ڪرپشن جا مانگر مڇ پي. ڊي. ايم جي ڇتري هيٺيان جمع آهن: حسان خاور
پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور چيو آهي ته پي. ڊي. ايم سياسي اتحاد نه ڪرپٽ ٽولي جي پناهه گاهه بڻجي چڪي آهي، ڪرپشن جا مانگر مڇ پي. ڊي. ايم جي ڇتري هيٺيان جمع آهن. حسان خاور پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اپوزيشن جا هليل ڪارتوس هر محاذ تي ناڪام ٿي چڪا آهن، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول قوم کي گمراهه نٿا ڪري سگهن، هي ٽئي سياستدان هڪٻئي کي دوکو ڏيئي رهيا آهن.

