ڪانگو ۾ صدارتي چونڊ اميدوار ڪورونا وائرس وگهي حياتي وڃائي ويٺو
ڪانگو ۾ صدارتي چونڊ جي لاءِ اپوزيشن اميدوار ڪورونا وائرس وگهي حياتي وڃائي ويٺو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪانگو ۾ صدارتي چونڊ وڙهندڙ اپوزيشن جي اهم اميدوار 61 ساله پرفيٽ ڪوليلاس اليڪشن جي ٻئي ڏينهن ئي فوت ٿي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ڪوليلاس ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هو ۽ کيس چونڊ موقعي تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ان جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس علاج جي لاءِ فرانس منتقل ڪيو پئي ويو، پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو. ڪوليلاس جي ڪيمپين مئنيجر ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته پرفيٽ کي ڪانگو جي راڄڌاني مان ميڊيڪل ايئر ڪرافٽ جي ذريعي فرانس اماڻيو پئي ويو ته هو جهاز ۾ ئي فوت ٿي ويو. ڪوليلاس جي گهر ڀاتين ان جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ ان جو ڪانگو جي گادي واري شهر ۾ واقع هڪ نجي اسپتال ۾ علاج جاري هو. ميڊيا رپورٽن موجب صدارتي اميدوار بيماري سبب پنهنجي آخري مهم ۾ حصو نه ورتو هو ۽ هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ امڪان ظاهر ڪيو هو ته هو مليريا ۾ مبتلا آهي.

