ڪارڊيڪ اريسٽ (دل جو بيهي رهڻ) ۽ هارٽ اٽيڪ (دل جي دوري) ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ڪارڊيٽ اريسٽ يعني دل جي ڌڙڪن جو بند ٿيڻ ۽ ”هارٽ اٽيڪ“ يعني دل جي دوري پوڻ جي واضح فرق متعلق ڄاڻڻ ۽ ان جي علامتن تي نظر رکڻ ضروري آهي. اڪثر اوچتو دل جي پوندڙ دوري کي هارٽ فيل (ڪارڊيڪ اريسٽ) به چيو ويندو آهي. جڏهن ته اصل ۾ هارٽ فيل ۽ هارٽ اٽيڪ دل سان لاڳاپيل ٻه ڌار ڌار شڪايتون آهن. اوچتو دل جي ڌڙڪن بند ٿيڻ سبب جيڪڏهن انسان انتقال ڪري وڃي ته ان کي هارٽ اٽيڪ چيو ويندو آهي. جڏهن ته اهو ڪارڊيڪ اريسٽ هوندو آهي. هارٽ اٽيڪ يعني دل جي دوري سبب ماڻهو جو موت واقع نٿو ٿئي ۽ مريض جي زنده بچي وڃڻ جا موقعا وڌيڪ هوندا آهن ۽ اهڙي صورتحال ڪيترائي ڀيرا پيش اچي سگهي ٿي. جنهن جا سبب خون جي نالين ۾ رت جي وهڪري جو متاثر ٿيڻ، رت جو گهاٽو ٿي وڃڻ، خون جي نالين ۾ چرٻي جمع ٿي وڃڻ شامل آهن.
ٻئي پاسي ڪارڊيڪ اريسٽ يعني دل جي ڌڙڪن بند ٿي وڃڻ جو مطلب دل جو اچانڪ بيهي رهڻ (رت جو وهڪرو بند ٿي وڃڻ) جنهن جي نتيجي ۾ خون جي گردش بيهي رهندي آهي، دل ۾ موجود اليڪٽريڪل سگنل موصول نه ٿيندا آهن، دماغ ۾ آڪسيجن پهچي نه سگهندي آهي، جسم ۽ دماغ جي حرڪت به بند ٿي ويندي آهي.
هارٽ اٽيڪ (دل جي دوري) جون علامتون هڪ مهينو پهرين نظر اچڻ شروع ٿينديون آهن ان ڪري ان کان بچاءُ به ممڪن آهي. جڏهن ته دل جي بند ٿيڻ (ڪارڊيڪ اريسٽ) جي علامت ظاهر ناهي ٿيندي، ڪارڊيڪ اريسٽ جو نشانو اهڙا مريض ٿيندا آهن جن کي دل سان لاڳاپيل مرض پهرين کان ئي هوندا آهن. طبي ماهرن مطابق دل جو دورو اوچتو ناهي پوندو بلڪه دوري پوڻ کان مهينو اڳ ان جون علامتون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن جنهن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان تي گهري نظر رکڻ ضروري آهي.
دل جو دورو پوڻ کان مهينو اڳ سامهون ايندڙ علامتون
هارٽ اٽيڪ ٿيڻ کان اڳ عام شڪايتون جيئن سيني ۾ سور يا دٻاءُ جو محسوس ٿيڻ، ساهه ڦوڪجڻ يا ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪرڻ، ڪنڌ ۾ سور، ڪنڌ کان سور جو ٻانهن يا ڄاڙي ڏانهن منتقل ٿيڻ، ٿڌا پگهر اچڻ، انتهائي ڪمزوري محسوس ڪرڻ شامل آهن.