي.

6۔ ویچھا کوڑاق تیریت۔ (کھاور)

– پينوءَ جي پيڄي، گھاٽي. (ترجمو)

– پنندڙ کي ھنڌان ھنڌان مال ملن ٿا، جنھن ڪري مختلف کاڌن کائڻ جو ھيراڪ ھوندو آھي. کيس ھڪ-رڇي مزو نه ڏيندي. ھر وقت ست-رڇيون پيو کائيندو آھي.

7۔ خورد سوت عیبان ای اوغ تونجئر۔ (کھاور)

– پن چڪيءَ جي ستن عيبن کي، فقط پاڻي ئي ڍڪي ٿو ڇڏي. (ترجمو)

– ڪنھن جي ھڪ نيڪي به سندس سارا عيب ڍڪي ڇڏيندي آھي.

(محمد نقيب الله رزاي؛ مختصر تاريخ زبان و ادب: کوار، اداره فروغ قومي زبان، اسلام آباد، ڇاپو پھريون، سال ۲۰۲۱ع، ص ۸۶) …(پورو ٿيو)…