خاص

ڪراچيءَ جو مينهن جي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ عظيم سانحو آهي، ڪنهن کي احساس ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ناراض

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيوريج ۽ نالين جي ورڇ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس خادم حسين شيخ سينٽرل ضلعي ۾ گندگي ۽ نيڪال جي نظام کي فعال طريقي سان نه هلائڻ تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ڪراچي ميٽروپوليٽن (ڪي ايم سي) ۽ ميئر جي آفيس مان آفيسرن کي طلب ڪري ورتو. جسٽس خادم حسين شيخ ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي شهر برسات جي ڪري ٻڏي ويو، شهر کي ٻوڙڻ عظيم سانحو آهي، ڪنهن کي احساس ناهي، غير قانوني اڏاوتن ۽ گندگي گڏ نه ڪرڻ سبب ڪراچي ٻڏي ويو ، هر ادارو هڪ ٻئي تي ذميواري وجهي ٿو. معزز جج رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا ڪراچي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ تي ڪنهن کي ذميدار قرار ڏنو ويو آهي ڪنهن ڏٺو آهي؟ ماڻهو پنهنجن ٻارن کي گهرن مان ڪڍي نه سگهيا،  ماڻهن جا گهر ۽ سامان برسات ۾ تباهه ٿي ويا، عدالت وڌيڪ پڇا ڪندي چيو ته عيد تي جانورن جي آلائشن کي ٺڪاڻن تي لڳائڻ جو ڪو پلان ٺاهيو ويو آهي، ان تي پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته حڪومت کي واسطيدار ادارن کي فنڊ فراهم ڪرڻا آهن ۽ باقيات کي ضايع ڪرڻ بابت انتظام ڪيا ويندا.