ڪراچي ماسٽر پلان مارچ 2024 تائين تيار ٿي ويندو

وڏي وزير مراد علي شاهه جِي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ڪراچي سميت صوبي جي 17 وڏن شهرن بابت ماسٽر پلان جَي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ٻڌايو ويو ته سنڌ جَي 16 ضلعن لاءِ ماسٽر پلان تيار ٿي ويو آهي. سکر ۽ لاڙڪاڻي جَي ماسٽر پلان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ٿي چڪو آهي. خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، جڪيب آباد سميت ٻين شهرن ۾ 2023 تائين ماسٽر پلان مڪمل ٿي ويندو. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ماسٽر پلان مارچ 2024 تائين تيار ٿي ويندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments