بلاگ

ڪتاب سنڌ شناسي جو جائزو حصو پهريون ذوالفقار علي جلباڻي

سنڌ جي تاريخ ۽ علم ادب بابت جن عالمن پنهنجي عملي تحقيق وسيلي کوجنا ڪري، ڪي چند ڪتاب تحرير ڪيا آهن، تن ڪتابن ۾ هڪ انمول ۽ بي بها مفيد معلومات سان آراسته ڪتاب جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ علم ادب بابت قيمتي معلومات ڏنل آهي. اهو ڪتاب جنهن جو اسان هيٺ تعارف ۽ ان کانپوءِ جائزو پيش ڪنداسين، سو سنڌي زبان ۾ مرتب ڪيل هڪ اهڙو شاهڪار آهي جنهن لاءِ مرتب جي محنت ۽ قدرداني هڪ طرف آهي ته ٻئي طرف محقق جا محنت سان تيار ڪيل مضمون مقالا جيڪي تحقيق جي مختلف زاوين جي روشنيءَ ۾ هڪ هڪ هيري مثل جلوي ۽ جوهر سان ڪيترن ئي پهلوئن کي اجاگر ڪن ٿا. مرتب ڪتاب کي جنهن نموني سان ترتيب ڏئي محمد حسين پنهور صاحب جي مضمونن، مقالن ۽ انٽرويوز کي مرتب ڪري ڪتابي صورت ڏئي پيش ڪيو آهي. اهڙو پورهيو تاريخ، ادب ۽ تحقيقي سان دلچسپي رکندڙن کان داد لهڻي ٿو. مواد ڳولي هٿ ڪرڻ، ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي. ڪتاب ۾ ڪهڙو مواد ۽ ڪهڙي معلومات ڏني وئي سا ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ ئي اُن جو اندازو ٿئي ته محقق سنڌ جي تاريخ جا تھ کولي ڪي جرڪندڙ جوهر ٻاهر ڪڍي چمڪايا آهن. سنڌ جي تاريخ ڪهڙن تهن هيٺيان لڪل آهي؟ ڪڏهن کان شروع ٿي، تن ڳالهين کي اثرائتي نموني تحقيق هيٺ آندو ويو آهي. ايم. ايڇ. پنهور بنيادي طور هڪ اهڙو محقق آهي، جنهن جي تحقيق جا بنياد سائنسي نوعيت وارا آهن. ايم. ايڇ پنهور هڪ سنڌ شناس هو، جنهن جي سنڌ شناسي جو ثبوت سندس ڪتاب ”سنڌ شناسي“ مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.

ڪتاب جو تعارف: مذڪوره ڪتاب ۾ سنڌ جي تاريخ، قديم آثارن تي تحقيق ۽ اشاعت، جاگرافي، سماج ۽ اقتصاديات، سنڌ جون مشهور شخصيتون ۽ انهن جون تقريرون، ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ تبصرا، سنڌو درياءَ، پاڻي، ٻوڏون ۽ انٽرويوز شامل ڪيل آهن. مذڪوره ڪتاب کي مکيه عنوان ڏئي ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي انهن جي سري هيٺ ٻٽيھ مختلف موضوعن تي مقالا ۽ مضمون تحرير ڪيل آهن ۽ ڪتاب جي آخر ۾ ايم. ايڇ. پنهور صاحب جا چار انٽرويوز شامل آهن. ڪتاب جو مرتب، غلام محمد لاکو آهي. هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچي پاران: (ڇاپو پهريون) ڊسمبر 2017ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي ۽ سهڪار ايم. ايڇ. پنهور ٽرسٽ پاران ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي قيمت هڪ هزار رپيا رکيل آهي. مذڪوره ڪتاب جو انتساب، سنڌ جي نامياري تعليمي ماهر، مفڪر، اسڪالر، اديب ۽ ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي دل گهريي دوست پروفيسر غلام مصطفيٰ شاھ (1999_19018ع)، جي نالي ڏانهن منسوب ڪيل آهي. هي سمورو ڪتاب 604 صفحن تي مشتمل آهي.

جائزو: هن ڪتاب ۾ جيڪا مفيد معلومات ڏني وئي آهي، سا هر لحاظ کان ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪري ٿي. ڪتاب کي شايع ڪندڙ اداري پاران اهو سچ لکيو ويو آهي ته، ”ايم. ايڇ پنهور صاحب جون علمي ۽ عملي خدمتون اسان کي هڪ ئي وقت زندگي جي اڪيچار شعبن ۾ نمايان طور ملن ٿيون. هُن سنڌ جي تاريخ کي جديد تقاضائن موجب مرتب ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششون ڪيون. هن ان سلسلي ۾ ڏيھ توڙي پرڏيھ جي ڪتب خانن مان گمنام ۽ اڻ لڀ مواد حاصل ڪرڻ لاءِ تمام وڏي کوجنا ڪئي.“ اداري پاران: 2017ع ايم. ايڇ. پنهور جيڪو هي تحقيقي پورهيو ڪيو آهي، اهو هڪ فرد جو نه پر ادارن جو ڪم آهي. ايم. ايڇ. پنهور سنڌ جو حلالي فرزند هو جنهن انهيءَ ڏکئي ڪم کي هڪ جذبي ۽ عشق طور هٿ ۾ کڻندي ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن جي ڪتابن، مقالن ۽ مضمونن جو مطالعو ڪري انهن مان سنڌ بابت جيڪا معلومات ملندي رهي سا گڏ ڪري انهيءَ کي پنهنجي مقامي ماڳن ۽ مڪانن جي فطري روشنيءَ ۾ جاچي ڏٺو. ڇاڪاڻ جو جيڪو پنهنجي فطري ماحول کي سمجهندو آهي، سو ٻيو نه سمجهندو آهي. پنهور صاحب ۽ سندس خاندان سنڌ جا رهاڪو آهن ۽ پنهنجي ماحول کي سٺي نموني سمجهي سگهڻ جا وٽس ڪيئي تجربا ۽ وڏڙن کان منتقل ڪيل ڪهاڻيون هيون تن کي تپاسي پنهنجي علمي بنيادن تي آڏو رکي نتيجا ڪڍيائين. ٻين مورخن، جاگرافيدانن، آثار قديمه جي ماهرن ۽ سياحن جي ڳالهين کي هروڀرو اکيون بند ڪري قبول نه ڪيائين. مثال: سنڌ متعلق جيڪو يونانين ۽ رومين تذڪره نگارن لکيو آهي تن ڳالهين کي حرف آخر نه ڄاتائين، پر انهن تذڪرن مان استفادو حاصل ڪري پنهنجي ماحول کي پنهنجي طريقي سان تپاسيائين. پنهور صاحب جن موضوعن کي مرڪز بڻايو تن ۾ ”سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، جاگرافي، قديم آثار، تعليم، سماج، زراعت، باغباني، ماحوليات، آبپاشي، جبل، درياءَ توڙي سمنڊ، خاص اهميت وارا عنوان رهيا آهن.“ (لاکو: 2017: 9) مذڪوره ڪتاب جي مرتب غلام محمد لاکي، جيڪو ڪتاب جو مهاڳ تحرير ڪيو آهي، انهيءَ ۾، ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي ڪيترن ئي انگريزي، سنڌي ڪتابن جو وچور ڏنو آهي. انهيءَ کان علاوه پنهور صاحب جا دوست، ايم. ايڇ پنهور جي مواد کي ترجمو ڪندڙ قلمڪارن کان ويندي، مذڪوره ڪتاب جي مواد بابت جيڪا ڄاڻ ڏني آهي، سا پڙهندڙن کي گهڻي قدر مهاڳ مان ئي چڱي خاصي معلومات ملي وڃي ٿي. چوويهن صفحن جو مهاڳ ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي ڪم جو بهترين تعارف آهي. جيئن اسان ڪتاب جي تعارف ۾ ٻڌايو آهي ته مذڪوره ڪتاب کي سٺي ريت ڇهن ڀاڱن ۾ مکيه عنوان ڏيئي ورهايو ويو آهي ۽ انهن عنوانن اندر ننڍا ننڍا عنوان پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾: سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه بابت مفيد بحث کي آڏو رکيو ويو آهي. شروع ۾ جيڪو عنوان رکيو ويو آهي سو آهي: سنڌ جي تاريخ ۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته: ”ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري، ننڍي کنڊ جي ڪن حصن ۾ بيٺڪي راڄ جي قائم ٿيڻ سان، اتي جي تاريخ ۽ آثار قديمه جو سائنسي يا علمي مطالعو شروع ٿئي ٿو. ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جو ذڪر به ٿيندو هو. ان سلسلي ۾ جن تحقيق ڪئي انهن ۾ اهم هئا.“ (پنهور، 2017: 35). پنهور صاحب جن شخصيتن جي مختصر سوانح ۽ تحقيقي خدمتن تي روشني وڌي آهي. اُهي الف-ب وارا رکيا ويا آهن: رينارڊ (1733): هڪ فرانسيسي تاريخي جاگرافي نويس هو. جنهن پنهنجي تحريرن ۾ سنڌ جي قديم شهرن متعلق بحث ڪيو آهي، جن متعلق وري نائين ۽ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ عرب سياحن ۽ سوداگرن لکيو آهي. (ب) رينل (1793_1778)، (ج) سر وليم جونس (1789)، (د) فادر ونسينٽ (1797ع)، (ه) انگريز سفارتون: سال 1799ع کان 1843ع تائين. (و) ماليٽ (1844ع)، (ز) پوسٽنس (1845ع)، (ح) مئڪمردو (1846) (ط) برٽن (1851ع)، (ي) هيگ (1894ع)، (ڪ) مرزا قليچ بيگ (1902_1900): سنڌ جي تاريخ ٻن جلدن ۾ قلمبند ڪئي. (ل) خدا داد خان (1901ع)، (م) سيد سليمان ندوي (1938_1933)، (ن) ڊاڪٽر دائوپوٽو (1938_1940ع) ۽ (س) ۾، سيد ابوظفر ندوي (1947ع) اچن ٿا. ايم. ايڇ پنهور، سيد ابو ظفر ندوي بابت لکي ٿو ته: ”تاريخ سنڌ“ ۾ ڪيترين ئي غلطين جي هوندي به سنڌ جي عرب صوبيدارن ۽ هباري گهراڻي جي تاريخ ڏنل آهي، جيڪا مٿي ڄاڻايل ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ماخذن مان ورتي وئي آهي. سندس ڏنل نقشا بلڪل غلط آهن ۽ سندس وضاحتون پڻ قبول ڪرڻ جوڳيون ڪونه آهن.“ (پنهور: 2017: 37)، انهيءَ کانپوءِ آثار قديمه ۾ آزاديءَ کان اڳ جي صورتحال تي نگاھ وڌي وئي آهي، انهيءَ سلسلي ۾ الف-ب وار ڪن عالمن جي خدمتن کي آڏو آڻي انهن جي ڪم مان مثال کنيا ويا آهن. اهڙي طرح هڪ عنوان: آزاديءَ کان اڳ جي صورتحال-تاريخ جاگرافي ۾ سنڌو درياءَ جي وهڪرن ۾ ڦير گهير متعلق ٻڌايو ويو آهي ته: ”ان جي ڪري سيلابي ميدانن جي صورت بدلجي ويندي هئي. آبپاشيءَ جو سرشتو، زراعت، وسنديون، ڳوٺ، شهر، اچ وڃ جا رستا ۽ قدرتي وڻ ٻوٽا تباهه ۽ برباد ٿي ويندا هئا.“ (پنهور: 2017: 40) مذڪوره ڪتاب ۾ ڪن اهڙين چيزن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن تي تحقيق جي گهڻي کان گهڻي ضرورت درڪار آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ اسلامي دور جا ڪيترائي يادگار لڌا ويا آهن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت به آهي جن ۾ ”خدا آباد جي مسجد 13-1912ع، عيسيٰ ترخان ثاني جي رهائش واري جاءِ ۽ جامع مسجد ٺٽو 15-1914ع ۽ 19-1918ع، مرزا عيسيٰ خان ترخان جو مقبرو 19-1918ع، غلام شاھ ڪلهوڙي جو مقبرو ۽ مڪليءَ جو قبرستان ۽ ڦٽل آثار 20-1919ع، جامع مسجد خدا آباد 22-1921ع، سَتين جو ٿان روهڙي 22-1921ع، حيدرآباد ۾ ٽالپرن ميرن جا حرم 23-1922ع، حيدرآباد ۾ ميرن جا قبا 27-1926ع، نئين ڪوٽ جو قلعو، شهدادپور ۾ مير شهداد جو مقبرو 29-1928ع، ڀنڀور جي ويجهو سسئي جو ٽڪر 1930ع، حيدرآباد ۾ ميان غلام نبيءَ جو مقبرو 34-1930ع ۽ لس ٻيلي ۾ گنڊڪو ٽڪرين ۽ ڀاواني ڳوٺ جي وچ ۾ سَمَن جون پنجاھ قبرون 1937ع.“ (پنهور: 2017: 39، 40)، اهڙي طرح، آزاديءَ کان اڳ جي صورتحال تاريخ جاگرافي جي پسمنظر ۾ پيش ڪئي وئي آهي. سن 1947ع ۾ آزاديءَ جي وقت سنڌي جي ماضيءَ بابت اسان جي ڄاڻ ڪهڙي هئي. اهڙيءَ طرح آزاديءَ کانپوءِ سنڌ جي تاريخ تي جيڪا تحقيق ٿي آهي اُن کي ڏيڍ صفحي تي الف. ب ۽ د ٽن اکرن ۾ مواد ڏنو ويو آهي ته ”سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جي نروار ٿيڻ کانپوءِ مذڪوره ادارن جيڪو سنڌ جي ماضيءَ تي هٿ ڪيل مواد مرتب ڪرايو ۽ انهيءَ ڪم کي ترجمو ڪرائي ڇپرائڻ جو ڪم شروع ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ انهيءَ ڪم لاءِ جيڪي معيار ۽ ضابطا مقرر ڪيا ويا هئا سي بين الاقومي ادارن جهڙوڪ: رائل ايشياٽڪ سوسائٽي ۽ ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال جي طرز ۽ معيار تي مقرر ٿيل هئا. انهيءَ جو طريقيڪار هي هو جو ڪتابن جا متن ڪيترن ئي مسودن سان ڀيٽ ڪري مصنفن جي حياتين جي احوال ۽ سندن ٻين ڪتابن تي بحث ڪري حاشيا ۽ واسطيدار شخصيتن جا احوال لکي ڪن اهم ۽ ضروري تاريخي جاين جا هنڌ ڳولي هٿ ڪري قديم آثارن ۽ ڪتبن جا فوٽو ڏئي مرتب ڪرڻ شروع ڪيا ويا. جن عالمن اهڙي ڪم جي شروعات ڪئي تن ۾ سيد حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر اين. اي بلوچ، مخدوم امير احمد، نياز همايوني جا نالا ذڪر هيٺ آندا ويا آهن.“ ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌي جي تاريخ، ثقافت ۽ تاريخ جي باري ۾ مواد تي ڪيترائي مونوگراف شايع ڪيا.“ (پنهور: 2017: 44)، آزادي کانپوءِ سنڌ جي آثار قديمه تي جيڪا تحقيق ڪئي وئي آهي سا ساڳيءَ طرح الف. ب جي سري هيٺ رکي ڪن محققن جي ڪم کي آڏو آندو ويو آهي جيڪي پنهنجي شعبي ۽ ڪم جا ماهر هئا تن جي حوالي سان انهن جي تحقيقي پورهئي جو تعارف پيش ڪري انهن جي ڪم جي اهميت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مثال آنجهاني مجمدار جيڪي تحقيقي کوجنائون ڪري تن جي آڌار تي جيڪي نتيجا حاصل ڪيا هئا انهن نتيجن مان ثابت ٿيو هو ته موهن جي دڙي کان اڳ سنڌ ۾ ڪي اهڙيون وستيون به هيون جن ۾ آمري ۽ ٻيون جن جي کوٽائيءَ کانپوءِ اُن جا نتيجا ملڻ شروع ٿيا. سن 1950ع واري کوٽائي جو نتيجو چوڏهن سالن کانپوءِ سن 1964ع ڇپجي ظاهر ٿيو. سن 1950ع جي آخري ڏهاڪي ۾ ڊاڪٽر خان ڀنڀور جي آثارن جي کوٽائي ڪئي. ”آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ۽ پاڪستان جي آثار قديمه جي کاتي جيڪي کوجنائون سنڌو سڀيتا جي آثارن جي ڏس ۾ ڪيون، انهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پراڻا آثار لڌا ويا آهن. اهي آثار تقريبن موجوده سموري پاڪستان سواءِ آزاد ڪشمير ۽ اتر پاڪستان جي جبلن جي اڀرندي پنجاب، بيڪانير، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ مهاراشتر بمبئي جي اوڀر ۾ اٽڪل اسي ميلن تي دائم آباد تائين پکڙيل آهن.“ (پنهور: 2017: 44، 45) سنڌ جو تهذيب ۽ تمدن انهن آثارن هيٺيان مدفون آهي. ڏيهي توڙي پرڏيهي انهن آثارن جي کوٽائي کانپوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته سنڌ جي هنج ۾ انساني تهذيب و تمدن جو جنم ٿيو آهي. هن وقت سنڌي زبان ۾ ڪي ٿورا ماڻهو آهن جيڪي انهن قديم آثارن ۾ دلچسپي وٺن ٿا، دل جي ڳالھ هي به آهي ته معياري ۽ تحقيقي ڪم وارا ماڻهو ڪونه آهن، جن جو ذهني ۽ فڪري ڪارج درست دڳ سان تحقيق ڪرڻ جو ارادو رکندڙ هجي. سنڌي زبان ۾ ايم. ايڇ پنهور صاحب جهڙن محققن جي تحقيقي ڪم کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي. هن وقت اسان کي اهڙن تحقيقي مقالن کي ور ور ڪري مطالعو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو اهڙا مقالا ۽ مضمون اسان جي ذهني ۽ فڪري سوچ ۾ اضافو آڻي اڳتي وڌڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا. اسان کي پنهور صاحب جي مقالن ۽ مضمونن جي مواد مان بيان ڪيل معلومات ۽ تحقيق جو طريقو اسان جي سمجھ ۽ سوچ ۾ اضافو آڻيندو. انهن مقالن جون معلوماتي ڳالهيون عام ڪرڻ لاءِ نوجوان نسل سان متعارف ڪرائڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو اسان پنهنجي نسل کي انهيءَ تحقيق واري ڏس ڏانهن وٺي هلنداسين ۽ انهيءَ شعبي ۾ دلچسپي ۽ شوق پيدا ڪرائيندسين ته ايم. ايڇ. پنهور واري ڇڏيل ڪم جون آسون پوريون ٿينديون رهنديون نه ته اسان صحيح تحقيق واري رستي کان ڪيٻائينداسين ته وڏو نقصان ٿيندو. سنڌ جي ماضيءَ جي تاريخ کي ڇنڊڻ ڇاڻڻ ۽ اُن کي علمي ۽ عملي بنيادن تي سمجهڻ ڏکيو ڪم آهي. هي سمورو ڪم تربيت ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کانسواءِ ناممڪن آهي. قديم آثارن مان قديم سماج کي ڳولڻ وارو ڪم انتهائي ٿڪائيندڙ ۽ ڪٺن ته آهي، پر انهيءَ ڪم جو مزو پنهنجو آهي، جن انهيءَ ڪم ۾ هٿ وڌو آهي، انهن عشق ۽ جذبي ۾ جان جوکي ۾ وجهي وڏيون قربانيون به ڏئي ڇڏيون آهن، پر خاموشي اختيار نه ڪئي آهي.”سنڌ جي لاڙ وارن آثارن ۾ پاڪستان جي قديم آثارن جي ايڪسپلوريشن ۽ سروي ٽيم سال 1960ع ۾ تحقيق ڪري هڪ فهرست تيار ڪئي، جنهن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ شهر ڏيکاريل هئا. انهن مان گهڻائي سومرا ۽ سما دور جا ۽ ڪي شهر ارغون، ترخان، مغل ۽ ڪلهوڙا دور جا هئا.“ (پنهور: 2017ع: 45)، اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر رفيق مغل آمري، ڪوٽڏيجي ۽ موهن جي دڙي، جهڪر ۽ جهانجهر وغيره جي جيڪا چڪاس ڪري جنهن نتيجي تي پهتو تن نتيجن بابت هڪ مفيد معلومات سان آراسته ڪيو ويو آهي. ”سن 1975ع کانپوءِ برهمڻ آباد منصوره جي آثارن جي جيڪا کوجنا ٿي ۽ سن 1979ع ۾ آثار قديمه جي کاتي وارن روزاني انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ بيان ڏنو ته منصوره انهيءَ هنڌ تي آهي، جتي برهمڻ آباد هو. (پنهور: 2017: 45)، سنڌ جي تاريخ ته هزارن سالن تي مشتمل آهي، انهيءَ جون پاڙون هن ڌرتيءَ جي اونهائي ۾ گهِريون کتل آهن. اسان جي ڳوٺ جو نالو ته محمد حسن جلباڻي آهي، جيڪو هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، ليڪن اسان جي جلباڻين جي ٻنهي ڳوٺن، ڳوٺ سائينداد جلباڻي ۽ گاهي خان جلباڻيءَ وارا. ڳوٺ محمد حسن جلباڻي واري ڳوٺ کي برهمڻ به چوندا آهن. اهو هڪڙو الڳ بحث آهي جو انهيءَ نالي پوڻ جو اڄ تائين ڪنهن وٽ به ڪو مثبت جواب نه آهي ۽ نه ئي هن وقت ڪو اتي آثار قديمه جو ڪو نشان وغيره موجود آهي. ها البته ڳوٺ گاهي خان جلباڻيءَ جي اتر ۽ اولھ واري ڪُنڊ تي هڪڙو ڇهن ايڪڙن تي مشتمل زمين جو ٽڪرو آهي انهيءَ مان ويھ پنجويھ سال اڳ هارين جي هر ڪاهڻ وقت ڪي سڪا لڀندا هئا، جيڪي هن وقت نٿا هٿ اچن. مذڪوره ڪتاب جو مطالعو پڻ انهيءَ ڳالھ کي ثابت ٿو ڪري ته هن ڌرتيءَ تي لکن سالن کان آبادي موجود هئي. محقق پنهنجي تحقيق مان اهو ثابت ڪرڻ جي سائنسي بنيادن تي ڪوشش ڪئي آهي سا ساراھ جوڳي آهي. پنهور صاحب مذڪوره ڪتاب جي ڀاڱو ٻيو ۾ تاريخ، جاگرافي، سماج ۽ اقتصاديات متعلق تحقيق پيش ڪري ٿو. هن ڀاڱي جو پهرين عنوان آهي: ”سانگهڙ ضلعي جي هڪ لک ساله تاريخ“ جنهن ۾ پنهور صاحب رقم ٿو ڪري ته: ”اٽڪل هڪ لک سال اڳ سمنڊ جي سطح چڙهڻ شروع ڪيو ۽ اندازن 20 هزار سال کن اڳ اُن جو پاڻي ذري گهٽ سڄي سنڌ کي ٻوڙيندو اتر طرف وڃي ملتان تائين نڪتو.“ (پنهور: 2017:95) مذڪوره عنوان کي ويهن انگن اکرن ۾ ورهائي وضاحت ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ جي لاهين چاڙهين، اوڀارين لهوارين کان ويندي درياهن ۽ انهن جي وهڪرن، شاخن، فصل جي پيداوار، آرين جو ننڍي کنڊ ۾ اچڻ، حڪمرانن، ملڪ اندر اندروني ۽ بيروني واپار متعلق هن طرح لکي ٿو ته: هتي جو سامان کَلون، مَلمل، ريشم، خوشبوئون، سچا موتي، شينهن، چيتا، واگھ، شڪاري ڪتا، گينڊا، مشڪ، هرڻ، عاج، رڙهندڙ جانور، واڳون، سپ جا موتي، ريشمي ڌاڳو، لاک وارو رنگ، گرم مصالحه، خوشبودار شيون، دالچيني، ڪارا مرچ، ڪِٺُ، کونئر، ريوند چيني، کنڊ، نير، سوٽي ڌاڳو، ديال، سُڪل ميوو، چانور، (سرگم) لاجورد پٿر، يورپي عورتون مرجان، شراب، سون، چاندي، قيمتي مڻيا، شيشو ڌوپ لوبان وغيره جي درآمد ٿيڻ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ ڪجھ سنڌي قبيلن جي اصليت کي پرکڻ لاءِ علم الانسان جي روشني ۾ اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ اڀياس لاءِ سنڌ ۾ ڪيترن ئي قبيلن ۽ ذاتين جي اوسر ۽ واڌ ويجھ ۽ لڏپلاڻ جي سلسلن کي مدنظر رکيو ويو آهي. پنهور صاحب لکي ٿو ته: ”14500 سال اڳ کان وٺي 9500 سالن تائين، سنڌ اندر ماڻهن جو گذر سفر شڪار تي هو. اهي ڪراچيءَ کان ڍاڍر تائين، اولاهن جبلن ۾ گردش ۾ رهندا هئا. هي دور گهڻي ڏڪر ۽ گهڻي ٿڌ وارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.“ (پنهور: 2017: 105)، انهيءَ کانپوءِ سلسلي کي قائم رکندي اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته 9500 سالن کان 8000 سال اڳ تائين، گرمي وڌي ۽ بارشون جام ٿيون. اهڙي طرح 9000 سال کان 7000 سال اڳ تائين، انهن ماڻهن گهر ٺاهڻ، اناج، ڀاڄيون ۽ کجور پيدا ڪرڻ طرف توجھ ڏني ۽ اهڙي طرح ڪيترن ئي قبيلن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪڇ جا لاڳاپا، جاگرافيائي صورتحال، سنڌ ۽ ڪڇ جا شڪاري قبيلا، ابتدائي سنڌو تهذيبن جو زمانو (3500-2300 ق. م)، سنڌ شهنشاهت ۽ ان جا صوبا (2300-1600 ق.م)، هخامنشي سلطنت (519-450)، سڪندر جو حملو (325 ق. م) هن موضوع مان ڪا ڳالھ واضح نٿي ٿئي ته آخر سڪندر اعظم کي دنيا فتح ڪرڻ جو خيال ڇو آيو؟ اهڙي طرح هڪڙي تاريخي سلسلي کي ڳنڍيو ويو آهي ۽ مختصر طرح، موريا خاندان جي حڪومت (324-187 ق.م) يوناني باختري (184-70 ق.م)، سٿين خاندان (70-46 ق.م)، پارٿي خاندان (46-78ع)، ”هن گهراڻي جي حاڪم گونڊو فرنس، جنهن هيٺين سنڌ کي فتح ڪيو، پنهنجي پيشروئن وانگر ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کي به قبضي ۾ رکيو.“ (پنهور: 2017: 118) اهڙي طرح ڪشن خاندان (62-283ع)، ساساني خاندان (176-367ع)، ايران جي هن گهراڻي سنڌ تي قبضو ڪيو، جو سن 367ع تائين ڏسجي ٿو. وليڪا خاندان (367-470ع)، راءِ خاندان (499-640/641ع) گپتا خاندان جي حڪومت ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ ختم ٿيڻ کانپوءِ راءِ خاندان ڪڇ تي قبضو ڪيو. اهڙيءَ طرح وري برهمڻ خاندان (640/641-712ع) ۾ چچ کي ڪڇ جو ڀاڱو پنهنجي بادشاهت جي حصي طور مليو. ايم. ايڇ پنهور جو اهو هڪ وڏو ڪمال آهي ۽ سندس ذهني فڪري سوچ ۾ اها ڳالھ هلندي رهي ٿي ته هن سنڌ جي جاگرافيائي اهميت کي نظر انداز نه ڪيو آهي. ايم. ايڇ پنهور اهڙي طرح عرب جي دور کي مختصر حالات کي واقعن جي روشنيءَ ۾ بيان ڪري ٿو. عربن حفاظت لاءِ محفوظه نالي هڪ شهر آباد ڪيو هو. ايم. ايڇ پنهور انهيءَ ڳالھ جو به اظهار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ عربن جو دور ڪو امن ڀريو نه هو. انهن حالتن جو فائدو وٺندي، هڪ مقامي حاڪم سن 746ع ۾ خود مختياري جو اعلان ڪيو. هي خود مختياري ڪو ايڏو وقت هلي نه سگهي ۽ پنجن سالن کانپوءِ ختم ٿي وئي. اهڙي طرح وري سنڌ ۾ عباسي گورنرن (751-854/855ع) جي اچڻ کانپوءِ ”لاڳيتو حالتون خراب رهيون ۽ گورنر تبديل ٿيندا رهيا“ (پنهور: 2017: 121) انهيءَ کانپوءِ وري سنڌ ۾ هباري دور (854-1010/1011ع) شروع ٿيو، جن سنڌ تي خود مختيار ٿي حڪومت ڪئي هئي. پنهور صاحب جنهن انداز سان پنهنجي تحقيق کي اڳتي وڌايو آهي ۽ تاريخ کي هڪ تسلسل ۾ اڳتي کڻندو هليو آهي ۽ اهوئي تحقيق جو درست رستو آهي، جا ڳالھ هڪ سلسلي سان هلندي رهي.. انهيءَ کانپوءِ سومرن جي حڪومت (11/1010/_1351ع)ذڪر ڪيو ويو آهي. پنهور صاحب لکي ٿو ته، ”سومرا مقامي اسماعيلي هئا جن مقامي هباري عربن کان سن 1010ع ڌاري حڪومت ورتي. سومرن جي حڪمراني دوران به امن امان ڪونه رهيو هر طرح ڀڃ ڊاھ ۽ ٺاھ ٺوھ ٿيندي رهي. حاڪم خفيف سومري کي ٻوڙي ماريو ويو ته ٻئي طرف وري منصوره کي تاراج ڪيو ويو. موسم جو خشڪ ٿيڻ ۽ منگولن جي لڏپلاڻ ٿيڻ، لوڻي ۽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿيڻ، هاڪڙي جي مڪمل طور تي سڪي وڃڻ، سنڌ جا ڪڇ سان ويجها لاڳاپا ختم ٿي وڃڻ ته ٻئي طرف وري ڪڇ جي نار جي ٻنهي پاسن سان سنڌ توڙي ڪڇ جا ڪيترائي شهر زوال پذير ٿيا. سن 1297ع ۾ علاوءُ الدين جي لشڪر لاڙ تي حملو ڪيو. سومرن جي سموري حڪمراني دوران ڪڇ تي جاڙيجن سمن جي حڪمراني رهي ۽ ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ سٺي دوستي جو اعتراف ڏسجي ٿو. 1297ع ۾ سنڌ ۽ ڪڇ دهليءَ جي هٿ هيٺ رهيا. سنڌ ۽ ڪڇ کي 1315ع  ۾ علاوءُ الدين جي موت کانپوءِ آزادي ملي. سومرن ۽ سمن جي وچ ۾ ڪن ڳالهين جي اڻبت سبب سن 1351ع ۾ سومرن کي سمن حڪمراني تان نيڪالي ڏئي، پاڻ سن 52-1351ع کان حڪمراني ڪئي، جيڪا سن 1524ع تائين هلي. هن ڪتاب جي مقالن جي مطالعي مان هِن ڳالھ جي معلومات ملي ٿي ته سنڌ جي عوام ڪڏهن به سُک جو ساھ نه کنيو آهي ۽ عوام هر وقت ڌارين جي ڪيترن ئي حملي آورن سبب بي چين رهيو آهي. انهيءَ عرصي دوران ٺٽو، ننگر پارڪر، ويرا واھ، ڏيپلو، مٺي، ڏنڀرلي، ڊگهڙي ۽ نصرپور، روهڙي، ماٿيلي، اوٻاوڙي، سيوراءِ، ڀٽا واهڻ، ديرا واڙ، موجوده جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، تلهار، جي شهرن ۽ علائقن ۾ خوف ۽ ڊپ جو طوفان برپا رهيو.“ شاهه حسن 1540ع ۾ همايون جي شڪست جو ٻڌي دورانديشيءَ طور روهڙيءَ ۽ اُچ جي وچ ۾ پوکون برباد ڪرائي ڇڏيون، پر جڏهن همايون سنڌ ۾ داخل ٿيو ته باقي رهيل آباديون ۽ فصل ناس ڪرائي وڌائين. اڍائي ٽن سالن تائين ڪابه پوک ٿيڻ نه ڏني وئي، جنهن سبب سنڌ ۾ ڏڪر، بيمارين ۽ خراب حالتن مُنهن ڪڍيو. (پنهور: 2017: 128)، فطرت هميشه انسان جي ڀلن ڪمن جو ساٿ ڏيندي آهي، جڏهن به حڪمران عوام لاءِ آزار پيدا ڪرڻ شروع ڪندا آهن ته قدرت وري انهن جي مَٿي تان سڪون ۽ آرام وارو تاج کسي وٺندي آهي ۽ پوءِ پاڻ ۾ وڙهي لڙي پاڻ ئي تباھ ٿي ويندا آهن. اهو ئي ڪنهن عظيم ماڻهوءَ جو چيل سچو گفتو آهي، جنهن کي عالم انسان ۾ مڃتا ملي آهي ”آھ غريبان قهر خدائي“، اهڙي طرح سمن ڄامن جي حڪومت کانپوءِ ارغون، ترخان ۽ پوءِ مغل اچي سنڌ تي ڪڙڪيا. ”مرزا عيسيٰ خان ترخان جي سڏ تي پورچوگيز سن 1555ع ۾ ٺٽي پهتا… شهر ۾ قتلام ڪري، ٻن ڪروڙن جو سون هٿ ڪيائون. (پنهور: 2017: 129)، پنهور صاحب تي سنڌ جو هر اُهو ماڻهو فخر ۽ سرهائي ڪري سگهي ٿو جنهن سندس تحقيقي ڪم جو اڀياس ڪيو هوندو! محمد حسين پنهور هڪ وڏو محقق هو ۽ سندس نقاد واري حيثيت کي به فراموش نٿو ڪري سگهجي. هن پنهنجي مقالن ۾ جيڪا تحقيق پيش ڪئي آهي سا ڪنهن هڪ لائبريري ۾ ويهي رڳو ٻين جي ڪتابن تان ڳالهيون ويهي نقل ڪونه ڪيون آهن، پر پنهنجي سر اهي وٿاڻ به ووڙيا آهن. لکي ٿو ته: ”اپريل 1961ع ۾ بدين تعلقي جي ديھ مٺي-1، مٺي-2، مٺي-3، ۾ اٺ ۽ ٻڪريون چاريندڙ ڪجھ قبيلن سان ملاقات ٿي هئي. انهن جو تعلق ٿر، ڪوهستان، لاڙ ۽ ڪڇ سان هو. ڪن جو واسطو جَتَ قبيلي سان هو. ڪي هندو ته ڪي مسلمان هئا.“ (پنهور: 2017: 130)، هڪ محقق سندس مقالن جي فڪري گهرائي ۽ محنت مان اندازو ڪري سگهي ٿو ته هن هڪ منظم نموني پنهنجي تحقيق ڪئي آهي، جيڪا سندس مقالن جي مواد مان شاهدي ملي ٿي. هن ڪوهستاني علائقي جو مشاهدو ڪيو هو ته ٻئي طرف وري سندس نگاهون ڪوٽڙي بئراج تي هيون ۽ چراگاھن جي حالت بيان ڪئي آهي. ڍورا، هيٺانهون ۽ ندين جا پراڻا پيٽ، سنڌ جو ندين وارو علائقو مشاهدي هيٺ رکيائين. ٿر جو پرڳڻو، ڪڇ جا ٻيٽ انهن ۾ سندس دلچسپي وٺي جيڪي نتيجا ڪڍيا ويا تن مان سندس مشاهدو، مطالعو ۽ مشق عيان نظر اچي رهي آهي. اهڙي طرح قديم سنڌ جا يوناني ۽ رومي تذڪره نگارن جو (550 ق. م-160ع)، بابت مطالعو پيش ڪرڻ ڪري، سندس علمي وسعت جو پتو پوي ٿو. پنهور صاحب جي تحقيق پيش ڪرڻ جي مقصدن ۾ سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي، معاشي اهميت کي اجاگر ڪري پيش ڪرڻ جو رهيو آهي، جنهن ۾ هُو ڪامياب نظر اچي رهيو آهي. پنهور صاحب لکي ٿو ته: ”يوناني 23 مصنفن کي پڙهڻ کانپوءِ منهنجي اکين اڳيان سنڌ جي بين الاقوامي واپار International Trade جو نقشو ڦرڻ لڳو ۽ ان موضوع تي مضمون تيار ڪيم جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جي تحقيقي مخزنSindh logical Studies ٻن نقشن سميت شايع ٿي رهيو آهي.“ (پنهور: 2017: 136)، اهڙي طرح مذڪوره ڪتاب ۾ انهن ٽيويهن ئي مصنفن جي لسٽ ڏني وئي آهي. انهيءَ لسٽ ۾ شامل پهرين مصنف هيڪٽيئس Hecataeus کان ويندي ٽيويهين مصنف ايرينFlavius Arrian  جي مختصر سوانح سان گڏ، انهن جي علمي ڪم بابت معلومات ڏني وئي آهي ته سنڌ جي سر زمين جي ذڪر کانسواءِ دنيا جي تاريخ جي ارتقا جو معامرو حل ٿيڻ مشڪل آهي. مذڪوره مقالي ۾ دنيا جي سڀ کان آڳاٽو تيار ڪيل عالمي نقشو ڏنو ويو آهي. (هيرو ڊوٽس-450 ق. م) جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌو درياھ جي نشاندهي ڪيل آهي ۽ نقشي ۾ ساڄي پاسي هيٺ ڪنڊ تي ٽٻڪن وارو حصو سنڌ ڄاڻايو ويو آهي. اهڙي نموني هڪ ٻيو نقشو ڏنل آهي، جيڪو دارا اعظم (519 ق. م) جي شهنشاهيت ۾ سندس حڪم سان اسڪائلئڪس جو پشاور کان ڳاڙهي سمنڊ تائين جي سفر جي نشاندهي ڪيل آهي. اهڙي طرح ٽِوولي هيرم شهر جي ميوزم ۾ رکيل سڪندر اعظم جي مجسمي جي تصوير ڏني وئي آهي ۽ انهيءَ جي هيٺيان سڪندر اعظم جي سوانح نويس ٽالمي سارٽر (سڪندر جي ويڳو ڀاءُ ۽ مصر جي بادشاھ جي تصوير ڏنل آهي. ڪتاب جي صفحي نمبر 147 تي، دارا اعظم-1، جنهن جي حڪم تي اسڪائلئڪس پشاور کان عربي سمنڊ تائين سفر ڪري سنڌو درياھ جي سروي ڪئي اُن جي تصوير ڏنل آهي. ڪتاب جي صفحي 166 تي ٽالمي (150ع) جو تيار ڪيل عالمي نقشو جنهن ۾ سنڌINDUS  ڏيکاريل آهي ۽ وري هڪ ٻيو نقشو 167 صفحي تي ڏنل آهي، جنهن ۾ نقشي ٺاهيندڙ ٽالميءَ سنڌ جي ڀر وارن علائقن کي ڏيکاريو آهي. هي سمورو مقالو 42 حوالن جي روشنيءَ ۾ تيار ڪيل آهي. اهڙي طرح ڪتاب ۾ هڪ مقالو ”دنيا جو قديم ترين ۽ وسيع ترين قلعو راڻي ڪوٽ“ (ان جو بنياد اهڙي غير معمولي جاءِ تي ڇو رکيو ويو؟) جي عنوان سان پڻ هڪ معلوماتي مقالو آهي، جيڪو هن ڪتاب جي زينت آهي. هن قلعي جي تاريخ ۽ ساخت بابت جيڪو اڳ ۾ ڪم ٿيو آهي، ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ صفحي 176 تي راڻي ڪوٽ جو نقشو پڻ ڏنو ويو آهي. هن قلعي جي ايراضي کان ويندي قلعي جي تاريخ، ساخت کان وٺي راڻي ڪوٽ جي مکيه راڻي ڪوٽ قلعي ۽ انهيءَ اندر جيڪي ٻه ننڍا ڪوٽ ميري ۽ شير ڳڙھ آهن تن بابت به ڄاڻ ڏني وئي آهي. …(هلندڙ)…