ڪراچي جي شوڪت خانم پاڪستان جي سڀني کان وڏي اسپتال هوندي: عمران خان

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ شوڪت خانم پاڪستان جي سڀني کان وڏي اسپتال هوندي. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته ڪراچي ۾ شوڪت خانم اسپتال جي تعمير جي شروعات کي ڏسي دل خوشي محسوس ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ شوڪت خانم پاڪستان جي سڀني کان وڏي اسپتال هوندي. وزيراعظم چيو ته شوڪت خانم اسپتال ۾ جديد ٽيڪنالاجي وارا اوزار لڳايا ويندا ۽ غريب ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف مهيا ڪيو ويندو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments