ڪراچي ۾ فيڪٽريءَ کي باهه، 17مزدور سڙي فوت

ڪورنگي مهراڻ ٽائون ۾ ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 17 مزدور سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته فائر برگيڊ جا ٻه اهلڪار به زخمي ٿيا آهن. ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ موجود ڪيميڪل فيڪٽري ۾ باهه لڳي وئي جنهن ڏسندي ئي ڏسندي شدت اختياري ڪري ورتي، واقعي جي اطلاع تي فائر برگيڊ عملو فيڪٽري پهتو ۽ باهه وسائڻ لاءِ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون، پر باهه ايتري ته شديد هئي جو فائر برگيڊ اختيارين باهه کي ٽين درجي جي باهه قرار ڏيندي سموري شهر مان فائر ٽينڊرز کي طلب ڪري ورتو. فائر برگيڊ اختيارين موجب فيڪٽري جي اندر ڪيترائي مزدور ڦاٿل هجڻ جا اطلاع آهن. جڏهن ته فيڪٽري جي اندر دونهون ڀرجي وڃڻ سبب وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي، ان ڪري فيڪٽري جون ڀتيون ڪيرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڪٽري مان هن وقت تائين 13 مزدورن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جڏهن ته زخمين مان 4 فوت ٿي چڪا آهن، فيڪٽري ۾ دونهين سبب اندر وڃڻ ممڪن نه آهي جڏهن ته 2 فائر فائيٽرز به ڪارروائي دوران عمارت تان ڪرڻ سبب زخمي ٿيا آهن. اسپتال انتظاميا موجب فوتين مان 5 ڄڻن جي سڃاڻپ سلمان، فرمان، علي، حسن ۽ فرحان جي نالي سان ٿي آهي، علي، حسن، فرمان ۽ فرحان هڪ ئي خاندان جا آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي ۽ ليبر کاتي کان تفصيل طلب ڪيا آهن. ترجمان موجب وڏي وزير فوتي مزدورن جي خاندانن جي ڀرپور مدد ڪرڻ ۽ زخمين جو علاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments