ڪاميابيءَ جو خواب علي شيرازي ترجمو: مير سردار چنڙ | # فيبروي 2022
ڪاميابي جو پھريون ڏاڪو خواب آھي. انسان خواب ڏسڻ شروع ڪري ڪاميابي جا خواب ئي ته آهن جيڪي اوھان کي زندگي ۾ مقصد ڏيندا.
ڪاميابي تائين پھچڻ ۾ اوھان کي ھمت ۽ حوصلو به اھي خواب ڏيندا. اوھان کليل اکين سان پنهنجي منزل کي ڏسي سگھندا. ڪاميابي جي لاءِ ھر ڊڪ ڊوڙ توھان لاءِ آسان ٿي ويندي ۽ ھر مشڪل معمولي لڳندي.
منهنجو مطالعو آھي ته دنيا ۾ جيترا به ماڻھو ڪامياب ٿيا آھن ڪامياب زندگي گذاري رھيا آھن انھن ۾ ھڪ به اھڙو ناھي جنهن کي ڪاميابي اتفاق سان ملي وئي ھجي. ڪڏهن ڪنهن کي بنا خواب ڏٺي، بنا محنت ڪندي ڪاميابيءَ مٿي تي تاج ناھي پارايو. توھان دنيا جي ڪنهن به ڪامياب شخص جي زندگي کي پڙھي وٺو ان جو انٽرويو ڏسي وٺو ان جي سموري زندگي، محنت ۽ جدوجھد سان ڀريل ملندي. توھان ڏسندو ته ھر ڪامياب انسان زندگي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ڪو خواب ڏٺو ھوندو ۽ پوءِ ان خواب جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ ھن جيترا جتن ڪيا، محنت ڪئي، مشڪلاتن مان سکيو، رڪاوٽن جي سامھون ٿيو، پوءِ وڃي ڪٿي سالن جي محنت بعد ان پنهنجي خوابن جي ساڀيان حاصل ڪري ڏيکاري ۽ اھي ٻين ماڻھن لاءِ مثال بڻجي ويا.
ھڪ ڳالهه ذھن ۾ ويھاري ڇڏجي ته ڪاميابي لاءِ ڪو شارٽ ڪٽ ناھي. اها ھميشه هڪ پراسيس مان گذرندي، محنت ۽ جدجھد جي چڪي ۾ پيسجي ملندي آھي.
ھتي ھڪ ڳالهه قابل ذڪر ۽ اھم آھي ته اڪثر ماڻھو ڪاميابي کي دولت جي فراواني سان مسلڪ ڪري ڇڏيندا آھن جيڪا منهنجي خيال ۾ انتھائي غلط سوچ آھي. دولت وقتي طور تي شايد اوھان کي سڀ کان وڏي ڪاميابي لڳي سگھي ٿي، پر ٿورو سوچيو! دولت ته ڪنهن کي به گھر ويٺي بنا خواب ڏٺي محنت ڪرڻ بنا، پرائز بانڊ کلي يا لاٽري انعام ذريعي به ملي سگھي ٿي. توھان ۽ مان ان کان ڳالهه کان چڱي ريت واقف آھيون ته ايئن دولت ملڻ سان ڪاميابي تصور ناھي ڪري سگھبي ۽ ڪوبه عقل فھم رکڻ وارو انسان اھڙي دولتمند شخص کي ڪامياب انسان نه چوندو. توھان آسپاس نظر ڦيرايو کوڙ اوھان کي دولتمند انسان ملندا انھن مان ڪي چار پنج ماڻھو مس ھوندا جي واقعي ڪامياب ھوندا.
دولتمند ۽ ڪامياب ھجڻ جي فرق کي توھان پنهنجي معاشري جي ھڪ بيمثال زنده ڪردار لازوال شخصيت جي زندگي مان ئي سمجھي وٺو ته ”جناب عبدالستار ايڌي“ جنهن کي اسان جي قوم پنهنجو آئيڊيل سمجھندي آھي ٿورو غور ڪريو اھو ڪيترو دولتمند ھو؟ ڪيترن خزانن جو مالڪ ھو؟ ان جو بينڪ بيلنس ڪيترو ھو؟ ان جو شمار ڪھڙين امير شخصيتن ۾ ٿيندو ھو؟ اسان چڱي طرح ان ڳالهه کان واقف آھيون ته اسان جو آئيڊيل اسان جيان ھڪ عام انسان ھو جنهن ۾ انسان جي لاءِ ان جي چڱائي ۽ ڀلائي لاءِ تڙپ هئي، اھو پنهنجي معاشري جي بکين، اگھاڙن ۽ غريب ماڻهن کي پناھگاھ ڏيڻ چاھيندو ھو، انھن جي لاءِ عزت جي روزي جو خواب ڏسندو ھو، سندس انھن ئي خوابن کيس اعليٰ درجي تائين ڪاميابي ڏني.
مان اڪثر سيمينار ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشنن ۽ سوشل ميڊيا تي ماڻھن کي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏسندو آھيان ته خدارا! پنهنجي ٻارن کي سرڪاري نوڪرين جا خواب، وڏا آفيسر ٿيڻ جا خواب ڏيکارڻ کان بھتر آهي ته انهن کي ڪاميابي جا خواب ڏيکاريو. مون کي منهنجي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي اھو نه چيو ته پٽ! تون بينڪ ۾ وڏو آفيسر ٿيندين يا تون ڪاروباري ٿيندين. ھوءَ چوندي هئي ”پٽ تون وڏو انسان ٿيندين، پٽ! تون ستارو آھين تون روشني ٿيندين. اھي خواب مون کي منهنجي ماءُ ننڍپڻ ۾ ئي ڏيکاريا مان انھن خوابن کي ڏسندي وڏو ٿيس ۽ پنهنجي زندگي جو مقصد ۽ وري ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪڏهن ڪرندو ڪڏھن وڌندو ويس.
منهنجي دعويٰ آھي ته ڪوبه بغير خواب ڏٺي ڪامياب نٿو ٿي سگھي. اھي خواب انسان جي زندگي ۾ مقصد ۽ ھمت ڏين ٿا. خوابن جي غير موجودگي ۾ انسان ڪيئن پھريون ۽ بنيادي ڏاڪو چڙھي سگھي ٿو؟ ڪاميابي جي لاءِ خواب لازمي ڏسڻو پوي ٿو کليل اکين ۽ جاڳيل دل سان وڏن وڏن خوابن جا تاج محل ٺاھڻا پون ٿا، خواب اسان ۾ ڪاميابي جي اھو جذبو پيدا ڪن ٿا، جنهن کي پوءِ حاصل ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناھي ھوندو. جيڪڏهن توھان خواب ڏسڻ ۽ ڪاميابي جو جذبو پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃو ٿا ته يقين ڪريو اوھان کي ڪامياب ٿيڻ کان زندگي جي وڏي ۾ وڏي مشڪل به روڪي نٿي سگھي.
مان ھڪ عوامي شخصيت جي حيثيت سان ماڻھن ۾ اٿندو ويھندو گھمندو ملندو رھندو آھيان. مان اھڙن ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو آھيان جن وٽ دولت نالي ته ڪا شيءِ ناھي ھوندي، پر انھن جا خواب تمام وڏا آھن، خوابن ۾ ايترو جذبو ۽ ڇڪ آھي جو اھي انھن کي ھر مشڪل ۾ اڳيان وڌڻ جو حوصلو ڏيئي رھيا آھن. اھي ماڻھو محنت ۽ مشقت ڪري رھيا آھن ۽ اھو وقت پري ناھي جڏهن اسان انھن ستارن کي شان و شوڪت سان چمڪندي ڏسنداسين.
مان سمجھان ٿو غريب اھو ناھي جنهن وٽ دولت جي گهٽتائي آھي يا جنهن وٽ زندگي گذارڻ لاءِ بنيادي ضرورتون پوريون ناھن، پر غريب اھو آھي جنهن جي اکين ۾ خواب ناھن. جيڪو انسان خواب ئي نٿو ڏسي سگھي ان کان وڌيڪ ڀلا ڪو ٻيو غريب ممڪن آھي؟
مون کي افسوس آھي ته اسان جا نوجوان جيڪي اسان جي ملڪ جا مستقبل آھن جن کي ھن ملڪ ۽ قوم جي واڳ سنڀالڻي آھي اھي اڄ پنهنجو مقصد وڃائي ويٺا آھن. اسان وٽ اڄڪلهه جي نوجوانن جي زندگي ۾ ڪو مقصد ڪا منزل ناھي، منهنجي دل رت جا گوڙھا روئي ٿي اھو ڏسندي ته اسان جا اڪثر تعليمي ادارا تعليم جي نالي تي ڪاروبار ڪري رھيا آھن ۽ تعليم جي نالي ئي محض ڊگريون ورھايون وڃن ٿيون ۽ اسان جو نواجون طبقو انھن ڊگرين جي پويان انڌي گھوڙي جيان ڊوڙندو نظر اچي ٿو. اڄ اسان جي معاشري ۾ نظر ڦيرائڻ سان اوھان کي ڊگري يافته نوجوانن جو ھڪ اڻ کٽندڙ سمنڊ نظر ايندو، جن ۾ اڪثريت شعور ۽ تھذيت يافته ھجڻ کان به لاچار آھن. اسان جي قوم کي تھذيب يافته ماڻھن جي ضرورت آھي اھڙن باشعورن ماڻھن جي ضرورت آھي، جيڪي ھڪ قوم کي بلندين تائين پهچائين نه ڪي ڊگري يافته ماڻھو جن جي زندگي جو مقصد سرڪاري نوڪري کانسواءِ ڪجهه نه ھجي. منهنجو چوڻ آھي ته اسان جنھن بيوقوفي جو شڪار آھيون ان مان نڪرڻ لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان کي تعليمي نظام کي بھتر ڪرڻ جي ضرورت آھي، تمام تعليمي ادارن ۾ بحيثيت ڪاميابي ھڪ سبجيڪٽ طور پڙهائي وڃي، ھي پراڻو اندران ٽٽل نظام جنهن طرح معاشري ۾ قوم ۽ سوچ پيدا ڪري رھيو آھي ان جي مستقبل ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني ته پري جي ڳالهه آهي، وڌيڪ اسان کي بک ۽ بيروزگاري کي منهن ڏيڻو پوندو. اسان وٽ اڄ به اھڙا کوڙ سارا عظيم استاد موجود آھن جن جي زندگي ۽ تجربا پنهنجي اندر ۾ ھڪ ڪامل درسگاهه آھن. اھڙا استاد ٻارن ۾ خواب ڏسڻ جو جذبو پيدا ڪندا آھن، خوابن جي لاءِ وڙھڻ سيکاريندا آھن، عملي طور اسان انھن استادن کي اھو مقام ڏيون ۽ انھن کي تعليمي ادارن ۾ پنهنجي صلاحيتن جي اظھار جو موقعو ڏيون ته اھو ڏينهن پري ناھي جڏھن تعليمي ادارن مان اھي ماڻھو نڪرندا جيڪي ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
منهنجي زندگي منهنجي سامھون ھڪ بليڪ اينڊ وائٽ فلم جھڙي آھي جنهن جو ھر ڏينهن مون کي ڪنهن قيمتي اثاثي يا پڪي سبق جيان ياد آھي. مون کي اڄ به ياد آھي آگسٽ 1998 جو اھو ڏينهن جڏھن اونھاري جون موڪلون گذارڻ کانپوءِ پھرئين ڏينهن اسڪول ويو هئس اسان کي ان ڏينهن پنهنجي استاد سعيد احمد جي نصيحت ”حفيظ جالنڌري“ جو نظم ان زباني ٻڌايو ھو.
مجهي اڪ ننها بچه نه سمجهو
مجهي اس قدر بهولا بهالا نه سمجهو
مجهي کيلني ڪا هي شيدا نه سمجهو
سمجهتي هو ايسا تو ايسا نه سمجهو
مين طاقت مين رستم سي بهتر بنون گا
بهادر بنون گا دلاور بنون گا
مين پڙهه لک ڪي اورون ڪا رهبر بنون گا
ارسطو بنون گا سڪندر بنون گا
سبق نيڪيون ڪي مجهي ياد هونگي
بهت سي هنر مجهه سي ايجاد هونگي
بهت مجهه سي خوش ميري استاد هونگي
عزيز اور مان باپ سب شاد هونگي
سچائي سي هرگز نه شرمائون گا مين
ڀلائي هر اڪ سي ڪيئي جائون گا مين
مصيبت مين هرگز نه گهبرائون گا مين
برائي ڪي راهون سي ڪترائون گا مين
نه مين دل دکاني ڪي باتين ڪرون گا
نه هرگز رلاني ڪي باتين ڪارون گا
مين بلڪه هنساني ڪي باتين ڪرون گا
دلون ڪو ملاني ڪي باتين ڪرون گا
گرمين جي موڪلن ۾ اسان ھي نظم ڀرپور ياد ڪيو ھو ۽ نيٺ اهو ڏينهن اچي ويو جڏهن سڀ شاگرد پنهنجي استاد کي ھي نظم ٻڌائي داد وصول ڪرڻ چاھين پيا، مان به ڏاڍو خوش هئس منهنجي خوشي ته ٻيڻي هئي. ھڪ ته مان ھي نظم پورو ياد ڪيو ھو، ٻي خوشي ته ان ڏينهن مون کي ابو اسڪول ڇڏڻ آيو ھو ۽ ويندي مون کي ٻن رپين جو نيرو نوٽ ڏيئي ويو، مان نظم دل ۾ پڙھندي ڏاڍو خوش هئس ته اڄ رسيس ۾ پنهنجي پسند جي شيءِ کائيندس.
استاد جي سوچن مان نڪرندي سڀني شاگردن سان گڏ استاد جي احترام ۾ اٿي بيٺس.
سعيد صاحب اسان سڀني کي ويھڻ جو اشارو ڪندي خيريت معلوم ڪئي ۽ پوءِ واري واري سان سڀني جا نظم ٻڌڻ لڳو اسان پنهنجي بينچ تي خوشي خوشي سان نظم ٻڌڻ ۾ مصروف هئاسين ته اچانڪ منهنجو نالو کڻي مون کي استاد نظم ٻڌائڻ لاءِ گھرايو ۽ مان سڀني شاگردن اڳيان بيھندي:
”مجهي اڪ ننها بچه نه سمجهو
مجهي اس قدر بهولا بهالا نه سمجهو“
ٻڌائڻ لڳس نظم ٻڌائڻ کانپوءِ مان پنهنجي بينچ ڏانهن وڌڻ لڳس ته استاد مون کي سڏ ڪندي روڪيو ۽ آھستي پيار مان ٿپڪي ڏيندي چيائين شاباس علي! تو بغير ھٻڪندي ھڪ ئي ساھي ۾ شاندار نظم ٻڌايو. شاباس پٽ تو ھن نظم کي چڱي طرح سان ياد ڪيو آھي، تون پوري ڪلاس ۾ پھريون نمبر آيو آھين. اگر تو ايئن خود اعتمادي سان ھن نظم تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته ھڪ ڏينهن ضرور ايندو جڏهن تون پوري پاڪستان ۾ پھريون نمبر ايندين. اھو ڏينهن منهنجي زندگي جو يادگار ڏينهن مان ھڪ آھي، جڏهن استاد سعيد مون کي خواب ڏيکاريو ھو ان مون کي زندگي جو ھڪ عزم ۽ مقصد ڏنو. مان سمجھان ٿو جنهن پنهنجي لاءِ خواب ڏسڻ شروع ڪيا خوابن ۾ ان جذبو اڀاريو جنهن ان خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي ته ان کي ڪامياب ٿيڻ کان ڪير روڪي نٿو سگھي.