ڪهاڻي اڏام غلام نبي سومرو

1088 Shares

ڪهاڻي

اڏام

غلام نبي سومرو

اهي ٻئي نوجوان يونيورسٽي ڪئمپس مان نڪري ڪائنات ۽ انهيءَ جي نيم تي ڳالهائيندا. ماڻهن کي اچرج ۾ وجهندا، پنهنجي ارمانن جي آستان تي هلي آيا.

اهو ڪمرو گهڻن ماڻهن کان لڪل، بلڪل اڪيلو هو. هتي سڀ ڪجهه هو. انهن مان هڪ جنهن کي سڀ ڄاڻو سڃاڻو راجا ڪوٺيندا هئا، ٽيپ رڪارڊر تي آڱر رکي، ڪشور جو آواز بند ڪمري ۾ گونجيو: يي شام مستاني مدهوش ڪيئي جائي، مجهي ڊور ڪوئي کينچي تيري اور ليئي جائي… بند در جي اندر ساز ۽ آواز جا لهر لهر سلسلا هئا.

انهن چرس تپائي وزن ٺاهيو. جانيءَ ڦل سُرڪيو. دونهون وات مان نڪ مان تيزيءَ سان گهوماٽجي ٻاهر نڪتو، ساهن جي سگهه تي شمڀا اٿندا رهيا. دونهون ڪڪر جي صورت، ٻارجهارو، ڌنڌ جي هڪ حسن ۽ رنگ سان انهن جي مٿان تاڻيل رهيو.

هنن جا ذهن هاڻ ڳورا ٿيندا ويا ۽ اندر مان اڀرڻ جي سچ سان لهرن جيان ڪجهه هو جو اٿندو رهيو. چرس چپ چاپ پنهنجي مضبوط پڪڙ ۾ وٺي پويان گهلي ويو، گندين ور وڪڙ گهٽين جيان ڦهليل ماضيءَ ۾. هڪ گذري ويل طوفان جيان ماضي، هڪ طوفان کانپوءِ ۽ هڪ طوفان کان اڳ جي خاموشي کڻي حال هڪ سوال آندو: سڀاڻي وجود جي نوکا جو ڪو سڙهه سلامت هوندو…؟ راجا هاڻ گوڏا اڀا ڪري ٻئي پير ڪرسيءَ تي رکي ڪنهن ساڌو جيان ڏيکائي ٿي ڏنو. هڪ سرور ۽ رنج جي ڪيفيتن ۾ حيران.

موسيقي هڪ تسلسل سان برابر گونجندي رهي.

ٻڌندي راجا هڪ نظر کڻي ڀت تي لڳل اداڪاره بنديا گوا سواميءَ جي تصوير ڏانهن ڏٺو. ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي وچو وچ هڪ خنجر الائي ڪٿان آيو. هن کي محسوس ٿيو ته اهو اک مان لهي دل ۾ ڪٿي کپي بيهي رهيو. بي پناهه رنج مان هن اکيون کوليون گوشت جي ڪپيل ڳاڙهن ٽڪرن جهڙيون اکيون کولي پنهنجي پارٽنر کي ڏٺو، جيڪو اندر جي جنت جهنم ۾ ڪٿي گم هو. انهيءَ لمحي راجا جي اندر جو ماڻهو مستقل رنج جي دٻاءُ هيٺ ڪمري مان ٻاهر نڪتو، اڏامندو، پروين جي ٻانهن کي ووڙيندو يونيورسٽي ڪالوني جي بنگلوز جي چوڌاري ڀٽڪندو رهيو.

سدا جيان اڄ وڻن ۽ گلن ۾ پروين جي خوشبوءَ جو احساس نه ٿيو. گم ٿي وئي هئي ڪٿي هن جي آواز جي آهٽ ۽ جسم جي خوشبوءَ. هو پاڻ انڌو ٿي ويو هو يا ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي وچو وچ هڪ خنجر هو.

اڏامندو رهيو هو هيٺ مٿي چوڌاري. هوءَ جا ڪٿي نه هئي. هاڻ هن ڏٺو ته موتئي جي ٻاريءَ سان گل مهر جي وڻ هيٺ هوءَ بيٺي هئي. ٻوٽن ۾ اڇا ۽ وڻ ۾ باهه جهڙا دهڪندڙ ڳاڙها ڦول کڙيا هئا. اهو سڀ هوندي به پروين جي سڀني خوشبوئن جو انت ٿي چڪو. هن جي اکين جا گل مهر ۽ آواز جا هڙئي رنگ فنا هئا يا عرفان جي اها ڪيفيت جڏهن سڀ ڪجهه فطرت جي ساري سونهن جي تڪميل جو وقت اچي پهچي ٿو، ختم ٿي وئي هئي. تپسيائون سڀ بيڪار ٿيون… پروين لڳي ٿو ته مارجي وئي هئي. اهو خنجر جو اک مان لٿو هو، هن ئي اڇلايو هو شايد. سڀ رنگ ۽ خوشبوئون قتل ڪري اهو واپس هن جي اکين ۾ لهي آيو، نظر جو هڪ خنجر.

پنهنجي پاڻ کي آڇيل وقتي سک جي انهن ٿڙڪندڙ لمحن ۾ هن پاڻ ۾ ٿوري ئي سهي هڪ سگهه ايندي محسوس ڪئي. پروين کي فنا پائي سک جي اها ڪوڙي سگهه پنهنجو پاڻ مٿي اڀري من جي سمند کي ماٺو ڪندي وئي جنهن ۾ ٿورو اڳ خوابن جي آگبوٽن کي باهه لڳي هئي.

هاڻ رنج ۽ سک جي گڏيل ڪيفيتن منجهان هن ڏٺو: راتو رات هڪ طوفان هلي ويو.

هڪ گذري ويل تصوير راجا جي اکين ۾ لهرائي. تصويرون جي پنهنجي مزاج ۾ مختلف ڪيتريون ئي آهن، پر اها هڪ تصوير جا انت آهي، اکين ۾ نقش آهي. ٻه ڏينهن اڳ جو هڪ ڏينهن ڪنهن مورل پينٽنگ جيان آهي: وڻن سان گهريل سڙڪ کان بازار، سئنيما ۽ واپس وڻ ۽ سڙڪ سڀ ڪجهه هن پاڻ ختم ڪيو. خوابن جا سڀ آگبوٽ باهه جي ڀيٽ ٿيا. اسان سڀ ختم ٿي رهيا آهيون. ڪجهه باهه ۾ ڪجهه پاڻيءَ ۾ انت ٿي رهيو آهي اسان جو پنهنجي ئي هٿان. چوڌاري سڀني اکين ۾ بارود آهي ۽ تيزاب. حياءُ ڪٿي آهي اکين ۾، ڪٿي آهي حياءُ؟

پڇاڙڪا لمحا: جڏهن پروين گڏ هئي وڻن سان گهيريل سڙڪ تي هن جو وجود ان ٽاريءَ جيان، جا هوائن جي رخ ۾ اڪيلي آهي، لرزيو ٿي. ٻنهي جي مٿان پنهنجو پاڻ ڦهلائي بيٺل پپل جي وڻ ۾ اوڏي مهل هوا لٿي، هڪ شور کڻي پپل جا پن ۽ هڪ سانت کڻي پروين جي شاخ جهومي.

هوا جيئن پوءِ تيئن تکي ٿيندي وئي. راجا جا وار اڏاڻا ۽ پروين جو آنچل لهرايو.

بسنت ۽ پن ڇڻ جو ملڻ ڄڻ هاڻ هن ويل ٿيو پئي. ٻنهي جي اکين مان لڙڪ ڪريا ۽ پپل مان پن. من ۾ جو طوفان هو سو ٿاڻ جهڪو ٿيندو ويو. وڻ ۾ هڪ طوفان هو جو هاڻ شروع ٿيو هو. ٻن طوفانن جي وچ مان پروين اوچتو کڙيون مٿي ڪري، ٻانهون هن جي ڳچيءَ ويڙهيون تپندڙ هسٽيريڪل هڪ چُمي ساگر مان لهر جيان اڀري ۽ وجودن تي لهرائي.

هڪ جي انت کانپوءِ ٻئي طوفان جو آرنڀ ٿيو. پپل مان وري پن ڇڻي هن جي مٿان ڪريا.

هوا وڻ ۾ ۽ هنن جي اندر ۾ جهڪي ٿيندي وئي. جدائي ۽ ملڻ جي انهن پاڳل لمحن ۾ راجا پنهنجو هٿ کوليو. چانديءَ جو ڇلو تريءَ تي جڳمڳ جرڪيو ٿي. پروين جو هٿ جنهن ۾ خاتمي جهڙي ڊيڄاريندڙ ٿڌ هئي، راجا پنهنجي هٿ ۾ وٺي، ڏڪندڙ آڱر ۾ ڇلو پاتو. اکيون ٻوٽي چپ ڀيڙي هوءَ بيٺي رهي. ڳاڻيٽي کان ٻاهر طوفان انهن ڪجهه گهڙين ۾ هنن جي مٿان گذرندا رهيا.

پروين جا چپَ جي ڀيڙيل هئا، اندر جي هڪ تيز لهر جي اڀار هيٺ ڦڙڪي، ڪجهه چوڻ لاءِ تڙپيا. تڏهن راجا ڳالهايو: “پري! هاڻ جڏهن اسان هڪٻئي کان پري ٿي وڃڻ لاءِ راضي آهيون. پٿر رکي ڇڏيو آهي اسان. دير سوير تون ڪنهن ٻئي جي ٿي ويندينءَ. انهيءَ کي نشاني سمجهه ان پيار جي جو هاڻ اسان جي هٿان انت ٿي رهيو آهي. پروين! صبح کان وٺي جيڪي لمحا وڇوڙي جي سچ جي سائي ۾ گذريا آهن. وڃائجي وڃڻ جي خوف هيٺ دٻيل ٿڙڪندڙ لمحا. انهن ئي لمحن ۾ ٿورو پوءِ هڪ سفر جو انت ٿيندو. سفر جو بهارن جيان رنگين ۽ ماڻهوءَ جيان ابدي ٿي سگهيو ٿي.

توکي ياد رهندو نه اڄوڪو ڏينهن. سڀ ڪجهه جو اسان اڄ هڪٻئي کي ڏيئي سگهياسين ۽ وٺي سگهياسين، هجومن جي وچ ۾ اڪيلائي، آئيس ڪون جي وڻندڙ ٿڌ ۽ امنگ جاڳائيندڙ تنهنجي هٿن جي گرمي، صوفيه لارين جي فلم Sun Flower جنهن وٽ سونهن ۽ ابدي ساٿ جي سچائي آهي. سدائين اهو هڪ شان سان سچ ڏانهن جهڪي ٿو. اسان جي ارادن جي سورج مُکين جا رخ بدلجي ويا.”

راجا جو مک اظهار جي انهن لمحن ۾ جيئن پوءِ تيئن ڳاڙهو ٿيندو ويو. ٽٽي وکري وڃڻ جي انهيءَ ويل هن ٻانهون پکيڙي پروين کي ڇاتيءَ سان ڀچائي ڇڏيو. تڙپندڙ هسٽيريڪل هڪ چُمي ۽ ان بعد انيڪ چُميون اکين تي، چپن تي، ڳچي ۽ ڪنڌ تي. تئونس هئي جنهن هر چُميءَ کانپوءِ ٻي چُميءَ جي صورت ورتي. هڪٻئي جي ٻانهن ۾ ايئن ويڙهجي راجا چيو، “هڪ خوبصورتي منهنجي هٿن مان هلي ويندي، انهيءَ جو مون کي ڏک آهي. هي سڀ ڪجهه جو تون پاڻ سان کڻي هلي ويندينءَ” هن پروين جي گلن سان جهنجهيل ٽاريءَ جيان بدن کي ڏٺو، “دل چاهي ٿي تنهنجا ٻه حصا ڪري ڇڏيان. تنهنجو ڪو هڪ انگ چورائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيان. اها منهنجي اک ئي آهي جو مون کي تنهنجي هرهڪ انگ ۾ سڀ ڪجهه پسجي ٿو. تنهنجي هر انگ ۽ ادا ۾ تنهنجو مک آهي. اکين ۾، چپن ۾، هٿن ٻانهن پيرن ٽنگن ۾، ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ ۾ هر هنڌ اهو چمڪي ٿو، ايئن جيئن چنڊ اک ۾ لهي چمڪي…”

راجا کي اهڙيون ڳالهيون ڪندي پروين جي اندر ۾ زخمي ڪرڻ وارو درد جاڳيو. هوءَ سڏڪي. رات جي گهرائيءَ ۾ شور پپل جي پنن ۾ گونجيو ٿي، انهيءَ کان ڀاري گونج پروين جي ٽٽل آواز ۾ هئي. راجا جو اظهار هاڻ بي زبان ٿيو. آواز ۽ انهيءَ جي گونج ٿورو اڳ هڪ ظالم لمحي ۾ تمام ٿي.

جو نظر ۾ آهي، جو نظر ۾ نه آهي، پر محسوس ٿئي ٿو. جت ڪٿ هڪ بي پناهه سانت آهي. لڙڪ اکين مان ۽ پن وڻن مان ڇڻن ٿا.

پروين پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان آخري سلام ڪيو ۽ چيو: “موڪلاڻي، راجا! موڪلاڻي!”

سڀ رستا جي ماڻهوءَ ۾ آهن ۽ ماڻهوءَ جي چوڌاري آهن ويران ٿيا. انت ۾ هڪ گهري انڌي کاهي آهي. ڪجهه به نه آهي اڳيان پٺيان. دونهون جو اکين ۾ آهي، ڦڦڙن ۽ شريانن ۾ آهي، پل پل ڦهلجي رهيو آهي پوري قوت سان وجود کي ڊاهي رهيو آهي.

“راجا، او راجا!” ڪمري ۾ پارٽر جو آواز گونجيو. سڀ ڇڏي هو موٽي آيو. ڳاڙهيون اکيون کڻي ڏٺائين سامهون ڦل هو. راجا تيلي ڏيکاري.

“راجا” پارٽنر ڳالهايو. “مون رات عجيب خواب ڏٺو” جواب ۾ هڪ خاموش نهار، جنهن ۾ نه ئي ڪو سوال هو ۽ نه ڪنهن وضاحت جي طلب. ”رات مون راجا، سلاٽر هائوس جي آٽوميٽڪ پلانٽ تي تنهنجو ڪنڌ ڪپي ڇڏيو!”

راجا ڦاٽل اکين سان هن ڏانهن ڏٺو ۽ هڪ اداس مرڪ هن جي چپن تي هلي آئي. “اسان جي خوابن ۾ به يار ڪاسائيءَ جو ڪات ٿو چمڪي.”

اوچتو هن وڍيندڙ تيزيءَ سان ڪات کي اکين اڳيان اڀو ٿيندو، پنهنجي ڇاتي ڪپيندو محسوس ڪيو، پر اهڙو انهيءَ گذري ويل لمحي ۾ ٿيو. هاڻ آخري ڦوڪ هڻڻ جي لمحي هن پاڻ کي آجو محسوس ڪيو. ڪنهن زنجيرون پگهاري آيل ماڻهو جيان.

ٿوري دير اڳ هن کي سڀ ڪجهه جو وڻيو نٿي، هاڻ وڻڻ شروع ٿيو. سڀ ڏک سور ڪٿي پوئتي رهجي ويا.  

هو ڪنهن مڪت پنڇيءَ جيان اڏاڻو ڪمري جي دونهن ۽ گهٽ کان ٻاهر سڀني پنهنجي پراون کان پري هليو ويو. هو مٿي چوٽين تي اڏامندڙ ڪبوتر جيان جو سرخ وسعتن تان نيرن بورن آسمانن منجهان جبلن، ماٿرين، دريائن سمنڊن کي پسند هو هڪ پاڳل اڏام اڏندو اڻ کٽ پولارن ۾ گم ٿيندو ويندو آهي.

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments