ڪهاڻي اَمي هالي Grimm’s Fairy Tales مترجم: خانصاحب مريد علي

1004 Shares

هڪڙي رن زال هئي، جنهن کي ٻه ڌيئرون هيون. انهن مان هڪ سهڻي، چئيوان ۽ ڪم جي سچلي هئي ۽ ٻي بدشڪل، بي چئي ۽ سست.

پر، هوءَ زال ان سست، بي چئيءَ ۽ بدشڪل نينگريءَ کي تمام گهڻو پيار ڪندي هئي. ڇاڪاڻ ته هوءَ سندس پيٽ ڄائي ڌيءَ هئي ۽ هن ٻي نينگريءَ کي گهر جو سڀ ڪم ڪار ڪرڻو پوندو هو ۽ سڄو ڏينهن نوڪرياڻيءَ وانگر پئي ڳهندي هئي! گهر جو سمورو ڪم هاج به هن جي سِرَ تي هوندو هو ۽ ڇڙٻون به هن کي ئي سهڻيون پونديون هيون! هن ويچاريءَ نينگريءَ کي هر روز ٻاهر رستي تي وڃڻو پوندو هو ۽ کوهه جي ويجهو ويهي هوءَ سُٽ ڪتيندي هئي، تان جو ڪتيندي ڪتيندي هن جون آڱريون ڇلجي رتو ڇاڻ ٿي پونديون هيون.

هڪ دفعي هن جي آڱرين مان ايترو ته رت وهيو جو سندس اوبڻي رت ۾ رڱجي ڳاڙهي ٿي پئي. هوءَ پوءِ اها اوبڻي کڻي کوهه تي ڌوئڻ لاءِ ويئي. اتفاق سان اوبڻي هن جي هٿن مان کسڪي کوهه ۾ ڪري پئي. هوءَ روئيندي پنهنجي ماٽيليءَ ماءُ ڏانهن ڀڄندي آئي ۽ ان سان اچي هن حادثي جي ساري حقيقت ڪيائين. ماڻس هن کي تمام سخت ڇڙٻيو ۽ چيائينس ته ”تيستائين توکي معاف نه ڪنديس، جيستائين تو اها اوبڻي کوهه مان ڪڍي نه آندي آهي!“

نينگري ويچاريءَ کي سمجهه ۾ ئي نه آيو ته ڇا ڪريان! پر تڏهن به هوءَ وري موٽي کوهه تي ويئي. آخر وڌيڪ دڙڪن ۽ ڇڙٻن ٻڌڻ جي خوف کان کڻي پاڻ کي کوهه ۾ اڇلايائين.

کوهه ۾ ڪرڻ سان بيهوش ٿي ويئي ۽ وري جڏهن هوش ۾ آئي ته ڇا ڏسي ته سائيءَ ڇٻر جي هڪ وڏي کليل ميدان تي، اس ۾ ليٽي پئي آهي ۽ سندس چوگرد هزارين گل ڦل ٽڙيا بيٺا آهن.

پوءِ هوءَ اتان اٿي پيرن ڀر ٿي ۽ ميدان مان اڳتي هلڻ لڳي تان جو هلندي هلندي اتان اچي مانين پچائڻ جي هڪ وڏي بٺيءَ وٽ پهتي جنهن ۾ بيشمار مانيون پئي پڪيون.

مانين کيس چيو، ”اسان کي هتان ڪڍ! اسان کي ٻاهر ڪڍ! نه ته اسين هت کامي، سڙي وينديونسين، ڪيتريءَ دير کان اسين بٺيءَ ۾ پيون پچون ۽ سڙون!“ ڇوڪري اڳتي وڌي ٿڦڻيءَ سان مانين کي هڪ هڪ ڪري بٺيءَ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ اٿي اڳتي هلي. اڃان ٿورو ئي پنڌ ڪين ڪيائين ته هڪڙو وڻ ڏٺائين جو صوفن سان جهنجهيو پيو هو. وڻ زور زور سان رڙ ڪري چيس ”مون کي ڌوڻ! مون کي ڌوڻ! منهنجا صوف تمام گهڻو پچي ويا آهن!“ هن پوءِ وڻ کي ڌوڻيو ته سونَ جهڙا صوف زمين تي اچي ڪريا ۽ پاڻ وري به اٿي اڳتي هلي.

هلندي هلندي هوءَ هڪڙي ننڍڙي گهر وٽ اچي پهتي. هڪ ڪراڙيءَ زال هن ڏي دريءَ مان جهاتي پائي ڏٺو، هن جا ڏند ايترا وڏا هئا جو هيءَ ڇوڪري انهن کي ڏسي مورڳو ئي ڊڄي وئي ۽ ڀانيائين ته هتان ڀڄي وڃان! پر پوءِ ٻڍيءَ زال پيار ڀريو سڏ ڪري چيس، ”ڇو ٿي ڊڄين، مٺڙي نينگر! مون وٽ اچي رهه ۽ جيڪڏهن تون منهنجي گهر جو ڪم ڪار چڱيءَ طرح ڪندينءَ ته هت مون وٽ تمام سکي گذاريندينءَ: منهنجو بسترو هميشه خبرداريءَ سان ٺاهيندي ڪج ۽ منهنجي پٿراڻي تمام خيال سان ڇنڊيندي ڦوڪيندي ڪج، جو ان مان جڏهن کنڀ اڏامندا آهن، تڏهن ڌرتيءَ تي برف وسندي آهي. خبر اٿئي آئون ”امي هالي“ آهيان!“

ڇوڪريءَ ٻڍيءَ زال کي اهڙي مهربانيءَ سان ڳالهائيندو ٻڌي همت جهلي ان وٽ نوڪري قبول ڪئي. پوءِ هن پنهنجا سڀ سونپيل ڪم اهڙي ته سچيتائيءَ سان پورا ڪيا، جو سندس ٻڍي امي مٿس ڏاڍي راضي ٿي. هن جي پٿراڻي به هوءَ هر روز نهايت خبرداريءَ سان ڇنڊيندي هئي تان جو ان مان کنڀ ايئن ڇڻڻ لڳندا هئا، جيئن ڌرتيءَ تي برف جا ذرڙا وسندا آهن.

ٻڍي مائي به هن کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ هر روز هن کي ڪڏهن رڌل ته ڪڏهن پڪل گوشت کائڻ لاءِ ڏيندي رهندي هئي.

اهڙيءَ طرح ٿورو عرصو گذريو ته اوچتو ئي اوچتو هوءَ دل ۾ ملول رهڻ لڳي. اول ته خود کيس ئي سمجهه ۾ نٿي آيو ته سندس دل ڇو ملول ۽ پريشان هئي، پر پوءِ خاطري ٿيس ته گهر جي سڪ کيس اداس ۽ ملول ڪري وڌو هو.

جيتوڻيڪ امي هاليءَ جي گهر جي زندگي، هن کي پنهنجي گهر کان هزار بار سکي لڳي ٿي ته به رکي رکي گهر جي سڪ هن کي اهڙو ته اچي ٿي پريشان ڪيو جو ڀائيندي هئي ته هڪ پل به وڌيڪ پوئتي نه ترسان. آخر هن امي هاليءَ کي وڃي چيو، ”آئون گهر لاءِ اهڙو اداس آهيان جو رات جو ننڊ ئي نٿي اچيم. جيتوڻيڪ مون کي هت هر طرح جو سک آهي، پر پوءِ به آئون هتي وڌيڪ گذاري نٿي سگهان ۽ چاهيان ٿي ته وڃي پنهنجي گهر ڀيڙي ٿيان!“

تنهن تي امي هاليءَ جواب ڏنس، ”آئون تنهنجي گهر وڃڻ جي خواهش ٻڌي، خوش ٿي آهيان. ڇاڪاڻ ته تو منهنجي چڱيءَ طرح ۽ وفاداريءَ سان خدمت ڪئي آهي، تنهنڪري آئون پاڻ توکي اوڏانهن وٺي هلنديس!“

ايئن چئي هوءَ نينگريءَ کي هٿ کان جهلي هڪ وڏي دروازي وٽ وٺي آئي. دروازو کلي پيو ۽ جنهن وقت ڇوڪري دروازي جي ڀرسان هيٺ بيٺي هئي ته مٿس سون جي گلن جي ورکا ٿي ۽ اهو سڀ سون سندس بُت ۽ ڪپڙن کي لڳي ايئن ئي چنبڙي بيهي رهيو، تان جو مٿي کان وٺي پيرن تائين، هيءَ سلڇڻي ڇوڪري سڄي سون سان ڇانئجي وئي.

امي هالي ڇوڪريءَ کي حيرت ۾ ڏسي چوڻ لڳي ته ”تو محنت ۽ چاهه سان پنهنجو ڪم ڪيو آهي، تنهنڪري هي سڀ سون توکي آئون سوکڙي ڪري ٿي ڏيان!“

پوءِ اهو کليل دروازو هڪ وڏي ٺڪاءُ سان يڪدم بند ٿي ويو ۽ ڇوڪريءَ وري پاڻ کي اڳئين وانگر هن دنيا جي زمين تي ڏٺو. پريان سندس ماءُ جو گهر پئي ڏٺو ۽ هوءَ جڏهن پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ گهڙي ته سندن ڪُڪڙ جو مٿي ڇت تي ويٺو هو، تنهن هڪدم ٻانگ ڏيئي چيو، ”ڪڪڙو ڪو! ڪڪڙو ڪو! آئي اسان وٽ موٽي اسان جي سلڇڻي ڇوڪري!“

پوءِ هوءَ اندر پنهنجي ماٽيلي ماءُ وٽ ويئي ۽ هن کي سڄو سون سان جهنجهيل ڏسي سندس ماءُ ۽ ڀيڻ ٻنهي هن جي ڏاڍي محبت سان ڀليڪار ڪئي.

ڇوڪريءَ جيڪي وٺو وائٺو هو سو سمورو داستان هنن کي ڪري ٻڌايائين. ماءُ جڏهن ٻڌو ته ايترو سون هن ڇوڪريءَ کي مفت ۾ هٿ اچي ويو تڏهن ويهي سوچيائين ته ڪنهن طرح سندس هن ٻي بدشڪل ۽ سست ڌيءَ کي به اها دولت ملي. پوءِ هن پنهنجي انهيءَ ڌيءَ کي ٻاهر کوهه تي ڪتڻ لاءِ روانو ڪيو. سست ۽ بيڪار ڇوڪريءَ ڇا ڪيو جو ڪنڊن جي ڍنگر ۾ هٿ وجهي آڱر مان رت ڪڍي کڻي اوبڻيءَ کي مکيائين ۽ پوءِ ان اوبڻيءَ کي کوهه ۾ ڦٽو ڪري پاڻ به ان پٺيان وٺي ٽٻي هنيائين!

پهرين نينگريءَ وانگر اک کولڻ تي هن به پاڻ کي هڪ سائي ڇٻر جي ميدان ۾ پيل ڏٺو ۽ پوءِ اهو ئي ساڳيو پيچرو وٺي اٿي هلي. جڏهن مانين جي بٺيءَ وٽ پهتي ته آواز ٻڌائين ته ”اسان کي هتان ڪڍ! اسان کي ٻاهر ڪڍ! نه ته اسين هتي سڙي کامي وينديونسين!“ سست ڇوڪريءَ جواب ڏنو ”اوهان کي انهن ڪارن ڪوئلن مان ڪڍي آئون ڪو پنهنجا هٿ خراب ڪنديس ڪيئن؟“

ايئن چئي اڳتي هلي ۽ اچي صوفن جي وڻ وٽ پهتي جتي ٻڌائين ”مون کي ڌوڻ! مون کي ڌوڻ! منهنجا صوف تمام گهڻو پچي ويا آهن!“ پر هن ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ”اهو ته آئون به ڏسان ٿي ته تنهنجا صوف پچي راس ٿيا آهن، پر توکي ڌوڻڻ سان ڪو صوف منهنجي مٿي تي اچي ڪري ته پوءِ؟“

ايئن چئي تکي تکي هلي وئي، تان جو اچي امي هاليءَ جي ننڍڙي گهر وٽ پهتي. هن کي ته خبر هئي ته امي هاليءَ جا ڏند بلڪل وڏا آهن، تنهنجي پهرين نينگريءَ وانگر هنن کي ڏسي بنهه ڊپ ڪين ٿيس. پهرين ڏينهن ته هن ڇوڪريءَ گهڻي سون ملڻ جي اميد تي امي هاليءَ جا سڀ ڪم حڪم بجاءِ آڻڻ ۽ محنت سان سڀ ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻئي ڏينهن هوءَ ڪجهه ڍري ٿيڻ لڳي ۽ ٽئين ڏينهن ته اهڙي سست ٿي پئي جو صبح جو سوير رڳو ننڊ مان به ڪين اٿي! نڪي امي هاليءَ جو بسترو برابر ٺاهيائين ۽ نڪي هن جي پٿراڻيءَ کي ئي زور سان ڇنڊيائين جو ان مان کنڀ برف جي ذرن وانگر اڏامن! امي هالي انهيءَ ڪري هن مان بيزار ٿي پئي ۽ هن کي چيائين ته ”تون منهنجي ڪم جي نه آهين، بهتر آهي ته جتان آئي آهين اوڏانهن موٽي وڃ!“

”سست ڇوڪريءَ کي ته اها ئي ڳالهه گهربي هئي، سو خوش ٿي دل ۾ سوچڻ لڳي بس اجها ٿي مٿم سون جي ورکا ٿئي!“

پوءِ امي هالي هن کي دروازي وٽ وٺي ويئي ۽ جڏهن برابر دروازي جي هيٺان اچي بيٺي تڏهن سون جي بدران هڪ وڏي ڪاري ڪُني ڏامر سان ڀريل مٿس اوتجي هيٺ اچي پئي! امي هاليءَ چيس ”هي آهي اجورو تنهنجي خدمتن جو!“ امي هاليءَ جو ايترو چوڻ ۽ دروازي جو ٺڪاءُ ڏيئي بند ٿيڻ!

اهڙيءَ طرح سست ڇوڪري سڄي ڏامر سان ڪاري ٿي گهر موٽي آئي. ڪڪڙ جو مٿي ڇت تي ويٺو هو تنهن هن کي ڏسي هڪدم وٺي ٻانگ ڏني:

”ڪڪڙو ڪو! ڪڪڙو ڪو! آئي اسان وٽ گدلي اسان جي ڇوڪري!“

ڏامر جو ڪارو رنگ ان ڇوڪريءَ تان پوءِ ڌوئڻ سان به سڄي عمر ڪونه لٿو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments