خاص

ڪورونا ويڪسين لاءِ پاڪ فضائيه جو جهاز چين روانو ٿي ويو

ڪورونا ويڪسين پاڪستان آڻڻ لاءِ پاڪ فضائيه جو جهاز چين روانو ٿي ويو آهي. ويڪسين پهرين فيبروري  تي پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي. حڪومت ويڪسين جي اسلام آباد ۾ اسٽوريج بابت انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ ويڪسين سينٽرز به قائم ڪيا ويا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ڪورونا ويڪسين صوبن تائين پهچائي ويندي. ذريعن موجب پهرين کيپ ۾ چين مان ڪورونا ويڪسين جون 5 لک خوراڪون اينديون. پي آءِ جي جڳهه پاڪ فضائيه جو خصوصي جهاز چين ويندو. خصوصي جهاز بيجنگ کان ڪورونا ويڪسين اسلام آباد آڻيندو.