خاص

اسان آمريڪا کان پئسا نه واپار چاهيون ٿا: حڪومتي پاليسين سبب معيشت بهتر ٿي آهي: شوڪت ترين

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جوبائيڊن انتظاميه کي پاڪستان جو پيغام پهچائيندي چيو آهي ته اسان آمريڪا کان پئسا نه پر واپار چاهيون ٿا. آءِ ايم ايف کي چئي ڇڏيو آهي ته اسان پگهاردار طبقي مٿان وڌيڪ وزن نه وجهنداسين. اسان ٻين ذريعن سان روينيو وڌائينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. ٻنهي جي منزل هڪ آهي. اسان غريب طبقي تي وڌيڪ وزن نه وجهنداسين. عالمي مالياتي اداري کي روينيو وڌائڻ لاءِ متبادل پلان پيش ڪري ڇڏيو آهي. شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت پاليسين سبب معيشت مستحڪم ٿي، ڪيترائي هدف حاصل ڪري ورتا آهن. روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ هڪ بلين ڊالر کان وڌيڪ رقم جمع ٿي چڪي آهي. گيس، بجلي، تعميراتي ۽ زرعي شعبي ۾ سهولتون ڏينداسين. هاڻ مهانگائي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ناڻي واري وزير شوڪت ترين اقتصادي سروي جاري ڪندي چيو ته ڪورونا وبا سبب 2 ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿيا. ان مان ڪيترائي بحال ٿي چڪا آهن. اسان وقت تي قدم نه کڻون ها ته ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ ٿي سگهي ها. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جي ٽيڪس ڪليڪشن بهتري طرف وڃي رهي آهي. زرعي شعبي ۾ 2.7 سيڪڙو ترقي ٿي. روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ به هڪ بلين ڊالر کان وڌيڪ اچي چڪا آهن. ڪروڊ آئل جون قيمتون وڌڻ جي باوجود عوام کي رليف ڏنو ويو. قيمتون ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ انتظامي انفرااسٽرڪچر صحيح ڪرڻو پوندو. هن چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ پرڏيهي قرض 700 ارب گهٽ آهن. ڪامياب جوان پروگرام مان 9 هزار ماڻهو فائدو حاصل ڪري چڪا آهن. جڏهن ته خساري ۾ هلندڙ ادارن مٿان وڏا وسيلا خرچ ٿي رهيا آهن.