بلاگ

ڪتاب: غلام رباني آگرو ڪهاڻي ۽ نثر جو بادشاهه جو جائزو ڊاڪٽر ذوالفقار علي جلباڻي | # جنوري 2022

سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي عالمن، اديبن، شاعرن محققن ۽ نقادن جا مختلف موضوعن تي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر معياري ۽ علمي بنيادن تي لکيل ڪتاب جيڪي سماج کي بيدار ڪري ڏيکارڻ واري واٽ ٻڌائين ٿا تن جو قصو ئي الڳ آهي. ڪنهن به قوم جي شعور سمجھ، سڃاڻپ ۽ ڏاهپ کي پرکڻو ۽ معيار ڳولي لهڻو آهي ته پوءِ انهيءَ قوم جي عالمن، اديبن، شاعرن، مذهبي اسڪالرن جي ڪتابن جو مطالعو ڪري ڏسجي ته، انهن ڇا لکيو آهي ۽ انهيءَ لکتن جا قوم مٿان ڪهڙا اثرات مرتب ٿيا آهن. اسان جا اُهي ڪهڙا عالم آهن جن جي علمي خدمتن جي ڪري، اسان جي سماج ۾ موجود ماڻهن جو اخلاق بلند ٿيو آهي، جي ٿيو آهي ته ڪيترو ٿيو آهي؟ ڪتاب قومن ۽ معاشرن جي ڪردارن ۽ عملن کي سنوارڻ جا ڏس ڏئي دنيا ۾ شان مانُ ۽ مرتبو اوچو ڪرائيندا آهن. اڄ اسان جي مطالعي هيٺ هڪ اهڙو ئي انمول ڪتاب سامهون آهي، جيڪو هڪ لکيل پڙهيل ۽ علم ادب سان گهري وابستگي رکندڙ هڪ پروفيسر جو لکيل آهي. مذڪوره ڪتاب پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب پنهنجي هڪ علم دوست جي فن، فڪر ۽ شخصيت بابت تحرير ڪيو آهي. ڪنهن به شخصيت جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ لاءِ انهيءَ شخصيت جي علمي ادبي ڪمن کي آڏو رکي اُن جي علمي ادبي، ذهني، فڪري ۽ فلاحي ڪمن کان ويندي سندس حاصلات ۽ ڪاميابيءَ جي پسمنظر کي مد نظر رکيو ويندو آهي. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هتان جي ماڻهن انساني قدرن جي واڌ ويجھ ۽ جياپي لاءِ هميشه کان پاڙ پتوڙي امن قائم ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش آهي.

اڄ افراتفري، نفسانفسي جي دور ۾ سٺن ڪتابن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، انهيءَ روايت سان، اسان جي ذهنن ۾ اعليٰ ۽ آفاقي قدر پيدا ٿيندا ۽ اسان جي سوچ ۾ تبديلي ايندي ۽ انهيءَ سان سڀني جا ڀاڳ کُلي پوندا. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب به سنڌي ادب ۾ هڪ اهڙي ڪتاب کي جنم ڏنو آهي، جنهن وسيلي اسان کي سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ سهڻي نثر نويس جي خيالن کي سمجهڻ جو موقعو پيدا ڪري ڏنو ويو آهي. غلام رباني آگرو جون علمي ۽ ادبي خدمتون ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهن، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب، غلام رباني آگرو جي علمي ادبي ڪمن سان عشق رکي ٿو، جنهن ڪري هي ڪتاب به عاشقيءَ جو اظهار آهي. سنڌ سميت ساهتي خطي جي ماڻهن کي اهڙي علمي گوهر تي سدائين ناز رهندو. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب کي جس آهي جنهن وڏي محنت سان سندس يادگيرين کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. مذڪوره ڪتاب رڳو يادگيرين تي آڌاريل ڪونهي، پر غلام رباني آگرو جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي پڻ اجاگر ڪري ٿو. پروفيسر جسڪاڻي صاحب جنهن موضوع جو انتخاب ڪيو آهي اها شخصيت سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد ۽ معمار ڪهاڻيڪار، سفر نويس، مترجم، خاڪا نگار، سوانح نگار ۽ باصلاحيت منتظم جي حيثيت ۾، پنهنجي بيمثال خدمتن سان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. غلام رباني آگرو جي شخصيت ۽ فن ۽ فڪر تي هي ڪتاب لکي پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي قدر شناسائيءَ جو هڪ مثال پيش ڪري اهو احساس ڏياريو آهي ته اسان جي بي قدريءَ سبب سنڌي ادب کي نقصان ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ جو اسان سنڌ جي اديبن کي نوجوان نسل سان پنهنجي عالمن، اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ قومي درد رکندڙن کي متعارف نه ڪرائي سگهيا آهيون. انهن ڳالهين کي مد نظر رکي پروفيسر صاحب ڪتاب کي خوش اسلوبيءَ سان پاياءِ تڪميل تائين پهچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري، غلام رباني آگرو جي ڪيل ڪم جي جامع نموني سندس تخليقي، انتظامي ۽ انسانيت، مهمان نوازيءَ وارن گڻن کي ڏاڍي سهڻي سليقي سان ڪتاب جي زينت بڻايو آهي. مذڪوره ڪتاب جي ارپنا غلام رباني آگري جي صالح اولاد پروفيسر ڊاڪٽر قرت العين، عزيزالرحمان آگرو ۽ مجيب الرحمان جي نانءُ ڪئي وئي آهي. ارپنا جي ورق اٿلائڻ کانپوءِ هڪ شعر جي چونڊ ڪئي وئي آهي، سو هن طرح آهي:

وطن تنهنجي مٽي اوڍي سُتاسين

اهو ئي کوڙ آ، اعزاز هڪڙو

جيڪڏهن پروفيسر جسڪاڻي صاحب، انهن ٻن سٽن جي چونڊ ۾ انهن سٽن جي سرجڻهار شاعر جو به نالو ڏئي ها ته پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ هڪ اضافو ٿي پوي ها.! اهڙي طرح ڪتاب جي ايندڙ صفحي ۾ ڪتاب جي فهرست ڏني وئي آهي. مذڪوره ڪتاب جي پبلشر، اسلم کٽياڻ صاحب، پبلشر نوٽ ۾ لکي ٿو ته: ”محترم لعل بخش جسڪاڻي ناميارو اديب ۽ استاد آهي، پاڻ تعليم جي شعبي سان سلهاڙيل رهيا آهن، تاريخ ۽ تحقيق جي موضوع تي سندن ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن، سندس علمي، ادبي ڪم نهايت سگهارو آهي، جسڪاڻي صاحب نامياري ليکڪ غلام رباني آگري جي فن، فڪر، ذاتي زندگي، ادبي ڪم ۽ سياسي جدوجهد تي ڀرپور قلم کنيو آهي.“ (ص: 6) پبلشر نوٽ کانپوءِ، سنڌ جي مشهور ليکڪ ۽ نامياري شخصيت مدد علي سنڌي مذڪوره ڪتاب جو مهاڳ لکيو آهي، جيڪو ساڍن چئن صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ مدد علي سنڌي لکي ٿو ته: ”سنڌ جي سماج ۾ لوئر مڊل ڪلاس جي ماڻهن کي جيئن ته پنهنجي حيثيت ٺاهڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. ايئن رباني صاحب به پنهنجي محنت سان حيثيت ٺاهي ورتي… رباني صاحب جي زندگيءَ جا انيڪ رنگ ۽ روپ آهن، ساهتي علائقي سان تعلق رکندڙ شخصيت حياتيءَ جا ڪيترائي لاها چاڙها پار ڪيا، جواني وارن ڏينهن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي سان تعلق ٿيس.“ (ص، ص، 7_9) جيئن ته غلام رباني آگرو صاحب هڪ ڳوٺاڻو ماڻهو هو جتي شهرن وانگر ڪي خاص سهولتون وغيره نه آهن، پر اُتي اوطاقن ۾ جيڪي ڪچهريون ٿينديون هيون، سي ڏاڍيون لاڀائتيون هيون. سادن ۽ سچن ماڻهن جا گفتا ۽ ڳالهيون، انمول روايتون جنهن ۾ نه ڪي ملاوٽ، نه ڪي اٽڪل بازي، نه حرفت، جتي ڪوڙ ڪُپت کان هرڪو ڪوهين ڏور. ڳوٺ جا ماڻهو حضور شرم هڪٻئي جا همدرد ۽ هڏ ڏوکي، ڏک سُک ۾ هميشه ساٿ ڏيڻ وارا، آڌي مانجهي سڏ ۾ سڏ ڏيڻ ۽ جِيءَ ۾ جِي چوڻ وارا، قول اقرار جا پڪا، يارن جا يار، مهمان نواز، هنر مند، هاري، مزدور پورهيت ۽ پورهئي ۽ حق حلال جي روزيءَ ۾ ايمان رکڻ ۽ ونڊي ورڇي کائڻ وارا، جيڪي دل ۾ اچي سو زبان تي چئي ڏبو. ادب ۽ اخلاق جا پابند انهيءَ سمورين خوبين ڪري انگريزن جهڙن اعليٰ دماغن کي به پنهنجي محبت ۽ اخلاق سان موهي رکيائون. غلام رباني آگري تي انهيءَ ماحول جو اثر هو جنهن پنهنجي انهيءَ اخلاقي صلاحيتن سان ڪيترين ئي دلين ۾ جاءِ پيدا ڪئي. غلام رباني آگري جي ٻالجتيءَ واري دور تي نظر ڊوڙائينداسين ته اڄ کان ٻاهتر سال پهرين ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ تازيون هوائون، تازا کاڌا کير، مکڻ، گھ، ماکي، تازي مڇي، ديسي ڪڪڙ، تازيون ڀاڄيون، ساڳ، مٽر، چڻا ۽ پَلِيُون، ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ راندين جا وڏا وڏا ميدان جيڪي جسماني ڪسرتن سان گڏ ذهن جي خوراڪ هُيون. اهڙي ماحول جو نپايل ٻار جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شهر ۾ آيو ته هُن هرهڪ شيءِ کي پنهنجي صحتمند دماغ جي ڪسوٽيءَ سان شهري زندگي ڏانهن نهاري اڳتي وڌنڌو رهيو. غلام رباني آگري جي شروعاتي ڪهاڻين کي پڙهي ڏسون ٿا ته اهوئي ٻهراڙيءَ جو ماحول نظر اچي ٿو. پوءِ جڏهن شهري زندگيءَ جا اثرات مرتب ٿين ٿا ته اُتان جي محفلن ۽ مجلسن جا رنگ سندس تخليقن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا. شهري زندگيءَ جا اڻ کٽ موضوع جن ۾ ميٺا رام هاسٽل جا يادگيرا، سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد جا رنگ، ڪراچي جون روشنيون، حيدرآباد جون ادبي محفلون، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو علمي ماحول ۽ هوائون، ايران، چين، بنگلاديش ۽ هنگلاج جا ڪيل دورا سڀ جو سڀ لکي تن جو ذڪر ڪندو رهيو. اڄ اُهي سمورا موضوع پڙهندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن. غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي حصي پهرين علامه آءِ آءِ قاضي کان حياتيءَ بابت پڇيل سوال، والد محترم عبداللطيف آگرو جي قبر تي وڃي روئڻ ۽ ڪڪرن جي وسڻ جون ڳالهيون سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ پڙهي سگهجن ٿا. مذڪوره ڪتاب جي پهرين حصي جو مقدمو ڇا ته لکيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي نصيحت واريون ڳالهيون، مثال ۽ پيش ڪيل دليل پڙهندڙن جي دل دماغ تي حاوي ٿيو وڃن. جيڪو رامائڻ ۾ جيڪو تلسيءَ جو مثال کڻي راوڻ جو سيتا کي اغوا ڪرڻ، رام ۽ لڇمڻ جي ڳولا ۾ انسانيت جي فلسفي کي سمجهايو اٿس. آمريڪي افسانه نويس اوهينريءَ جي افساني ”عيسيٰ ۽ شيطان“ جا مثال سندس وسيع مطالعي ۽ عقل جي گواهي پيش ڪري رهيا آهن، جيڪي ڳالهيون پڙهندڙن جي دل ۽ دماغ کي موهيو ڇڏين ٿا. هندو، مسلم، سک مطلب ته هر ڪنهن کي پنهنجي سحر ۾ سُڪ ڪري ٿو ڇڏي. غلام رباني آگرو کي حقيقي طور سمجهڻو آهي ته ڳوٺ محمد خان آگري ۽ ان جي آسپاس جي ماحول ۽ منظرن کي ڏسڻو پوندو جنهن تي سندس ڪهاڻيون آڌاريل آهن. هن ئي ماحول جا ڪردار نهٽا، نماڻا ۽ اندر ۽ ٻاهر ۾ معصوم آهن، جن کي وقت جي ويرين ۽ لُٽيرن سدائين پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي سوڙهو ڪري رکيو آهي. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ غلام رباني آگرو جي حياتيءَ جي هرهڪ پهلوءَ کي خوب کان خوب تر اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. غربت کان وٺي اميري تائين جا سمورا پهلو مذڪوره ڪتاب ۾ کولي کولي نروار ڪيا اٿس. پروفيسر صاحب جي ذهن تي غلام ربانيءَ جو نالو نشانبر طور نظر اچي ٿو جيڪو ڪتاب جي مواد ۾ آندو اٿس. مذڪوره ڪتاب جي مُهاڳ کانپوءِ ٻه اکر پروفيسر اعجاز قريشي صاحب جا لکيل آهن، جنهن ۾ هُو لکي ٿو ته: ”ٻاراڻي وهي ۾ مون ۽ ڪجھ دوستن دادو ۾ ٻارن جي ٻاري ٺاهي جنهن ۾ ڪافي دوست گڏ هئا ۽ اسان 65-66ع واري سال ۾ دادو ۾ ٻارن جو ڪنوينشن گهرايو جنهن جي صدارت لاءِ اسان غلام رباني آگري صاحب کي گهرايو، سندس ان وقت ڪيل تقرير مون کان اڄ تائين نه وسري آهي، پاڻ ان تقريب ۾ نوجوانن کي ڪتابن جا تحفا پڻ ڏنا هئا.“ (ص: 13)، پروفيسر اعجاز قريشي صاحب پنهنجي ٻن اکرن واري موضوع ۾ صفحي 12 کان 20 تائين عام فهم ۽ دلنشين پيرائي ۾ هڪ طرف غلام رباني اگرو جي ڪن يادگيرين علمي ادبي ڪمن ۽ ڪارگذارين کي آڏو رکيو آهي ته ٻئي طرف پروفيسر لعل بخش جسڪاڻيءَ صاحب جي اهڙي قدرداني تي سرهائي جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته: ”اسان جي دوست لال (لعل) بخش جسڪاڻيءَ، محترم غلام رباني آگري بابت ڪتاب ”غلام رباني آگرو ڪهاڻي ۽ نثر جو بادشاھ“ لکي توهان جي آڏو پيش ڪيو آهي جيڪو رباني صاحب جي زندگي بابت هڪ زبردست قلمي پورهيو ڪيو آهي. جنهن ڪم لاءِ جسڪاڻي صاحب کيرون لهڻيون.“ (ص: 13) ڪتاب جي ٻه اکر ۾، پروفيسر اعجاز قريشي، آگري صاحب سان 63-1962ع ۾ ٿيل ملاقات جو به ذڪر ڪيو آهي. آئون جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو هئس 03 فيبروي 2020ع جي ڳالھ آهي ته مون سان پروفيسر ڊاڪٽر محمد شريف ”شاد“ سومرو پڻ گڏ هو ۽ انهيءَ رات پروفيسر شاد صاحب ۽ منهنجي رهائش جو بندوبست حيدرآباد سٽيءَ جي مختيارڪار ابوبڪر سڌايي صاحب اسپورٽس هاسٽل حيدرآباد ۾ ڪيو هو ۽ رات جي ماني گڏجي کائڻ لاءِ آيو ته ساڻس ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب ۽ ڪجھ دوست گڏ هئا جنهن ۾ پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب به هو ۽ ڪچهري دوران هڪٻئي جي تعارف کانپوءِ مون کيس ٻڌايو ته مون غلام رباني آگري جي ادبي خدمتن تي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان عنوان: ”غلام رباني آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو“ تي ايم فل ڪئي آهي، اها ڳالھ ٻڌي ڏاڍي سرهائي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته آئون پاڻ غلام رباني آگرو جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڪتاب تي لکي رهيو آهيان. وڏي فخر سان چيائين ته غلام رباني آگرو منهنجو دوست هو. منهنجي ايم فل ٿيسز کي سنڌي ادبي بورڊ 2021ع ۾ شايع ڪيو آهي، ۽ ساڳي طرح سائين لعل بخش جسڪاڻي صاحب جو 2021ع ۾ مذڪوره ڪتاب پڻ شايع ٿيو. مذڪوره ڪتاب جي شايع ٿيڻ جو ٻڌي منهنجو انهيءَ ڪتاب کي پڙهڻ جو تجسس وڌي ويو. منهنجو 13 ڊسمبر تي حيدرآباد وڃڻ ٿيو ۽ مختلف بڪ اسٽالن تي تان ڪتاب جي پڇا ڪندي، حيدر چوڪ تي يوسف سنڌي ملي ويو، جنهن ٻڌايو ته اهو ڪتاب موهن لعل وٽان ملي ويندو. وڃي اُتان ڪتاب خريد ڪيم پڙهي سڪون ملي ويو. منهنجي فطرت ۾ شامل آهي ته ڪتاب پڙهي جيڪا اُتان معلومات ملندي آهي اُن کي لکي وٺندو آهيان ته مون انهيءَ ڪتاب مان ڇا حاصل ڪيو آهي؟ جيڪو مون ڪتاب جي مواد مان محسوس ڪيو، سو اوهان جي سامهون آهي. پبلشر جي هڪ صفحي جي نوٽ ۽ اُن کانپوءِ ساڍن چئن صفحن جو مُهاڳ ۽ انهيءَ کانپوءِ، مذڪوره ڪتاب جا ٻه اکر عنوان: ”غلام رباني آگرو: ڪهاڻي ۽ نثر جو بادشاھ“ نوَن صفحن تي پروفيسر اعجاز قريشيءَ جا لکيل آهن. اهڙيءَ طرح مذڪوره ڪتاب ۾ ”پنهنجي پاران“ جي عنوان سان ڪتاب جي مصنف مذڪوره ڪتاب جي ابتدا ڪري ٿو. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب لکي ٿو ته: ”هر وڏي قلمڪار جي اندر ۾ هڪ خوبصورت ۽ وڏو ڪلاڪار (Artist) موجود هوندو آهي. غلام رباني آگرو جي غير معمولي صلاحيتن ۾ سنڌي سماج ۽ ارد گرد جي گَهري مشاهدي(Observation)  ڪرڻ جي هڪ وڏي سگھ موجود هئي، تنهنڪري دنيا جو وڏو ڪهاڻيڪار ۽ پاڻ نثر جو بادشاھ هجڻ جو حقدار بڻجي مانَ ۽ مرتبو حاصل ڪيائين.“ (ص: 21) پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب جي هن ڪتاب جي مطالعي سان، غلام رباني آگرو جي شخصيت پنهنجي سموري خوبين سان پڙهندڙن جي آڏو اچي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ جو پروفيسر جسڪاڻي صاحب، آگرو مرحوم کي تمام ويجهو ٿي ڏٺو هو، انهيءَ ڪري سندس شخصيت جي اوصافن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪابه دقت محسوس نٿو ڪري. سندس دل ۽ دماغ ۾ غلام رباني آگرو جون يادگيريون محفوظ ڪيل آهن، جيڪي هن ڪتاب جي صورت ۾ نمايان نظر اچن ٿيون. جنهن به غلام رباني آگرو جي علمي ادبي خدمتن کي پڙهيو آهي، تنهن جي سامهون هڪ قابل ليکڪ، باصلاحيت منتظم جي صورت ۾ سنڌي ادب جي دنيا جي قدآور شخصيت جا يادگيرا مذڪوره ڪتاب جي پڙهڻ سان موزون ۽ موثر محسوس ٿين ٿا. هڪ تحقيق جي طالبعلم جي حيثيت سان، غلام رباني آگري جي علمي وادبي ڪم جو گهرائي سان اڀياس ڪيو آهي ۽ انهيءَ ڪري مون مذڪوره ڪتاب جي هڪ هڪ ڳالھ کي پنهنجي نموني سان نگاھ وجهي ڏٺو آهي. مون سان ڪو اختلاف يا اتفاق ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو منهنجي ذهن ۾ هن ڪتاب جي مصنف جي علمي ادبي حيثيت هڪ بهترين عالم ۽ اديب طور اڀري اچي ٿي. تحقيق جي طالب علم جي حيثيت ۾، آئون هن ڳالھ جو اعتراف ڪريان ٿو ته منهنجو هڪڙو پهلو مذڪوره ڪتاب جي ڀيٽ ۾ ڪمزور آهي. ڇاڪاڻ جو مون کي غلام رباني آگرو سان ڪڏهن ملاقات جو شرف حاصل نه ٿيو هو، پر انهيءَ هوندي به منهنجي دل ۽ دماغ تي سندس شخصيت جو عڪس هڪ سنڌي ادب جي شاگرد جي حيثيت سان تمام گهڻو ڇانيل آهي. ٻالجتيءَ کان وٺي، غلام رباني آگرو انهيءَ ڪري به گهڻو ياد هو جو اسان ٻنهي هڪ ئي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول گاهي خان جلباڻي مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي آهي. هن ڳالھ جو علم تمام گهٽ ماڻهن کي آهي ته غلام رباني آگري سنڌي پنج درجا مذڪوره اسڪول مان پاس ڪيا هئا، جنهن جو سرٽيفڪيٽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول گاهي خان جلباڻيءَ جي پرائمري اسڪول جي جنرل رجسٽر مان حاصل ڪري، پنهنجي ٿيسز ۾ شامل ڪيو اٿم. اهو جنرل رجسٽر سندس ڀاڻيجي رياض حسين آگرو صاحب کي ڏيکاريو ويو هو. غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ (حصو پهريون) ۾، پنهنجي والد محترم استاد عبداللطيف آگرو جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ڪجھ وقت ڀئونرن جي اسڪول مان بدلي ٿي، ڳوٺ گاهي خان جلباڻي ۾ هيڊ ماستر مقرر ٿيو اتي جو چڱو مڙس چاچو نصيرالله سندس پڳ مٽ يار هو ۽ فارسي زبان ۽ ادب جو دلدادو هو. اسان سندس اوطاق ۾ ٽڪندا هئاسين. سياري جي مند هوندي هئي. اڃان سج ڪني مس ڪڍندو هو ته چاچو نصيرالله چانهه جي ڪٽلي ۽ ڪوپ ساسريون کڻي ايندو هو. سندس ڪڇ ۾ ديوان حافظ هوندو هو. بابا ان مهل نماز پڙهي، مصلي تان اُٿندو هو. بابا ۽ چاچو نصيرالله گرم گرم چانهه به پيئندا هئا ۽ صبح مرداني حافظ ۽ سعديءَ جا شعر به مٺي سر سان پڙهندا هئا. اڄ تائين چاچي نصيرالله جلباڻيءَ جي ڀائٽي مرحوم شمس الدين جلباڻيءَ سان اڳي وانگر قرب جو رستو قائم رکيو اچن.“ (جهڙا گل گلاب جا-حصو پهريون، ص، ص، 137، 140) جيئن ته نصير الله ۽ استاد شمس الدين جلباڻي قبيلي سان تعلق نه رکندا هئا، پر ڳوٺ گاهي خان جلباڻيءَ جا رهواسي هئا ۽ قاضي قبيلي سان تعلق هئن. مرحوم پارس حميد پڻ سائين شمس الدين قاضيءَ جا فرزند هئا، ليڪن رباني صاحب کان قاضين کي جلباڻي لکڻ وقت سَهَوَ ٿي وئي آهي. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب، غلام رباني آگرو جي ڪيترن ئي بي مثال ڳالهين کي آڏو رکي، سندس ڪتابن جو مطالعو ڪري ڪن فلسفي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي حياتيءَ جي پهلوئن سان جڙيل آهن مثال: حياتي ۽ موت، گناھ ۽ ثواب، تقدير، تدبير، قضا ۽ قدرت ۽ مادي وغيره کي منتخب ڪري، انهيءَ کانپوءِ غلام رباني آگرو کي سنڌي نثر جو بادشاھ ثابت ڪرڻ لاءِ ننڍن ننڍن موضوعن ۾ مختلف پهلو ۽ رخ آڏو رکي، رباني صاحب جي شخصيت متعلق ڄاڻ ڏني وئي آهي. عنوان هن ريت آهن: ”جن جو پنهونءَ سان پيچ-غلام رباني آگرو جو تعارف ڪري ٿو. ڪٿي ۽ ڪڏهن ڄائو، انهيءَ عنوان ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام مان هيٺيون بيت منتخب ڪري ڏنو ويو آهي:

”ڪُوڙيون پُڇن ڪيچ، هوت نه پُڇي هيڪڙي،

جن جو پنهونءَ سين پيچ، سي پاڻهي ٿينديون پڌريون.“ (ص، 30)

پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب، پنهنجي موضوع کي دلچسپ بڻائيندي، غلام رباني آگرو کي هڪ ممتاز ۽ اعليٰ قسم جو نثر لکڻ وارين خوبين جو مالڪ ثابت ڪرڻ لاءِ سندس علمي ادبي خوبين کي به آڏو رکيو آهي. رباني صاحب جي ادب فهمي، نازڪ مزاجي کان اُن جي فن، فڪر ۽ شخصيت جي اوصافن کي تمثيلن ذريعي واضح ڪري ڪوبه پاسو ٻاڙو نه ڇڏيو ويو آهي. رباني پنهنجي ذات گرامي ۾ ڇا هو؟ سندس علمي ادبي خدمتن کي دنيا جي ادب ۾ جيڪا جاءِ ملي هُئي سا ڪا معمولي ڳالھ نه آهي. غلام رباني آگرو سنڌ جو قابل ۽ ذهين انسان هو، مٺو ڳالهائڻ، سڀني سان سٺو رويو اختيار ڪرڻ ڪري فطرت سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. پروفيسر جسڪاڻي صاحب انهيءَ مڃتا ملڻ جا جيڪي اسباب ٻڌايا آهن تنهن ۾ سندس محنت، ادبي لياقت، دماغ جي قوت ۽ احساس واري قوي سوچ هڪ پاسي ته ٻئي پاسي وري پنهنجي تخليقي عمل ۾ سچائي ۽ بيان جي ادائگي جنهن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح کي پنهنجو رهنما بڻايو اٿس. اها ڳالھ پروفيسر جسڪاڻي صاحب جي ڪتاب ۾، غلام رباني آگرو جو فن، فڪر ۽ شخصيت ۾ به چِٽِي نظر اچي رهي آهي. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، رباني جي ننڍپڻ کان ويندي تعليم، خاندان، غربت ۽ ڏکن سکن وارا ڏينهن کان ويندي، سندس پهرين ملاقات سن 1963ع ۾ ٿي، انهيءَ متعلق لکي ٿو ته: ”غلام رباني صاحب سان فون تي ملاقات جو وقت اڳواٽ طئي ڪيل هو. بنگلي جي ننڍڙي ڏاڪڻ تي چڙهي گئلري جي آفيس ۾ پهتاسين سامهون سنڌ جو قدآور ڪهاڻيڪار اکيُن آڏو نظر آيو. بُت ۾ سنهو قدآور نهايت خوبصورت نوجوان ٽُو باءِ ٽُو جو سفيد لباس پهريل اِٽالين(Italian)  جهڙو ڳاڙهو رنگ، ڪارا وار، خوبصورت اکيُن تي سنهو ۽ نفيس فريم وارو چشمو جنهن مان سندس ذهانت ظاهر ٿي رهي هُئي.“ (ص: 38) غلام ربانيءَ جو تعارف ٻڌندي مون کي هڪ طرف سنڌي نثر جو بادشاھ نظر اچي رهيو آهي ۽ ٻئي طرف وري مون کي غلام رباني آگرو جي ڪهاڻين جي ڪردارن جا خاڪا آڏو اچڻ لڳا. هت هيٺ ”اخبار“ ڪهاڻي ۾ جمن جي ڪردارکي هن طرح بيان ڪري ٿو: ”تن ڏينهن آئون هڪ روزني اخبار ۾’نائيٽ‘ جو سب ايڊيٽر هئس. ٻه تاڪائين صدري، بافتي جي جهولدار سٿڻ، سنڌي سليمي موچڪي جتي، وڏو پٽڪو مٿي تي، اجرڪ ۾ ٻڌل هڙ ڪُلهين ڪيو. ساٺيڪو سال عمر جو هِڪڙو پير مرد اڳيان بيٺو هو.“ (آبِ حيات، ڪهاڻي، ڪليات، 2011ع، ص: 93)، بهرحال غلام رباني آگرو جي ملاقات کي لفظن جو جامو پارائڻ بهتر لڳو. غلام رباني آگرو جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي مون پنهنجي طريقيڪار مطابق ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي مرحوم، نصير مرزا، الطاف آگرو، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي توڙي گل محمد عمراڻي يا پروفيسر جسڪاڻي صاحب جنهن هي ڪم پنهنجي نوعيت ۾ ڪيو آهي. هرهڪ پنهنجي علم ۽ عقل مطابق، سندس شخصيت ۽ فن کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي. پروفيسر جسڪاڻي صاحب جو هي ڪم به صدين تائين يادگار طور رهندو. پروفيسر صاحب پنهنجي هرهڪ ننڍن ننڍن موضوعن جي مواد ۾ جن عنوانن کي آڏو رکيو آهي، سي عنوان پنهنجي طريقي سان رباني صاحب جي ڪتابن ۾ به ملن ٿا: ”غلام رباني آگرو- مستقبل جو وڏو قلمڪار ۽ دانشور“، غلام رباني آگرو 1960ع کان وٺي هڪ وڏي قلمڪار طور اڀري نکري ۽ ادبي دنيا تي نروار ٿيو ۽ وڏي مڃتا ماڻيائين. سندس همعصر ڪهاڻيڪارن شيخ اياز، جمال ابڙي، اياز قادري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، امر جليل، سراج ميمڻ ۽ ٻين سندس ادبي ڪمن ۽ شخصيت تي لکيو ڳالهيو ۽ داد ڏئي ساراهيو آهي، ٻئي طرف محققن ۽ نقادن ۾ شمس الدين عرساڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ ٻين سندس خاڪن، سوانح ادب، سفر نامن کي تنقيد جي سراڻ تي چاڙهي ڇنڊي ڇاڻي انهيءَ ڳالھ جو اعتراف ڪيو ته هُو سنڌي ادب جي ميدان جو وڏو نثر نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو. اهڙي طرح پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب جو هي ڪم به نهايت ملهائتو لڳي رهيو آهي. پروفيسر صاحب جي محنت ۽ سندس مذڪوره ڪم سان دلچسپيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب هي به نظر اچي رهيو آهي جو هن رباني صاحب جي لکيل ڪتابن، دوستن، پسنديده ليکڪن، سياسي ۽ سماجي شخصيتن، ادارن جا يادگيرا ڏاڍي دلچسپيءَ سان ذڪر هيٺ آندا آهن. هن ڪتاب ۾ سيد عبدالله شاھ، تنوير عباسي، فضل رحيم سومرو، حفيظ شيخ سان ڪاليج جي زماني کان غلام رباني اگرو سان دوستيءَ وارا تعلقات جڙيا تن جو به ذڪر هن ڪتاب ۾ ملي ٿو. حفيظ بابت لکي ٿو ته: ”رباني صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ته هڪ ڏينهن حفيظ شيخ جي ڀيڻوئي پنهون خان جي گهران لطيف آباد مان فون آئي ته جلدي گهر پهچو. گهر پهچي ڏٺائين ته وِرانڊي ۾ سفيد چادر ۾ ڍڪيل ميَتِ پيل هئي، جيڪا سندس پراڻي دوست حفيظ جي هئي، پوءِ رباني کي چيائون ته اوهان جو دوست آهي، سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو. رباني صاحب، نياز همايوني ۽ ٻين دوستن کي گڏ ڪري ڪينٽونمينٽ قبرستان ۾ دفنايو. جڏهن به رباني صاحب ان رستي تان لنگهندو هو ته سندس دوست جو ساروڻيون ذهن تي اچي وينديون هئس.“ (ص: 65)، مون حفيظ شيخ جو حوالو ان ڪري به کنيو آهي جو منهنجي ذهن ۾ حفيظ شيخ جو جڙيل هڪ نهايت ئي خوبصورت ۽ سهڻي نوجوان جو خاڪو منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهي. حفيظ شيخ واري تصوير رباني صاحب جي ڪتاب ۾ ڏنل آهي جنهن کي منهنجي ذهن محفوظ ڪيو آهي. هي اهوئي ماڻهو آهي، جيڪو رباني صاحب جو ڪاليج جي زماني جو پيارو ۽ دل گهريو دوست هو. حفيظ شيخ ئي رباني صاحب کي سنڌي ادبي سنگت سان متعارف ڪرائي لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ۽ پوءِ رباني صاحب هڪ وڏو ڪهاڻيڪار ٿي اڀريو ۽ پنهنجي همعصرن ۾ مڃتا ماڻيائين. پروفيسر جسڪاڻي صاحب، غلام رباني آگرو جي ڪل ڪهاڻين تعداد ٽيويھ ٻڌائي ٿو، جيڪي سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”آب حيات“ ڪهاڻي ڪليات ۾ ڏنل آهن، ليڪن غلام رباني آگري جو تعداد اُن کان وڌيڪ آهي. اُهي سندس ڪهاڻيون نوابشاھ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”ادا“ جي جنوري، فيبروري 1956ع ۾، غلام رباني سنڌي جي نالي سان مليون آهن جن ۾ هڪ ڪهاڻي ”جاهل“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. اهڙي هڪ ٻِي ڪهاڻي “فتويٰ“ جي عنوان سان ملي ٿي. انهن ڪهاڻين کي ذڪر هيٺ آڻڻ گهرجي. پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب جي، مذڪوره ڪتاب مان مون کي، غلام رباني آگرو جي لکتن سان ملندڙ جلندڙ هڪ جهڙي ڳالھ نظر اچي ٿي سا هي آهي ته ٻنهي پنهنجي تحريرن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي بيتن جي چونڊ ڪري موضوعن کي لاجواب بڻايو آهي. پروفيسر جسڪاڻي صاحب هي ڪم نهايت ئي خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي موضوع کي لاجواب ۽ دلچسپ بڻائي پيش ڪيو آهي. عظيم قومن جا فرد ئي پنهنجي عالمن ۽ اديبن جي ڪمن کي آڏو رکي انهن جي زندگي، فن، فڪر ۽ شخصيتن کي پنهنجي قوم اڳيان پيش ڪري پنهنجي نئين نسل کي انهن سان متعارف ڪرائي علمي ادبي دنيا ۾اڳواٽ تيار ڪرڻ لاءِ اهڙن ڪتابن جو تحفو ڏنو ويندو آهي. جڏهن اُهو نسل پنهنجي قوم جي عظيم شخصيتن جي ڪارنامن ۽ علمي ڪمن کان وافق ٿي پنهنجي لاءِ راھ گهڙڻ لاءِ قابل ٿي ويندو آهي ته پنهنجي قوم جي علمي ادبي سرمايي ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو آهي. رباني صاحب جيڪو پنهنجي محنت سان اڳتي وڌي پنهنجي معاشري کي بين الاقومي طور تي متعارف ڪرايو جنهنڪري سندس صلاحيتن جي اعتراف ۾ پنهنجن ۽ ٻين قومن جي علمي ۽ ادبي ماڻهن سندس تخليق کي چيني، هندي، انگريزي، اردو زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت ۾محسوس ڪئي. پروفيسر جسڪاڻي صاحب انهن سڀني ڳالهين کي ذري پُزري هن ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ رباني صاحب جي ڪم ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ ڪهڙن ماڻهن سان صحبت اختيار ڪيائين؟ پنهنجي تاريخ، ادب ۽ ثقافت بابت ڪهڙو خيال رکندو هو، انهيءَ لاءِ هن ڪهڙين تنظيمن سان وابستگي جوڙيائين، جنهن سان سندس سموري زندگي سون ٿي پئي. هن ڪتاب کي سهڻي ريت ۽ سٺن لفظن سان جيڪي پهلو رکي ذڪر هيٺ آندا ويا آهن، جن جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان اسان جو نسل انهن مفيد ڳالهين سان متعارف ٿي پنهنجي قوم، پنهنجي ٻولي، پنهنجن ماڻهن، ادارن ۽ عظيم شخصيتن جو دل سان احترام ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. پروفيسر جسڪاڻي صاحب اهو به لکيو آهي ته اسان وٽ چنيسر کي چيڙائڻ ۽ دودي کي مارڻ، اسان سنڌين جي تاريخي روايت به رهي آهي. سنڌ دلوراءِ جي نگري آهي، ڪالھ به هئي، اڄ به آهي.“ (ص: 88)، جڏهن شيخ اياز ۽ غلام رباني آگرو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هئا ته ٻنهي جا ڪِن ماڻهن ڪَن ڀري هڪٻئي جي اهڙو ته خلاف ڪيو جو شيخ اياز ۽ غلام رباني آگرو جي رشتن کي به ايئن ڀورا ڀورا ڪيو ويو. پروفيسر جسڪاڻي صاحب جي مذڪوره ڪتاب کي وڏي اهميت ان ڪري به حاصل آهي جو غلام رباني آگري جي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي لکي ٿو ته: ”غلام رباني آگرو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان 450 عربي ۽ فارسي قديم ڪتاب هٿ ڪري سنڌ جي قديم علمي ادبي ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪرايو. اهي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتب خاني ۾ رکرايا ۽ ڪيترا شايع پڻ ٿيا آهن.“ (ص: 101)، ڪنهن به مصنف جي لکيل تحرير مصنف جي ذهني، فڪري اوسر ۽ سوچ ويچار کي ظاهر ڪندي آهي، اهڙي طرح مذڪوره ڪتاب جي مطالعي مان اها ڳالھ عيان نظر اچي ٿي ته پروفيسر جسڪاڻي صاحب پڙهندڙن کي دنيا ۾ آيل انقلابي فڪرن کان به وافق ڪرايو آهي.

يورپ جي پهرين انقلاب 1900-1750ع تائين جي عرصي بابت ٻڌايو ويو آهي ته وري اهڙي طرح جڏهن فرانس جو انقلاب 1789ع ۾ برپا ٿيو. ماڻهو ڳوٺ ڇڏي شهرن آباد ٿيا، جنهن ۾ آزادي، برابري ۽ ڀائيچاري (Liberty, Equality and Fraternity) جي ڪري جيڪو نعرو دنيا ۾ گونجيو ۽ صنعتي انقلاب(Industrial Revolution)  جي شروعات ٿي. اهڙي طرح جي انقلاب جي ڪري فرانس ۾ بادشاهت جو خاتمو ٿيو ۽ چرچ جي بالادستي جو زوال آيو: هارين پورهيتن سان ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو خاتمو ٿيو.“ (ص: 103) پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي پڻ اهو به ٻڌائي ٿو ته، انهيءَ انقلاب جا اثرات پوري دنيا محسوس ڪيا ۽ ”پوري انسان ذات ۽ دنيا جي مڙني ملڪن لاءِ انقلاب تي ڪم ڪري رهيا آهن.“ مذڪوره ڪتاب جي صفحي 96 کانپوءِ ڪي ناياب تصويرون به ڏنيون ويون آهن جيڪي غلام رباني آگرو جي يادن کي تازو ڪن ٿيون. سڀ اول سندس بابا سائين عبداللطيف آگرو ۽ سندس مٺي امڙ نسيم بانو جي تصوير ڏنل آهي، ان کانپوءِ ٻيون ڪيتريون ئي تصويرون آهن. پروفيسر جسڪاڻي صاحب هر رخ کان ڪتاب ۾، غلام رباني آگرو متعلق ڄاڻ ڏيڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سٺن لفظن ۽ پنهنجي مخصوص اسلوب جي چونڊ ڪري رباني صاحب جي يادن ۽ ڪمن جو تعارف پيش ڪري ٿو، جنهنڪري اسان جو ڌيان ڪتاب جي مواد ڏانهن ڇڪجي ويو آهي. ”ميٺا رام هاسٽل ۽ سنڌي ادبي سنگت“، ”غلام رباني آگرو ۽ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ“، ”سنڌ يونيورسٽي ۾ پرو وائيس چانسلريءَ جو دور“، ”سنڌي ادبي بورڊ کان اڪيڊمي آف ليٽرس جو سفر“، ”غلام رباني آگري جا شاهڪار ڪتاب“، ”ڪهاڻين جي ڪلا ۽ داستان گوئي جو منفرد قلمڪار“، ”گل ڦل ۽ ٻاراڻو ادب“، ”اسلام آباد ۾ رهاڻيون، ساروڻيون ۽ حيدرآباد واپسي“ ۽ ”سنڌ جا امر ڪردار جن جو غلام رباني آگري تي گهرو اثر هو“ هن ڪتاب جي آخر ۾ چوويھَ سنڌي ۽ ستَ انگريزي مددي ڪتاب ڏنل آهن جن تان استفادو حاصل ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ غلام رباني آگري جي ڇپيل اٺن تخليقي ڪتابن جا نالا ڏنا ويا آهن. ٻن سنڌي ترجما ڪيل ڪتاب ”چونڊ آمريڪي افسانا ۽ سنڌ ۾ پکين جو شڪار ۽ ٻن اردو ڪتابن ”ڀارت ۾ اردو ۽ سنڌي ڪلچر (ترجما). اهڙي طرح غلام رباني آگري جا ايندڙ ڪتاب جن ۾ ٽي سنڌي، ٽي اردو ۽ ٽي انگريزي ڪتابن جا نالا ڏنا ويا آهن. انهيءَ کان علاوه جسڪاڻي صاحب اهو به ٻڌايو آهي ته غلام رباني آگرو جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي جيڪو تحقيقي ڪم ٿيو آهي تن ۾ ٽن سنڌي ڪتابن ۽ ٻن اردو ڪتابن جا نالا ڏنا ويا آهن. پروفيسر جسڪاڻي صاحب جو مذڪوره ڪتاب هڪ سئو ٻيانوي صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت چار سئو رپيا رکيل آهي. مذڪوره ڪتاب کي سنسار پبليڪيشن ڪراچي پاران آڪٽوبر 2021ع ۾ پهريون ڀيرو شايع ڪيو آهي. هت هيٺ پرفيسر لعل بخش جسڪاڻي صاحب جي ڪتاب جي اول ۽ آخر ۾ ڏنل شعر ڏجي ٿو:

وطن تنهنجي مٽي اوڍي سُتاسين

اهو ئي کوڙ آ، اعزاز هڪڙو.

هي ڳالھ نهايت ڏک سان ٻڌائجي ٿي ته هن جنوري مهيني جي 18 تاريخ جنهن اسان کان 2010ع ۾ غلام رباني آگري جهڙو ناميارو اديب هميشه لاءِ کسي ورتو.

مجموعي طور ڪتاب جي جائزي مان جيڪو نتيجو آڏو اچي ٿو ته مذڪوره ڪتاب لکڻ جو اهوئي مقصد هو ته غلام رباني آگرو جي فن، فڪر ۽ شخصيت جي ياد تازي ڪري سندس ذات سان لاڳاپيل اهڙا اڻ ڇهيل پهلو آڏو آندا ويا آهن، جيڪي اڃان وڌيڪ توجھ گهرن ٿا.