بلاگخاص

ڪبير ڀڳت جي ڳوٺ ۾

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

ڪبير ڀڳت جي ڳوٺ ۾

الطاف شيخ

بنارس آئي مون کي چار ڏينهن ٿي ويا هئا

اڄ “لاهورابير” روڊ جي مشهور ڪيفي “سروچي” تان چانهه پي ٻاهر نڪتس. ارادو هو ته اتان ٽئڪسي وٺي گنگا ندي جي ڪناري تي ڪجهه گهاٽ ڏسان، پر ريسٽورينٽ کان ٻاهر نڪتس ته جهڙالي موسم ڏسي ڪجهه دير واڪ ڪرڻ لاءِ دل چيو. دل ۾ سوچيم ته انڊيا ۾ اهوئي ته سک آهي ته جِتان ڪٿان ٽئڪسي يا آٽو رڪشا مليو وڃي… ويندي بس جو سفر به ڪو تڪليف وارو ناهي. شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين مختلف قسم جون پرائيويـٽ ۽ سرڪاري بسون هلن ٿيون جن ۾ ٻار توڙي پوڙها به آرام سان چڙهي ۽ لهي سگهن ٿا. رش اور کان علاوه باقي ٽائيم هرهڪ کي ويهڻ لاءِ سيٽ مليو وڃي.

آئون اهو روڊ وٺي چوراهي طرف هلڻ لڳس جِتي ٻين طرفن کان به روڊ اچيو ٿا ملن ۽ ڪنڊَ تي ڪئنس ڪاليج ۽ ونيتا پبلڪ اسڪول آهي  جِتي هڪ ڏينهن اڳ اچي چڪو هئس. اهي اسٽيشن روڊ تي آهن جيڪو چوراهي کان کاٻي پاسي هن شهر بنارس جي اسٽيشن ڏي وڃي ٿو. اڄ مون کي چوراهي تي پهچي ساڄي پاسي وارو روڊ وٺڻو هو جنهن روڊ لاءِ مون کي هِتي جي ماڻهن ٻڌايو ته سڌو گنگا نديءَ جي ڪناري تائين هليو وڃي ٿو جِتي ڀيروي گهاٽ، ڊگپتيا گهاٽ، ڪشميشور گهاٽ، هنومان گهاٽ ۽ اڳيان چيت سنگهه جو قلعو آهي.

چوراهي تي پهچڻ کان اڳ مارڪو گيسٽ هائوس نظر آيو ۽ پوءِ چوراهي وٽان ساڄي پاسي وهندڙ روڊ ڏي رخ ڪيم. اڃان ٿڪو نه هئس سو جلدي ڪنهن رڪشا ۾ ويهڻ بدران واڪ ڪندو رهيس ۽ چوڌاري عمارتن ۽ ماڻهن جون تصويرون ڪڍندو رهيس. سامهون هڪ اسپتال هئي جنهن تي “ڪبير چُورا اسپتال” لکيل هو ۽ ان جي ئي آسپاس هن روڊ جو نالو سنت ڪبير روڊ لکيل هو. ٿي سگهي ٿو اهو نالو سينٽ ڪبير هجي ڇو جو سنت يا سينٽ بدران فقط ST لکيل هو. مون کي هڪدم ڀڳت ڪبير ياد اچي ويو… سورنهن آنا پڪ هُجي روڊ اسان جي دلپسند شاعر ڪبير ڀڳت سان ئي منسوب ٿيل آهي ۽ هن جي نالي وارو روڊ ننڍي کنڊ جي ٻئي ڪنهن شهر ۾ هجي يا نه پر هن شهر بنارس ۾ ضرور هجڻ کپي جو ڀڳت ڪبير جو واسطو ساڌن جي هن شهر بنارس سان ته هو.

تن اجلا من ميلا ساڌو نام انيڪ

هم سي تو ڪالا ڪوا ڀلا جو اندر باهر ايڪ

واهه ڙي واهه ڀڳت ڪبير! ڪنهن سنڌي شاعر جو شعر ڳولي رهيو آهيان جيڪو هن پنهنجي ڳوٺ جي پيرن، سيدن يا وڏيرن بابت ايئن لکيو هجي. ڪبير حق ۽ پيار جي ئي ڳالهه ڪندو رهيو:

ڪبيرا ايسي پريت ڪرو جيسي ڪري ڪپاس

جيتي جي تو تن ڍڪي مرتي نه ڇوڙي ساٿ

آئون بنارس جي هن روڊ کي وڏي اڪير ۽ پيار سان ڏسان ٿو ۽ روڊ جي پاسي تي لڳل نالي واري بورڊ وٽ ايئن بيهي فوٽو ڪڍرايان ٿو جيئن اسان جي پياري دوست ۽ شاعر انور پيرزادي جي ڳوٺ ٻلهڙيجي ڏي ويندڙ رستي تي لڳل سندس نالي واري بورڊ جي ڀرسان بيهي ڪڍرايو هئم. پنهنجو پاڻ تي حيرت ٿو کاوان ته ڪبير ڀڳت جي شهر ۾ آئي مون کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، پر مون کي اڄ هن روڊ تي پهچي ياد آيو آهي ته ڪبير جو بنارس سان ايئن واسطو هو جيئن شاهه لطيف جو ڀِٽ شاهه سان.

ڪبير کي هندستان جي اهم انقلابي مذهبي پيشوائن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن پنهنجي دور جي ناموزن ۽ فرسوده اعتقادن، ريتن رسمن، سماجي لحاظ کان نقصان پهچائيندڙ طور طريقن کي سخت لفظن ۾ نندڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن اها ڪوشش ڪئي ته معاشري ۾ رائج غلط طبقاتي نظام ۽ فرسوده مذهبي رسمن کي ترڪ ڪري هڪ روحانيت سان ڀرپور سڌريل معاشرو قائم ڪجي. هن مذهبي حوالي سان ڪوڙي رک رکاءُ، رياءَ، ڪاوڙ تڪبر، فريب، ٻيائيءَ، شرڪ منافقت مذهبي ننڍ وڏائيءَ ۽ ٻئي کي گهٽ سمجھڻ کي سخت لفطن ۾ ننديو آهي.

ڪبير انسانيت جو قائل هو. هن هندو توڙي مسلمانن جي اندر جي اصلاح جي ڪوشش ڪئي ۽ انسان جي اندر اجارڻ جي ڳالهه ڪئي.

اول الله نور اپائيا، قدرت ڪي سڀ بندي

ايڪ نور تي سڀ جڳ اپجيا، ڪونه ڀلي، ڪونه مندي

مطلب ته الله سڀ کان اڳ ۾ نور پيدا ڪيو، اسين سڀ ڌڻيءَ جا بندا آهيون، اسان سڀ هڪ ئي نور مان پيدا ٿيا آهيون تنهنڪري ڪوبه خراب يا ڀلو نه آهي.

ڪبيرا کڙا بازار مين، سب کي مانگي خير

نا ڪسي سي دوستي، نا ڪسي سي بير

مطلب ته مان سڀ جو خير بيٺو گهران، منهنجي نظر ۾ سڀ انسان هڪ جهڙا آهن، منهنجي ته ڪنهن سان نه دوستي آهي ۽ نه ئي دشمني

مالا ميري لڪڙ ڪي، دهاگي مين ديئي پروئي

من ۾ کاپ ڪي گهنڊي هو، رام جپي ڪيا هوئي

 (تسبيح منهنجي جا مڻيا ڌاڳي ۾ پوتل آهن، منهنجو زور مڻين ڦيرائڻ تي آهي، پر اهو ڪهڙي ڪم جو؟ ڇو ته منهنجي من اندر ۾ ٻيائي آهي، گهنڊي آهي پوءِ رام رام چوڻ ڪهڙي ڪم جو؟) ٻئي هنڌ ڪبير فرمائي ٿو:

تن اجلو من ميلو، بگلي جيسا ڀيس

اي بگلي سي ڪاگا ڀلا، باهر ڀيتر ايڪ

 (رياڪاريءَ کان بچو، پنهنجي اندر کي اجاريو، “ٻاهر هڪ ته اندر ٻي” واري ٻيائيءَ کان بچو، ٻگهي وانگر نه ٿيو بلڪه ڪانءُ ٿيو جنهن جو اندر ٻاهر هڪ آهي.)

ڪبير جي ڄم جي تاريخ ۾ ڪجهه اختلاف آهي، پر تازو ڇپيل ڪِتاب “هندستان ڪي عظيم لوگ” مطابق هو 1440 ۾ ڄائو ۽ 1518 ۾ وفات ڪئي. هن پنهنجو پاڻ کي ذات پات جي چڪر کان آجو رکيو. مذهب جي جڙتو ٺيڪيدارن جي رياڪارين ۽ چالبازين جو مخالف هو. هن ان خدا تي يقين رکيو ٿي جيڪو سڀني جو پالڻهار آهي. هن جي پيروڪارن جو چوڻ آهي ته هو مرڻ کان ٿورو اڳ “ڪاشي” (يعني هي شهر بنارس جنهن کي اڄ ورانسي سڏجي ٿو) ڇڏي مگهر هليو ويو جتي سندس وفات ٿي. تنهن دور جي هندن جو (توڙي اڄ به هِتي جي ماڻهن جو اهو عقيدو آهي ته هي شهر بنارس (ڪاشي) مذهبي اعتبار کان هڪ مقدس جڳهه آهي ۽ چون ٿا ته هن مندرن جي شهر ۾ جيڪو مرندو اهو سڌو سرڳ (جنت) ۾ ويندو، پر ڪبير اهڙين ڳالهين کي هرگز نٿي مڃيو. هن رب کي هر هنڌ موجود ٿي سمجھيو. تنهنڪري هو مرڻ کان ٿورو اڳ هي شهر ڪاشي ڇڏي مگهر هليو ويو. پاڻ هڪ هنڌ فرمايو اٿس:

ڪيا ڪاشي، ڪيا اوسر مگهر، رام هر دي بس مورا

جو ڪاشي تن تجي ڪبيرا، رامي ڪونه نهورا

ڪبير عشق الاهيءَ کي ئي سڀ ڪجهه سمجھي ٿو. سندس نظر ۾ ويد، شاستر، مالا (تسبيح)، مندر، مسجد، اوتار، نبي، پير، پيغمبر سڀني کان وڌيڪَ الله تعاليٰ جو عشق ئي آهي. هو سڀني مذهبي ڏيکائن ۽ تيرٿ ياترائن کي نامنظور ڪري ٿو ۽ صرف هڪ لافاني خدا جي محبت ۽ عشق کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان کي ئي پنهنجي حيات جو مقصد سمجھي ٿو. پاڻ فرمائي ٿو:

ٺاڪر پٿر، مالا لڪڙ، تيرٿ هين سڀ پاني ڪي

لکهو مرئي، ڪرشن مرئي، مرئي رامام ڀائي ري

ڪهي ڪبيرا اس ڪو ڪيون ني پوجي، جس پي موت نه آئي هو

ڪبير ڀڳت پنهنجي شاعريءَ ۾ رامانند کي خوبصورت اندازَ ۾ ڳايو آهي ۽ گرو ڀڳتي (مرشد جي وسيلي حق ماڻڻ) جي پرچار ڪئي آهي. ڪبير ڀڳت چوي ٿو ته حق جي تلاش ۾ عقل تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. ڪبير جي ڪوتا (دوهن) ۾ اپنشندن ۽ گيتا جي گيان جي اپٽار ملي ٿي. “ايڪم سته دويتو ناسي” (ڌڻي هڪ آهي ٻيو موجود نه آهي، بيمثال آهي)، ايڪم اوديتم (وحده لاشريڪ لهه)، “برهم ستتيم جگم مٿيا (ڌڻي حق آهي ۽ ڪائنات هڪ ناپائيدار ڏيکاءُ آهي) شيخ اياز، لطيف وانگر ڪبير مان وڏو اتساهه ورتو آهي، نثر توڙي نظم ۾ ڪبير کي tribute پيش ڪري ٿو…” “اي ڪبير اڃان تائين منهنجي ڀرسان چرخو ڪَتي رهيو آهين ۽ مان تنهنجي ڀرسان تنهنجو الجھيل سٽ سلجھايان پيو” (جر ڏيئا جھمڪن.)

هِتي اهو لکندو هلان ته ڪبير هڪ ڪوري خاندان ۾ پرورش پاتي جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو هو. سندس پرورش نيرو ۽ نيما نالي هڪ ڪوريءَ ڪئي. شيخ اياز هڪ ٻئي هنڌ تي (ٽڪرا ٽٽل صليب جا) لکي ٿو ته…. منهنجي شاعري… هي ڪبير جو چرخو آهي، جنهن جي تاڃي پيٽي ۾، ساري ديسَ جو امن اڻجي هڪ ٿي ويو آهي.

پن ڇڻ پڄاڻان جي صفحي 176 تي شيخ اياز فرمايو آهي:

جلدي جاڳ ضمير

راکي ٻَڌڻ لاءِ ڪو

ڌاڳو ڪت ڪبير

”اڀر چنڊ پس پرين” ۾ شيخ اياز لکيو آهي ته….

ڇا صدين ۾ هي هيا، تنهنجي جڳ تي جيت

دوها چار ڪبير جا ۽ ميران جا گيت

هيءَ شڪتي سنگيت، منهنجي تون ڪٿ ٿو رکين؟

ڪبير اسان وٽ سنڌ ۾ شاهه، سچل، سامي جيان وجداني انداز ۾ ڳايو وڃي  ٿو، موهن ڀڳت الوميان جي آلاپ ۾ ڀٽائي جي ٻولن: “ساٿي سڏ ڪندي ويا…،” سان گڏ ڪبير جي واڻي: “من ڀولا ڦري ري جگت ۾ ڪيسا ناتا ري” ڳائيندو هو ته سڄي سنڌُ گيڙو ويس بڻجي ويندي هئي… سنڌ جو ڪبير سان پيار جو ناتو آهي ۽ ان ناتي جي ڌاڳي جي وچ ۾ ڪٿي ڳنڍ نه آئي آهي.

رحمن ڌاگا پريم ڪا، جن توڙو چٽڪا جائي

ٽوٽي سي جڙي نهين، بيچ گانٺ پڙ جائي

ڪبير ڀڳت بيحد سادگي واري زندگي گذاري. پاڻ ڪورڪو پيشو ڪندا هئا. ڪپڙو اڻي بازار ۾ وڪرو ڪري گذر بسر ڪندا هئا. راما نند صاحب جا مريد هئا. ذڪر فڪر به ڪندا هئا ته دنيا داريءَ سان به نڀايائون. ڪبير ڀڳت مرشد، گرو، رهبر جا تمام گهڻو قائل هئا. پاڻ فرمايائين ٿا ته:

ڪبير سنگت ساده ڪي، جو ڪي ڀوسي کائي

کير کانڊ، ڀوجن ملي، ساڪت سنگت نه جائي

(مطلب ته جَون جي بي مزه ماني کائي به وقت گذاريو، پر مرشد ڪامل جي صحبت کي نه ڇڏيو، پر جي ٻي هنڌ سٺا سٺا طعام کائڻ لاءِ ملن تڏهن به اوڏانهن هرگز نه وڃو.)

ان ئي ڏينهن، بنارس جي شهر جي هن ڪبير روڊ تي هريش چندرا انٽر ڪاليج جي پرنسپال سان ڪبير ڀڳت جي ڳالهه نڪتي. هو به ڪبير جي دوهن مان ڪافي متاثر ٿي لڳو. هن ڪبير ڀڳت جو هڪ دوهو ٻڌايو جيڪو مون لاءِ نئون هو… يا شايد پهرين به ڪٿي پڙهيو هجيم:

چلتي چڪي ديک ڪر، ديا ڪبيرا رويا

دوئي پاٽن ڪي بيچ مين، ثابت بچا نا ڪوئي

(هلندڙ چڪي ڏسي ڪبير روئي ڏنو… جنڊ جي ٻن پُڙن جي وچ ۾ ڪو صحيح سلامت نه بچيو آهي)

مٿين ڪاليج جي پرنسپال ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته جنڊ جڏهن هلايو وڃي ٿو ته جنڊ جي ٻن وڏن پڙن (پاٽن) جي وچ ۾ جيڪو اناج جو داڻو اچي ٿو اهو پيسجي وڃي ٿو، پر گرو ڪبير داس جي چيلي ڪمال ان دوهي جو جواب هن ريت ڏنو هو:

چلتي چڪي ڪي هنسا ڪمالا ٿا ٿا

کلن سي جو لگا رها ڪڀي زوال نه آيا

(ڪمال جنڊ جي پڙن کي پيهندو ڏسي کلي ڏنو. جنهن به پنهنجو پاڻ کي وچ (ڪلي) سان قابو رکيو اهو برباد نه ٿيو.)

هن جي پڇڻ تي مون کيس ٻڌايو ته منهنجي اسڪول جي ڏينهن کان وٺي ڀڳت ڪبير جي دوهن سان دلچسپي رهي آهي. آئون جڏهن مئٽرڪ ۾ هئس ته ڪبير جو مون جيڪو پهريون شعر ٻڌو هو، اهو هو:

رنگي ڪو ڪهي نارنگي، کڙي ڪو کويا

چلتي ڪو گاڙي، ديک ڪر ڪبيرا رويا

ان بعد سگهو ئي هڪ ٻيو شعر ٻڌم جيڪو پڻ اوترو ئي مشهور آهي:

لڪڙي جل ڪر ڪوئلا ڀئي، ڪوئلا جل ڪر راک

مين اڀاگن ايسي جلي، ڪوئلا بني نه راک

ڪبير ڀڳت جي شاعري تي اڄڪلهه نه فقط ڪيترن ئي زبانن ۾ ڪِتاب اچي چڪا آهن، پر Internet تي به اچي چڪا آهن. انهن شعرن جون مختلف زبانن ۾، خاص ڪري انگريزي، اردو ۽ هندي ۾ معنائون ۽ تشريحون نظر اچن ٿيون. گذريل سال ڪبير جي دوهن جو هڪ ڪِتاب سنڌي ۾ نظر آيو… مصنف پروفيسر عطاءُالله ابڙو صاحب هن ڪِتاب لکڻ تي وڏي محنت ڪئي آهي. هن صاحب نه فقط ڪبير جي شعرن جي سنڌي ۾ معنيٰ لکي آهي، پر هوبهو انهن جو سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي. نموني خاطر هِتي ٻه ٽي شعر لکان ٿو:

وهنجڻ ڌوئڻ ڪهڙي ڪم جو، وڃي نه مَن جو مير،

مڇي سدا رهي پاڻيءَ ۾ ڌپ نه ڇڏي مور

……

ڪبير لڄا لوڪ کان تو نه ڳالهايو سچ

ڄاڻي واڻي سون ڇڏي، ڇو تو جھليو ڪچ

……

ڪبير بيٺو بازار ۾ سڀ جو گهري خير

نه ڪنهن سان دوستي ۽ نه ڪنهن سان وير

……

ڪبير ڇو ٿو ڊڄين، تو سِرِ، سرجڻهار

هاٿيءَ چڙهي ڊڄ نه تون، ڀلي ڪتا بهن هزار

……

چوي ڪبير ڪمال کي، هي ٻه ڳالهيون لک

مالڪ جي ڪر بندگي ۽ بکئي لاءِ ماني رک

……

ڪبير ستو ڇا ڪرين، اٿي عملن تي رَو،

جنهن جو ٺڪاڻو مٽيءَ ۾، سکيو سمهي نه سو.