آرٽيڪلماهوار ميگزين

ڪنهن به رياست کي تسليم ڪرڻ جا اصول ڪهڙا آهن؟ : ايڊووڪيٽ عبدالحميد چاچڙ

دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ کي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪجهه اصول، قائدا، ضابطا ۽ قانون جوڙيل آهن. جن ذريعي بين الاقوامي قانون موجب ڪنهن هڪ ملڪ جي خود مختياريءَ کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ پهريون قانون اهو آهي ته ملڪ اندر مستقل آبادي هجي ۽ ٻين ملڪن سان ان جون سرحدون ملنديون هجن. ان رياست کي پنهنجا قدرتي وسيلا هجن، اهڙيءَ طرح سان افغانستان جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته هن ملڪ جي هڪ مستقل آبادي به آهي ۽ هن ملڪ جون سرحدون ڪيترن ئي ملڪن سان ڳنڍيل به آهن. هيءَ رياست گذريل ڪيترين ئي صدين کان ڪڏهن بادشاهي حڪومتن هيٺ رهي آهي جيئن ظاهر شاهه جي آخري حڪومت ۽ ڪڏهن تازيون حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني جون جمهوري حڪومتون به رهيون آهن ۽ 15 آگسٽ 2021 تي افغانستان ۾ هڪ نئون حڪومتي مظهر ظاهر ٿيو آهي اتي طالبان پنهنجي طاقت سان حڪومت حاصل ڪئي آهي. هن ملڪ کي امارات اسلامي افغانستان جو درجو ڏنو ويو آهي.  هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا بين الاقوامي قانون موجب هڪ رياست ۾ حڪومت جي اهليت لاءِ جيڪي اصول ۽ قانون مقرر ٿيل آهن افغانستان جي رياست انهن تي پورو لهي ٿي يا نه. ڪنهن هڪ ملڪ کي ٻيو ملڪ يا بين الاقوامي قانون تسليم ڪيئن ٿو ڪري؟ تسليم ڪرڻ جي وصف هيءَ آهي ته ڪنهن هڪ ملڪ جي موجودگي کي سموري بين الاقوامي ڪميونٽي تسليم ڪري ته پوءِ اها اسٽيٽ سمجهي ويندي آهي.

اسٽيٽ ريڪگنيشن ٻن قسمن جي ٿي سگهي ٿي. هڪ ڪنڊيشنل ۽ ٻي پري ميچوئر اها مختلف حقيقتن تي مشتمل هوندي آهي.(Montevideo Convention on the Rights and Duties of States) مونٽيويڊيو ڪنوينشن 1933 ۾ واضح طور بيان ٿيل آهي ته اسٽيٽ جا چار بنياد آهن. (1) مستقل آبادي (2) مخصوص حد (3) حڪومت (4) خود مختياري. مطلب ته بين الاقوامي قانون موجب ڪابه رياست انهن چئن اصولن تي ٻڌل هوندي آهي. خود مختياريءَ جو مطلب آهي ته ڪابه رياست ڪنهن ٻي رياست جي محتاج نه هجي ۽ خود مختياري سان پنهنجا فيصلا ڪري سگهي. قبوليت ۽ مڃتا ٿيڻ کانپوءِ هڪ تسليم ٿيل رياست کي بين الاقوامي ڪورٽ ۾ پرسيو ڪري سگهجي ٿو. هڪ خود مختيار حيثيت تي تسليم ٿيل رياستن سان سفارتي لاڳاپا بڻائي سگهجن ٿا، معاهدن تي صحيحون ڪري سگهجن ٿيون. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته رياست کي تسليم ڪرڻ جا گهڻا قسم ٿين ٿا.

(1) (de facto recognition) حقيقي بنياد تي تسليم ٿيل

(2)  (de jure recognition)حقن يا قانون جي بنياد تي تسليم ٿيل

ڊيفيڪٽو ريڪگنيشن جو مطلب هوندو آهي حقيقتن جي بنياد تي تسليم ٿيل هجي ۽ ڊي جور جو مطلب هوندو آهي حقن جي بنياد تي تسليم ٿيل هجي. ڊيفيڪٽو رياست اها آهي جيڪا حقيقت جي حساب سان صحيح هجي، پر ان تي سرڪاري طرح سان پابنديون نه هجن. ڊي جور جو مطلب اهو آهي ته هڪ رياست جيڪا قانون موجب جوڙيل هجي. ڊيفيڪٽو اسٽيٽ موجب جيڪي شرط هوندا آهن انهن کان وٿ ڊرا به ٿيڻو پوندو آهي ۽ ڊي جور اسٽيٽس ۾ قانون موجب پابند رهڻو پوندو آهي. جيئن مونٽيويڊيو ڪانوينشن 1933 جي آرٽيڪل (6) موجب رياست تي پابندي هوندي آهي ته اها ٻين ماڻهن جي حقن کي مڃيندي ۽ پنهنجي اسٽيٽس کان ٻاهر نٿي نڪري سگهي. هاڻي ڏسنداسين ته حڪومت ۽ رياست جي ريڪگنيشن ڪيئن ٿيندي آهي. جيئن انڊيا هڪ رياست آهي ۽ رياست ئي رهندي، پر حڪومت تبديل ٿيندي رهندي آهي ۽ اها هر ليڪشن کانپوءِ تبديل ٿيندي آهي. هڪ رياست ۾ نارمل طريقي سان حڪومت ٻن طريقن سان تبديل ٿئي ٿي.

(1) عام حالتن ۾ دستوري طرح 

(2) بغاوت جي ذريعي

يعني بغاوت ٿي وڃي يا مليٽري رياست جون واڳون سنڀالي تڏهن ٿورو مونجهارو ٿيندو آهي. هڪ هوندي آهي insurgent force ٻي هوندي belligerent force. انسرجنٽ فورس اهي هونديون آهن جڏهن بغاوت ٿئي ته انهن جو رياست تي مڪمل ڪنٽرول نه هوندو آهي، اهي هڪ ننڍي گروپ جي صورت ۾ ٿي سگهن ٿيون، اهڙي صورت ۾ رياست کي تسليم ناهي ڪيو ويندو. ڇو ته اهڙي فورس جو مڪمل ڪنٽرول ناهي هوندو، پر ان جي مقابلي ۾ بيلجرنٽ فورس اها فورس هوندي آهي جنهن جو ڪنٽرول ملڪ جي تمام وڏي حصي تي هوندو آهي. جنهن ۾ ڊيفيڪٽو ريڪگنيشن ملي سگهي ٿي. جڏهن بيلجرنٽ فورس کي ڊيفيڪٽو ريڪگنيشن ملندي آهي ته پوءِ هڪ نئون دور شروع ٿيندو آهي. جڏهن نئين حڪومت ٺهندي آهي ته پوءِ ان کي ڊي جور اسٽيٽ جو درجو ملي ويندو آهي. هاڻي افغانستان جي موجوده حڪومت تي نظر وجهنداسين ته هن وقت طالبان جو مڪمل ڪنٽرول به آهي، پر دنيا انهن کي گڏيل حڪومت آڻڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي. هاڻي ڏسجي ته ايندڙ وقت ۾ افغانستان جي نئين حڪومت بين الاقوامي قانون موجب يعني مونٽيويڊيو ڪنوينشن 1933 موجب پوري لهي ٿي يا نه ۽ مستقبل ۾ هن حڪومت کي دنيا تسليم ڪري ٿي يا نه.