ڪهاڻي تصوير ليکڪ: سعادت حسن منٽو ترجمو: منصور شيخ | مارچ 2022
ٻار ڪٿي آهن؟
”مري ويا آهن“
سڀ جو سڀ؟
ها سڀ جو سڀ، اوهان کي اڄ انهن جي متعلق پڇڻ جو ڪيئن خيال آيو آهي؟
مان انهن جو پيءُ آهيان.
اوهان جهڙو پيءُ خدا ڪري پيدا نه ٿئي.
تون اڄ ايترو ڪاوڙيل ڪاوڙيل ڇو آهين؟ منهنجي سمجھ ۾ نٿو اچي پل ۾ رتي، پل ۾ سير، آفيس مان ٿڪجي آيو آهيان ۽ تنهنجي بڪ بڪ شروع ٿي وئي آهي، بهتر هو ته مان آفيس ۾ پکي هيٺان آرام ڪريان ها.
پکو هتي به آهي توهان آرام پسند آهيو، هتي به آرام ڪري سگهو ٿا.
تنهنجي ٽوڪ ڪڏهن ختم نه ٿيندي منهنجو خيال آهي ته اها شيءِ توکي ڏاج ۾ ملي هئي.
مان چوانءِ ٿي مون سان اهڙي ڊيگھ نه ڪر، تنهنجي اکين جو پاڻي ئي ختم ٿي ويو آهي.
هتي ته سڀ ڪجھ ختم ٿي ويو آهي، تنهنجي اها جواني ڪيڏانهن وئي؟ مان ته اهو محسوس ڪريان ٿو ڄڻ سئو سالن جو پوڙهو ٿي ويو آهيان.
اهو اوهان جي عملن جو نتيجو آهي، مون ته پاڻ کي ڪڏهن به ايئن محسوس ناهي ڪيو.
منهنجا عمل ايترا ته خراب ناهن ۽ پوءِ به تنهنجو مڙس آهيان، ايترو به محسوس نٿو ڪري سگهان ته تنهنجي جواني زوال پذير آهي.
مون سان اهڙي گفتگو ڪر جنهن کي مان سمجهي سگهان اهو زوال پذير ڇا آهي؟
ان کي ڇڏ! اچ محبت ۽ پيار جون ڳالهيون ڪريون.
تو هاڻ ته چيو ته ڄڻ سئو سال جو پوڙهو هجين.
دل ته جوان آهي.
تنهنجي دل کي مان ڇا چوان! اوهان ان کي دل ٿا چئو مون کان ڪو پڇا ڪري ته مان چونديس ته پٿر جو هڪ ٽڪرو آهي، جيڪو ان شخص پنهنجي ان سيني ۾ دٻائي رکي ڇڏيو آهي ۽ دعويٰ اها ٿو ڪري ته ان ۾ محبت ڀريل آهي! اوهان محبت ڪرڻ ڇا ڄاڻو، محبت ته صرف عورت ئي ڪري سگهندي آهي.
اڄ تائين ڪيترين عورتن مردن سان محبت ڪئي آهي؟ ٿورو تاريخ جو مطالعو ڪر، هميشه مردن ئي عورتن سان محبت ڪئي ۽ ان کي نڀايو، عورتون ئي هميشه بيوفا رهيون آهن.
ڪوڙ شروع کان آخر تائين ڪوڙ بيوفائي هميشه مردن ڪئي آهي.
۽ ها! انگلستان جي هڪ بادشاھ هڪ معمولي عورت جي لاءِ تخت تاج ڇڏي ڏنو هو، اهو ڇا سکڻو فرضي ڪردار آهي.
بس هڪ مثال پيش ڪيئي مون تي رعب وجهڻ خاطر.
تاريخ ۾ اهڙا هزارين مثال آهن، مرد جڏهن عورت سان عشق ڪندو آهي ته هو ڪڏهن به پوئتي ناهي هٽندو چريو پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏيندو آهي، پر پنهنجي محبوب کي تر جو به نقصان پهچڻ نه ڏيندو آهي، تون نٿي ڄاڻين ته مرد جڏهن محبت ۾ گرفتار هوندو آهي ته ان ۾ ڪيتري طاقت هوندي آهي.
سڀ ڄاڻان ٿي، اوهان کان ڪالھ ڪٻٽ جو ڄميل دروازو به نه کلي سگهيو، آخر مون کي زور لڳائي کولڻو پيو.
ڏس جانو! تون زيادتي ٿي ڪرين، توکي خبر آهي ته منهنجي ساڄي ٻانهن ۾ سور هو، مان ان ڏينهن آفيس به نه ويو هئس، سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات سور ۾ ڦٿڪندو رهيس، تو منهنجو ڪوبه خيال نه ڪيو ۽ پنهنجي سهيليءَ سان سئنيما تي هلي وئينءَ.
اوهان ته بهانا ڪري رهيا هئا.
ظلم ڙي! مطلب مان بهانو ڪري رهيو هئس، سور جي ڪري منهنجو خراب حال هو ۽ تون چوين ته بهانو ڪري رهيو هئس، لعنت آ اهڙي زندگي تي.
اها لعنت منهنجي مٿان وڌي وئي آهي.
تنهنجي عقل مٿان پٿر پئجي ويا آهن، مان پنهنجي زندگيءَ جو سور پٽيان ٿو.
اوهان ته هر وقت روئنيدا آهيو.
تون ته کلندي رهندي آهين ان لاءِ ته توکي ڪنهن جي پرواھ ناهي هوندي، ٻار جهنم ۾ وڃن، منهنجو جنازو ڀل نڪري، هي گهر سڙي خاڪ ٿي وڃي پر تون کلندين رهندينءَ اهڙي لاپرواھ عورت مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ناهي ڏٺي.
ڪيتريون عورتون هن وقت تائين ڏٺيون اٿئي؟
هزارين لکين اڄ ڪلھ رستي تي عورتون ئي عورتون نظر ٿيون اچن.
ڪوڙ نه ڳالهائي توهان ڪا نه ڪا خاص عورت ضرور ڏٺي آهي.
خاص مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟
مان اوهان جا راز نٿي کولڻ چاهيان، مان هاڻ هلان ٿي.
ڪيڏانهن؟
هڪ سهيليءَ ڏانهن، ان سان پنهنجو ڏک بيان ڪنديس، ڪجھ روئينديس ۽ ان کي به روئاڙينديس ايئن من هلڪو ٿي پوندو.
اهو ڏک جيڪو پنهنجي سهيليءَ سان بيان ڪرڻو اٿئي مون کي ٻڌائي ڇڏ مان تنهنجي غم ۾ شريڪ ٿيڻ جو واعدو ٿو ڪريان.
اوهان جا واعدا ڪڏهن وفا ٿيا آهن؟
تون گهڻي زيادتي پئي ڪرين، مون اڄ تائين جيڪو به واعدو ڪيو آهي پورو ڪيو آهي. ڪجھ ڏينهن ٿيندا جو مون کي چيو هيئي چانھ جو هڪ سيٽ آڻي ڏي مون هڪ دوست کان پئسا قرض وٺي ڪافي سهڻو قيمتي سيٽ خريد ڪري توکي آڻي ڏنو هو.
مون تي وڏو احسان ڪيئي، اهو ته اوهان پنهنجن دوستن لاءِ آندو هو ڀلا ان مان ٻه پيالا ڪنهن ڀڳا آهن اهو ٻڌائي؟
هڪ پيالو تنهنجي وڏي ڇوڪري ڀڳو هو، ٻيو تنهنجي ننڍي نڀاڳي.
سمورو الزام هميشه تون انهن تي هڻندو آهين، چڱو هاڻي اهو بحث بند ڪر، مون کي وهنجي سهنجي ڪپڙا پهري جوڙو ٺاهي وڃڻو آهي.
ڏس مون اڄ تائين ڪڏهن سختي ناهي ڪئي مان سدائين توسان نرميءَ سان پيش آيو آهيان، پر اڄ توکي حڪم ڏيان ٿو ته تون ٻاهر نٿي وڃي سگهين.
وڏي ڳالھ آ، وڏو آيو آ مون تي حڪم هلائڻ وارو، توهان آهيو ڪير؟
جلدي وساري ڇڏيئي مان تنهنجو مڙس آهيان.
مان نٿي ڄاڻان مڙس ڇا ٿيندو آ! مان پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ آهيان، مان ٻاهر وينديس ۽ ضرور وينديس ڏسان ٿي ڪير ٿو مون کي روڪي.
تون نه ويندينءَ بس اهو منهنجو فيصلو آهي.
فيصلو هاڻي عدالت ئي ڪندي.
عدالت جو سوال هتي ڪٿان آيو، منهنجي سمجھ ۾ نٿو اچي ته تون اڄ ابتيون ڳالهيون ڇو پئي ڪرين سڌي فضيلت سان ڳالھ ڪر، وڃي وهنج ته دماغ ٿڌو ٿيئي.
اوهان سان رهندي مان مٿي کان پيرن تائين برف ٿي چڪي آهيان.
ڪابه عورت پنهنجي مڙس سان خوش ناهي هوندي، ڀل هو ويچارو ڪيترو به شريف ڇو نه هجي، ان مان نقص ڪڍڻ عورتن جي فطرت ۾ شامل آهي، مون تنهنجون ڪافي غلطيون ۽ خطائون معاف ڪيون آهن.
مون خدا نه ڪري ڪهڙي خطا ڪئي آهي؟
گذريل سال ميگا شلجم جيڪو وڏي ٺٺ سان پچائڻ جو ارادو ڪيو هيئي، شام جو چلھ تي رکي سمهي پئينءَ صبح جو جڏهن مان رڌڻي ۾ چانھ ٺاهڻ جي لاءِ ويس ته سڙي ڪوئلو ٿي ويا هئا ان کي لاهي چانھ پچايم ۽ تون سمهي پئي هئينءَ.
مان اها بڪواس ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان.
ان جي لاءِ جو ڪوڙ ان ۾ ذرو به ناهي، مان اڪثر سوچيندو آهيان ته عورت کي سچ ۽ حقيقت ٻڌڻ کان چڙ ڇو آهي، مان جيڪڏهن چوان ته تنهنجو ساڄو ڳل کاٻي ڳل کان ٿلهو آهي ته تون سڄي عمر نه بخشين، پر اها حقيقت آهي جنهن کي شايد تون به چگيءَ طرح ڄاڻين ٿي. ڏس! اهو پيپر ويٽ اتي ئي رک کڻي منهنجي مٿي ۾ هنيئي ته ٿاڻي پهچندينءَ.
مون پيپر ويٽ ان لاءِ کنيو آهي ته اهو اوهان جي چهري جي عين مطابق آهي ان جي اندر هوا جا بلبلا آهن اهي توهان جون اکيون آهن هي ڳاڙهي جيڪا شيءِ آهي اهو اوهان جو نڪ آهي جيڪو هميشه ڳاڙهو رهندو آهي، مون اوهان کي جڏهن پهريون ڀيرو ڏٺو هو ته مون کي ايئن لڳو ته اوهان جي اکين جي هيٺان ڳئون جون اکيون آهن.
تنهنجو من هلڪو ٿيو؟
منهنجي دل ڪڏهن به هلڪي نه ٿيندي، مون کي وڃڻ ڏيو وهنجي شايد هتان هميشه جي لاءِ هلي وڃان.
وڃڻ کان اڳ ته ٻڌائي وڃين ڪهڙي سبب جي ڪري ٿي.
مان ٻڌائڻ نٿي چاهيان اوهان پهرين نمبر جا بي شرم آهيو.
جانم! تنهنجي ان سڄي گفتگو جو مقصد اڃان تائين منهنجي سمجھ ۾ نه آيو، خبر ناهي توکي يڪدم ڪهڙي شڪايت ٿي پئي آهي.
ٿورو پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ هڻي ڏس.
منهنجو ڪوٽ ڪٿي آهي؟
آڻيان ٿي آڻيان ٿي.
منهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي وسڪي جي بوتل هئي اها به مون ٻاهر ختم ڪري اڇلائي ڇڏي هئي، پر ٿي سگهي ٿو رهجي وئي هجي.
هي وٺو پنهنجو ڪوٽ.
هاڻ مان هن جو ڇا ڪريان؟
ان جي اندر واري کيسي ۾ هٿ وجهو ۽ ان ڇوڪريءَ جي تصوير ڪڍو جنهن سان اوهان اڄڪلھ عشق ٿا ڪريو.
ظلم ڙي! تو ته منهنجا حواس ئي خطا ڪري ڇڏيا اها تصوير منهنجي جان، منهنجي ڀيڻ جي آهي جنهن کي تو اڃان تائين ناهي ڏٺو، آفريڪا ۾ آهي تو هي خط نه ڏٺو آهي گڏ ئي ته هو، هي وٺ.
هاءِ ڪيڏي نه خوبصورت ڇوڪري آهي منهنجي ڀاءُ لاءِ بلڪل صحيح رهندي.
***