آرٽيڪلادبسماجيات

ڪـــــوڙ امجد ٽالپر Aug 2020

دنيا ۾ مختلف قسمن جا ڪوڙ ڳالهايا ويندا  آهن، زال سان ڪوڙ ڳالهائڻ کي تعريف چئبو آهي، “پرهه تون ته اڄ صفا ماڌوري پئي لڳين”، پوءِ ڀلي زال جو منهن ڌوتل نه هجي. ماءُ سان ڪوڙ ڳالهائڻ کي مجبوري چئبو آهي، “امان ۵۰ رپيا ته ڏي دوست ٿا اچن”، بابو چوي ٿو ۲۰ تاريخ کانپوءِ پئسا نه گھرندو ڪر نه ته پادر کائيندي. دوستن سان ڪوڙ ڳالهائڻ کي شغل چئبو آهي، “علي تو واري مومل ڪالهه ڪينٽين  ۾ ارشد سان ويٺي هئي ها ها ها ها”….

گراهڪ سان ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌنڌو چئبو آهي، “تون ڀاءُ ويٺو آهين هي ساڳيو ڪپڙو مون ۱۰۰ رپيا ميٽر کپايو آهي تون پراڻو گراهڪ آهين توسان ڪو حساب ڪونهي تو لاءِ ۸۰ رپيا  ميٽر،  ٻيو ڀاڀي لاءِ سوٽ ڏيکاريانِءِ.”

اوهان  ضرور ٻڌو هوندو تي هيءَ دنيا ڪوڙ آهي فاني آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته سچ ڳالهائڻ ۾ اوهان کي ڪا با محنت ڪرڻي ڪانه پوندي، جيڪو ڏٺو آهي ٻڌائي ڇڏيو، سچ ته ننڍڙو ٻار به ڳالهايو وڃي، پر ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ اوهان کي عقل، تجربو، مهارت ۽ بهادري جي ضروت پوندي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان اوهان کي تمام گهڻا فائدا ٿيندا آهن. آفيس ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ سان اوهان کي گريڊ جلدي ملندو، زال سان ڪوڙ ڳالهائڻ سان اوهان کي مالي بچت ٿيندي، ماني ٽائيم تي ملندي، ڪوڙ ڳالهائڻ سان اوهان گهر دير سان اچي سگھو ٿا، بنا ڪنهن پريشاني جي يار دوستن سان ڪچهري ڪري بس زال کي اهو چوڻو آهي تي موٽرسائيڪل پنچر ٿي وئي ان جي ڪري دير ٿي وئي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان ماڻهن کي وزارتون مليو وڃن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن. ڪجهه مون جهڙا ماڻهو ننڍي هوندي کان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. مثال طور: امان ڀاڄي لاءِ پئسا ڏنا ته واپسي ۾ ۵ رپيا لڪائي، امان کي مهانگي ڀاڄي ٻڌائيندا.

ڪجهه ماڻهو جواني ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ سکندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن جي دوستي ڪنهن ڇوڪريءَ سان آهي ته ان کي چوندا، “تون ته پري آهين ڪونج آهين، تون چوين ته تنهنجي لاءِ آسمان تان تارا لاهي اچان، تنهنجي ڪري آئون سڄي دنيا سان وڙهي سگهان ٿو سواءِ تنهنجي ڀائرن جي” ۽ اڳيان ڇوڪري وات پٽيو ويٺي هاءِ هاءِ ڪندي “سچي تون مون سان ايترو پيار ٿو ڪرين شوڪت؟” “ها شازيه  تون چوين ته آئون هن وقت پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيان.”  اوڏي مهل شوڪت جي فون تي مئسيج ايندو جانو شام جو 100 جو لوڊ موڪل. وري جي سگهڙ ننهن هوندي ته صبح ۽ شام سس سان ڪوڙ جي مٿان ڪوڙ، “ڏيرياڻي چڱي ڀلي لڳي پئي آهي پوِءِ به مڙس جو خيال نٿي رکي روز روز مائٽن ۾ويٺي آهي ادو صفا بيمار پيو لڳي.”

جيڪڏهن ڪو سمجهه وارو ڪلارڪ يا ماستر هوندو ته ڪڏهن به اوهان کي پنهنجي آفيس ۾ ڪونه ملندو. سدائين پنهنجي وڏي صاحب جي آفيس ۾ ويٺو ها سائين ها، نه سائين نه ڪندو ۽ وڏو صاحب به ان ۾ خوش ته هي جيڪو به ٻڌائي پيو سڀ سچ آهي..!

سياسي ماڻهو ته هرو ڀرو ويچارا خوار آهن ته ڪوڙ ڳالهائيندا آهن، پر اوهان پاڻ کي ڏسو اوهان کي مولوي به چوندو ته هيءَ دنيا ڪوڙ آهي فاني آهي. پوءِ آئون سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن هيءَ دنيا ڪوڙي آهي ته ماڻهو سچ ڇو ٿا ڳالهائين خير هر ڪنهن جي مرضي آهي…

سچ ڪڏهن به نه ڳالهايو، ڇو جو تاريخ گواهه آهي ته سقراط کان ڀٽي تائين جنهن ڪوڙ نه ڳالهايو ان کي ماريو ويو ۽ اڄڪلهه فيس بُڪ ۽ واٽس ايپ جو دور آهي.

اڳي وڏا چوندا هئا ته جيڪا ڳالهه يا ڪو سچ اوهان کان برداشت نٿو ٿئي ته وڃي کوهه ۾ منهن هڻي ان ۾ چئي اچو.

يقين ڪريو جيڪڏهن مڙس پنهنجي زالن سان سچ ڳالهائڻ شروع ڪن ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طلاقون هتي ٿين. اوهان پاڻ سوچو جيڪڏهن ڪوڙ  ڳالهائڻ سان ڪنهن جو گھر بچي پوي تي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو چڱو ڪم هوندو، گھر ڦٽندو ته ٻار ويچارا رُلي ويندا، مڙس الڳ پريشان، سس الڳ پريشان ته هاڻ ڪنهن کي داٻا ڏيان، انهن سڀني مسئلن جو حل صرف ۽ صرف ڪوڙ ۾ آهي. اسان جا دڪاندار پنهنجي دڪان تي سڄو ڏينهن ڪوڙ ڳالهائي پيا مال وڪڻندا آهن قسم کڻي چوندا تي مال صفا نج آهي ڪا ملاوٽ ڪونهي اوهان پاڻ ڏسو خدا جو شڪر آهي منهنجا سڀ دڪاندار ڀاءُ خوش آهن.

اسان جا وڏا هميشه اسان سان ڪوڙ ڳالهائيندا هئا. چوندا آهن ته اڳي سئو رپيا زمين جو ايڪڙ ملندو هو. ڪو فرق نه هو سڀ گڏ هوندا هئا. شيعه سني سڀ هر ڪم ڪار  ۾ گڏ ايترو جو هندو به عيد ۽ محرم گڏ ملهائيندا هئا.

بابا مرحوم چوندو هو ته ريل گاڏيون ٽائيم جون پابند هونديون هيون. ماڻهو ڪنهن کي زبان ڏيندو هو ته مري ويندو هو،  پر ڦرندو ڪونه هو. استادن جي وڏي عزت هوندي هئي. ڀلا اوهان پاڻ ٻڌايو اهو سڀ هن وقت ڪوڙ نه آهي ته ڇا آهي.

سچ ڳالهائڻ سان اوهان کي تمام گھڻو نقصان ٿي سگهي ٿو، گھر ۾ زال سان سچ ڳالهائڻ سان جھيڙو ٿيندو پوءِ ٻار پريشان ٿيندا زال مائٽن ۾ هلي ويندي پوءِ مانيءَ لاءِ مسئلو ڪپڙن لاءِ مسئلو، آفيس ۾ سچ ڳالهائڻ سان اوهان جو صاحب ناراض ٿيندو اوهان جي ترقي ڪانه ٿيندي.

ٻارن جي سٺي مستقبل جي لاءِ اسان کي گهرجي ته انهن کي ننڍي هوندي کان ڪوڙ ڳالهائڻ پلستري ڪرڻ سيکاريون ته جيئن وڏي هوندي هنن کي ڪنهن به اداري يا گھر ۾ ڪڏهن به پريشاني نه ٿئي، سڄي زندگي اوهان کي دعائون ڏين.