انٽرويوخاص

گائڪ ۽ اسٽيج آرٽسٽ: انور عرف انو سولنگي زاهده ابڙو اپريل 2022

همسري

زاهده ابڙو:  انور پنهنجو مختصر تعارف ڪرايو ۽ اهو به ٻڌايو ته ماڻهو توهان کي انو سولنگي ڇو ٿا سڏين؟

انور سولنگي (تعارف): پهرين ته آئون همسري ٽيم جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي هن چئنل تي گهرايو آهي. پنهنجي نالي جي حوالي سان ٻڌائيندو هلندس ته منهنجي ڪيريئر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان ٿي، ان وقت ۾ اسان جو هڪ آرٽسٽ انور سولنگي جي نالي سان اڳ ۾ ئي موجود هو. جڏهن منهنجو نالو کنيو ويندو هو ته اتي ماڻهو پريشان ٿي ويندا هئا ته اهو ٻار انور سولنگي ڪير آهي؟ ان ڪري مون کي پيار مان سڀ انو ڪري سڏڻ لڳا ۽ آئون انو سولنگي جي نالي سان مشهور ٿي ويس. منهنجو تعلق بنيادي طور تي لطيف آباد حيدرآباد سان آهي. ان کان علاوه زراعت جي حوالي سان اسان جو تعلق سٺ ستر سالن کان ٽنڊو محمد خان سان آهي جيڪو ماتلي جي ويجهو آهي. منهنجي پيدائش ۽ رهائش حيدرآباد جي آهي.

زاهده ابڙو: مون توهان کي اڪثر مختلف پروگرامن جي شروعات ۾ شاهه جون وايون يا بيت ڳائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، ان سان توهان کي ڪيئن لڳاءُ پيدا ٿيو ۽ ان ڪم ۾ توهان ڪيئن آيا. ڇا توهان گائڪي جي شروعات  اسٽيج کان ڪئي آهي يا ان کان پهرين ٻئي هنڌ ڪٿي ڳائيندا هئا؟

انور سولنگي: راڳ جي حوالي سان جيڪڏهن آئون چوان ته منهنجو ڏاڏو خود هڪ گائڪ هو. موسيقي مون کي منهنجي گهر مان ئي ملي آهي ۽ منهنجي رت ۾ شامل آهي. ڳائڻ سان منهنجو تمام گهڻو شوق ۽ رجحان هو. جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان تي ويندو هئس ته ننڍي هوندي کان ئي گيت ڳائيندو هئس. ان کان اڳتي وري پوءِ جڏهن ڪي ادبي ميڙاڪا ٿيندا هئا ته ان ۾ آئون گيت پڙهندو هئس. ريڊيو تي جيجي زرينا بلوچ ۽ ٻيا جيڪي وڏا فنڪار هوندا هئا اهي جڏهن گيت رڪارڊ ڪندا هئا ته انهن سان گڏ ڪورس ۾ ڳائيندو هئس. اهو منهنجو شروعاتي مشغلو رهيو. پوءِ وري اسٽيج تي قومي گيتن جو رجحان تمام گهڻو وڌيو ته آئون به قومي گيت ڳائيندو رهيس. شاهه سائين جي وائي جي حوالي سان اهو چوندس ته اسٽيج پروگرامن جي شروعات ۾ مون سوچيو ته اها روايت شروع ڪجي ته ڪنهن به پروگرام جي شروع ٿيڻ کان پهرين شاهه جي وائي پڙهي وڃي ۽ پوءِ مون وايون ڳائڻ شروع ڪيون. هاڻي هيل تائين حيدرآباد ۾ يا حيدرآباد جي آسپاس جيڪي به پروگرام ٿين ٿا تن جي شروعات شاهه جي وائي يا بيتن سان ٿئي ٿي. ان ۾ اڪثر ته مان پاڻ پڙهندو آهيان، پر مون کان علاوه ٻيا فنڪار به ان رجحان ۾ شامل ٿي ويا آهن. موسيقيءَ جي حوالي سان ايئن کڻي چئجي ته جڏهن وايون ڳائڻ شروع ڪيم ته مون کي اهو شوق هوندو هو ته ڪي اهڙيون نيون ڌنون هجن جن کي ڳائجي. پوءِ مون اهي شيون ياد ڪيون، مون پراڻن فنڪارن کان اهي شيون ٻڌيون، ياد ڪيون. جڏهن منهنجو رجحان آواز ۽ انداز لاءِ وڌيو ته پوءِ مون وري موسيقيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ پراڻي موسيقيءَ جا جيڪي رڪارڊ هئا اهي مون گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اهو ڪم پنهنجي سر تي کنيم. ٽيهن پنجٽيهن سالن کان اها موسيقي گڏ ڪري رهيو آهيان ان ڪم دوران مون کي تمام گهڻي نئين موسيقي ملي، نيون ڌنون مليون، نئين ڪمپوزيشن ملي، شاهه جي نئين شاعري ملي. اها شاعري جيڪا بلڪل نئين آهي جيڪا ڪتابن ۾ موجود نه آهي. ايئن کڻي چئجي ته اها شاعري شاهه جي رسالن ۾ به موجود نه آهي، اهڙي شاعري گائڪي ۾ مون کي پراڻن گيتن ۽ رڪارڊن مان ملي، جيڪي ناميارن ڳائڻن جا ڳايل آهن. جيڪي شيون مون گڏ ڪيون پوءِ انهن کي ياد به ڪيو. منهنجي اها ڪوشش هوندي هئي ته جيڪڏهن فن وارو ڪوبه ڪم ٿئي ٿو ته ان ۾ موسيقي جو عنصر هجڻ گهرجي ۽ بنيادي طور تي موسيقي انهن ۾ هوندي به آهي. پس پرده موسيقي هجي يا ڪو ساز هجي. منهنجي ڪوشش گهڻي پلي بيڪ سنگنگ ڏانهن رهي، جڏهن اسان جا ريڊيو ڊراما ٿيندا هئا ته انهن ۾ مون هڪ چائلڊ آرٽسٽ طور ڪم شروع ڪيو. ننڍن ننڍن مڪالمن سان اڳتي وڌندو رهيس. ريڊيو تي مان ڊراما آرٽسٽ طور رجسٽرڊ آهيان. ان وقت جا جيڪي وڏا وڏا آرٽسٽ هئا جيئن سائين ڪامران ڀٽي صاحب، مشتاق چنگيزي صاحب، صالح محمد شاهه صاحب، سائين عبدالحق ابڙو صاحب، اي آر بلوچ صاحب انهن سڀني سان گڏجي مون ننڍي عمر ۾ ڪم ڪيو. اڳتي هلي پوءِ اسٽيج جو رجحان پيدا ٿيو، اسٽيج تي ڪم ڪرڻ وارا دوست مون کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا اتي مون تمام سٺن فنڪارن سان گڏ تمام ننڍا ننڍا ڪردار ڪيا. انهن ڊرامن ۾ جيڪڏهن ڪٿي موسيقيِءَ جي گهرج هوندي هئي ته اها آئون پاڻ ڏيندو هئس ۽ ان کي لائيو ڳائيندو هئس ۽ ان گهرج کي پورو ڪندو هئس. اسان هينئر اسٽيج تي شاهه جي سورمين کي پيش ڪرڻ لاءِ باقائده ڊرامن جي هڪ سيريز ٺاهي پيش ڪئي جيڪي نظميه انداز ۾ پيش ڪيا ويا، جن کي ڳائي پيش ڪري سگهجي ٿو. اها هڪ نواڻ آهي ته آرٽسٽ پاڻ پرفارم به ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ ڳائي به. هينئر ويجهڙائي ۾ اهو رجحان ختم ٿي چڪو آهي، پر پراڻين فلمن ۾ فنڪار ڳائيندو به هو ۽ ايڪٽنگ به ڪندو هو، پر هن وقت مون ان جو رجحان پيدا ڪيو آهي. ان جو بنياد وجهڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن اسان پنهنجي فن، ڊرامي ۽ موسيقيءَ کي ان پاسي مٿي وٺي وڃي سگهون.

زاهده ابڙو: اسان جي ناظرين کي اهو ٻڌايو ته خاص ڪري سرن تي آڌاريل جيڪي منظوم ڊراما پيش ڪريو ٿا ۽ ان ۾ جيڪي راڳ استعمال ٿين ٿا يا شاعري استعمال ٿئي ٿي ان جي اهميت ڪيتري آهي خاص ڪري اسٽيج جي ڊرامن ۾ ۽ توهان هيستائين ڪيترن ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي جنهن ۾ توهان ايڪٽنگ به ڪئي هجي ۽ ڳايو به هجي.

انور سولنگي: اسان جيڪي به ڪلچر ڊراما ڪيا يا شاهه لطيف جون ست سورميون ان تي آڌاريل ڊراما ڪيا انهن کي اسان موسيقيءَ جي بنياد تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن کڻي چئجي ته سنڌ جي تهذيب موسيقيءَ سان ڀرپور آهي ۽ اسان جي ثقافت جو بنياد موسيقيءَ تي آڌاريل آهي. اسان اهو چاهيو پئي ته اهي اسان جون ڪهاڻيون، اهي اسان جا ڪردار موسيقيءَ جي ذريعي ايئن پيش ڪريون. ان کانپوءِ وري سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان ان تي ڪم ڪيئن ڪيو آهي. اسان جي هڪڙي پوري ٽيم آهي اسان جو ڊراما ڊائريڪٽر شاهنواز ڀٽي هڪ ليکڪ پڻ آهي. هو شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڊرامائي عنصر تي ايم فل به ڪري رهيو آهي، ساڻس مختلف شين تي بحث مباحثا ٿيندا رهندا آهن. مختلف سرن مان ڊراما ڪڍڻ ڪردار ڪڍڻ ۽ انهن کي ڪيئن اسٽيج تي پرفارم ڪيو وڃي، انهن کي منظر عام تي ڪيئن آندو وڃي اهي سڀ شيون بحث هيٺ اينديون آهن. مثال طور: سر سورٺ راءِ ڏياچ ۾ ٻيجل جو ڪردار هڪ منگتي جو آهي جيڪو ڳائي ٿو ۽ پنهنجي راڳ سان راجا جو سر وڍي ٿو، هاڻي اهو ڪردار ڪيئن ٿو ڳائي، راڳ ڪهڙو آهي. اسان وٽ اهو راڳ به موجود آهي، اها شاعري به موجود آهي، اهي سر به موجود آهن، ڪردار به موجود آهي، پر ان کي اسٽيج تي ڪيئن پرفارم ڪيو وڃي جو اهو پنهنجو اثر ڇڏي سگهي؟ جنهن کي ٽيم بحث کانپوءِ پرفارم ڪيو، جنهن جي تمام سٺي موٽ ملي. سنڌ ۾ تمام سٺا ادارا آهن جيڪي ان ڏس ۾ ڪم ڪن ٿا، پر ان سوچ رکڻ وارا تمام گهٽ آهن ته اسان ان ڪم کي ان سطح تائين کڻي وڃون جو وڏا وڏا ادارا اسان سان پاڻ رابطو ڪن. اسان ان سطح تائين ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي ملي آهي. اسان سان هن وقت ناپا (نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ) رابطي ۾ آهي اسان ان سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. ڇو جو اتي هر سال بين الاقوامي سطح جو هڪ فيسٽيول ٿئي ٿو، اڳ ۾ اسان جي سنڌي ٽيمن جي ان ۾ موجودگي نه هئي، پر هاڻي اسان جي ٽيم ان ۾ شامل آهي جنهن ۾ دنيا جون تمام گهڻيون پرفارمنگ ٽيمون شامل ٿينديون آهن، جيڪي پنهنجي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڊرامن جي ذريعي اتي پيش ڪن ٿيون. اسان به پنهنجي ادب، موسيقي، آرٽ ۽ ڪلچر کي اتي پيش ڪريون ٿا. جڏهن اسان محنت سان پنهنجو ڪم ڪري اتي پيش ڪيو ته اسان کي تمام گهڻي سٺي موٽ ملي. اڪيڊمي ۾ جيڪا پهرين تربيت هوندي آهي ان ۾ پهرين ٿيوري سيکاري ويندي آهي ۽ پوءِ ان کي عملي طور تي سيکاريو ويندو آهي، پر آرٽ اهو علم آهي جنهن کي پهرين پرفارم ڪبو آهي ۽ پوءِ ان جي ٿيوري ٺهندي آهي. اسان جي ته رت ۾ شايد پنهنجو ڪلچر ۽ موسيقي شامل آهي ۽ اسان ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان ان کي حقيقت نگاري ڏانهن ڪيئن کڻي وڃون ۽ ان جي بنيادي عنصر کي ان مان ڪيئن ٻاهر ڪڍي اچون، اهو سڄو ڪم اسان پهرين ٽيم سان بحث هيٺ آڻي پوءِ ڪندا آهيون. ان جون ريهرسل ٿينديون آهن ۽ ان کانپوءِ جڏهن اسان ان کي اسٽيج تي پيش ڪندا آهيون ته پوءِ اداري جا ماڻهو به سامهون ويهي ان جي نوٽنگ ڪندا آهن، ان کي داد ڏيندا آهن.

زاهده ابڙو: توهان هيستائين ڪيترائي ڊراما ڪيا آهن خاص ڪري شاهه جي سورمين تي جيڪي توهان ڊراما ڪيا آهن ان سان گڏ توهان هڪڙو مرد جو ڪردار به ادا ڪيو آهي جنهن کي اسان ليڊ ڪئريڪٽر چئي سگهون ٿا ”بابو بکاري“ جو ڪردار ان ڪردار ڪندي توهان کي ڪهڙا مسئلا درپيش آيا ۽ توهان ڪهڙي ڪيفيت محسوس ڪئي ان کي توهان ڪيئن ادا ڪيو .

انور سولنگي: ”بابو بکاري“ جو ڪردار شاهه لطيف ڳايو به آهي، پر اهو منظر عام تي نه اچي سگهيو هو. اسان جي ليکڪ سر شاهنواز ڀٽي جو اهو فوڪس هو ته اها ڪهاڻي آخر شروع ڪٿان ٿي ٿئي ۽ اها ڳالهه ڪير ٿو ڪري، جڏهن اسان ان کي پهرين داستان کان آخري داستان تائين پڙهيوسين ته ان مان هڪڙو ڪردار نڪتو ”بابو بکاري“ جو، شاهه جو هڪڙو بيت آهي ته ”بکاريءَ کي بر ۾ ويو ڪيف چڙهي“ اهو ”بکاري“ هو ڪير. هاڻي اسان سوچيو ته ان ڪئريڪٽر کي ڪيئن ڪڍجي، اسان ان تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ۽ ان جو جيترو ڪردار هو ان کي اسان ڪڍي رکيو. پوءِ جڏهن اسان ان ڪردار کي ٻاهر ڪڍي آياسين پوءِ خبر پئي ته هي ته هڪ وڏو ڪردار آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي ته هاڻي هن کي ڪير ڪندو، ان کي ڪيئن پرفارم ڪجي جيڪو ڳائي به ۽ پرفارم به ڪري سگهي ۽ پوءِ ان ۾ منهنجو نالو آيو، جڏهن مون هن ڪردار کي ادا ڪيو ته ان لاءِ مون کي ڪردار جي مطابق پنهنجي ڏاڙهي رکڻي پئي ٽي چار مهينا ڏاڙهي نه لاٿي، فقير ٿي ويس گهر ۾ ويٺو هوندو هئس، وار به وڏا ٿي ويا. ڪوشش ڪري اسان ان کي حقيقت نگاري ڏانهن کڻي وياسين. اهو ڊرامو هڪ ڪلاڪ ڏهن منٽن جو هو ۽ آئون اهو پورو وقت ڊرامي ۾ روئيندو رهيس. ڇو ته پسمنظر ۾ راڻي جا جيڪي بيت هليا پئي ۽ راڳ راڻو ڳائڻ سان انسان جي ڪيفيت ئي بدلجي ويندي آهي. ان کانپوءِ وري جيڪو ”بابو بکاري“ جو ڪردار هو اهو به تمام گهڻو سگهارو ڪردار هو، ان کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. ناپا جو هيڊ ضياءُ محي الدين صاحب ان کي تمام گهڻو ساراهيو، حاضرين ۾ امداد حسيني، ميڊم نورالهديٰ شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا وڏا نالا جيڪي اتي ويٺل هئا انهن منهنجي ڪردار کي ساراهيو، منهنجي پرفارمنس کي ساراهيو. جيئن اسان هن ڪردار کي جيئاريو ساڳي ريت جيڪڏهن اسان پنهنجن فوڪ ڪردارن کي پرفارم ڪنداسين ته اهي سڄي دنيا ۾ اجاگر ٿي سگهن ٿا.

زاهده ابڙو: توهان سورٺ راءِ ڏياچ جي ڊرامي ۾ ٻيجل جو ڪردار به ادا ڪيو آهي، جيڪو هڪ جذباتي ڪردار آهي، اهو ڪردار ادا ڪندي توهان ڇا محسوس ڪيو ۽ ڊرامو ڏسندڙن کان جيڪا موٽ ملي ان جي باري ۾ اسان جي پڙهندڙ کي ٻڌايو.

انور سولنگي: سُر سورٺ ۽ سورٺ جو ڪردار ۽ ان سان لاڳاپيل ڪردار ٻيجل جڏهن مون ادا ڪيو ته اهو منهنجي لاءِ هڪ وڏو چئلينج هو، ان جا تمام گهڻا پهلو هئا. هڪڙو ته اهو ڪردار جذباتي هو جيڪو راڳ تي راجا کان سر ٿو گهري جنهن کي آهستي آهستي ايئن کڻي هلڻو هو جو آخر ۾ راجا سر ڏيئي ڇڏيو. راڳ سورٺ منهنجو پسنديده راڳ آهي، راڳ سورٺ ڳائي ان ۾ مڪالمه چئي اسان ان کي ايئن کڻي ويا هئاسين جو واقعي حالت اهڙي ٿي وئي هئي جو حقيقت ۾ جيڪڏهن راجا سامهون هجي ها ته سر ڏيئي ڇڏي ها. اسان ايترو ان ڪردار کي پراثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اهو ڪردار به ماڻهن کي تمام گهڻو پسند آيو، تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ اڃان تائين ماڻهن کي ياد آهي.

زاهده ابڙو: اسان کي اهو ٻڌايو ته جڏهن اسٽيج تي ڪوبه ڊرامو ادا ڪيو ويندو آهي ته ان جي اسڪرپٽ کي لکڻ واري پوري هڪڙي ٽيم هوندي آهي. ڇا توهان وٽ به ان قسم جي ڪا ٽيم آهي. ڇو ته سنڌي ڊرامي جي هڪ تمام وڏي تاريخ آهي، پراڻي زماني ۾ ڊراما لکيا به ويا آهن ۽ ڪو وقت هو جڏهن باقاعدگي سان اسٽيج تي ڊراما پيش ٿيندا هئا، هن وقت توهان منظوم ڊراما ڪري رهيا آهيو. ڇا مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو ”زينت“ هن وقت اسٽيج ڪري سگهو ٿا يا ان کي توهان نئين صورت ڏيندا.

انور سولنگي: سٺو سوال آهي پٺيان جيڪي ڊراما لکيل آهن جيئن مرزا قليچ بيگ جا ڊراما زينت آهي يا ليليٰ مجنون آهي، اهي ان دور جا وڏا ڊراما هئا. اهي اوڻيهين صديءَ ۾ ڇپيا. اهي ادبي ڊراما هئا، اهي ڊراما لکڻ وقت اهو ذهن ۾ نه رکيو ويو هو ته اهي ڊراما اسٽيج تي پرفارم ٿيندا. ڇو ته انهن ڊرامن جا مڪالما تمام طويل آهن. هن دور ۾ ان قسم جا ڊراما پرفارم ڪرڻ ٿورا مشڪل ٿي پوندا، جيڪي ڊراما اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ جي لاءِ لکيا وڃن ٿا انهن کي اسٽيج جي گهرج مطابق لکيو وڃي ٿو ته جيئن ڊائلاگ آرٽسٽ کي جلد ياد ٿي وڃن ۽ ناظرين به سمجهي سگهن. اسان جڏهن ڊراما ڪرڻ شروع ڪيا ته پوءِ سوال اٿيو ته انهن جي ڪهاڻي ڪير لکندو ۽ ڪهاڻي اهڙي هجي جيڪا پرفارم ڪرڻ به سولي هجي جنهن ۾ سائين شاهنواز ڀٽي جو نالو اچي ٿو، جنهن سان گڏجي اسان ڪم به ڪريون ٿا، جنهن جو اسٽيج ڊراما لکڻ جو پنهنجو هڪ تجربو آهي، انداز آهي. جنهن ۾ بين الاقوامي گهرج مطابق ته اسٽيج جو ڊرامو 45 منٽن جو يا 60 منٽن جو هجڻ گهرجي. ان کان اڳ ۾ ڊراما اڍائي ڪلاڪ، ٽي ڪلاڪ هلندا هئا ۽ وڏا وڏا اوپيرا ته هفتن جا هفتا، مهينن جا مهينا هلندا هئا. هينئر جيئن ته ماڻهن وٽ وقت ڪونهي ته هاڻي هڪ اسٽينڊرڊ ٺاهيو ويو آهي ته ڊرامي جو دورانيو 45 کان 60 منٽ هجڻ گهرجي. ان ۾ اسان پنهنجا فوڪ داستان اهڙي طريقي سان لکون ٿا ته جيئن اهي گهٽ وقت ۾ وڌيڪ ماڻهن تائين پهچي سگهن. منهنجو هڪ پيغام نون لکندڙن ڏانهن به آهي ته اهي به جڏهن اسٽيج ڊرامو لکن ته اهڙي انداز سان لکن، جيڪي اسٽيج ٿي سگهن.

زاهده ابڙو: توهان کي مون اسٽيج تي گهڻو ڳائيندي ناهي ڏٺو. شايد توهان اسٽيج ڊراما ٿا ڪريو، پر ان سان گڏوگڏ توهان کي راڳ، موسيقي ۽ ڌنن ۾ به گهڻي دلچسپي آهي، لوڪ ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ توهان هن وقت ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو جيڪو ماڻهن کي خبر پوي ته اهو ڪيترو اهم آهي. 

انور سولنگي: شروع شروع ۾ ته مون ڪوشش ڪئي ته ڳائڻ تي ڌيان ڏيان ۽ اهو منهنجو شوق به آهي اهو جاري به رهندو، پر مون محسوس ڪيو ته اسان جو موسيقيءَ جو پراڻو ذخيرو جيڪو اسان جو اثاثو آهي، جيڪو مون گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون اها ڪوشش ڪئي ته بجاءِ ان جي ته آئون ڳائڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيان، ڇو نه آئون ان سڄي ڪليڪشن کي ميڙي چونڊي هڪ جاءِ تي گڏ ڪريان ۽ ٽڙيل پکڙيل شين کي گڏي هڪ جاءِ تي جمع ڪريان، جيڪي نوان نوان ٽولز اچن ٿا انهن جي ذريعي انهن کي محفوظ ڪجي ته جيئن اها اسان جي موسيقي ضايع ٿيڻ کان محفوظ رهي. ان لاءِ مون تمام گهڻو فيلڊ ورڪ ڪيو، جنهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مون تمام گهڻي ڪوشش ورتي. هيستائين مون لڳ ڀڳ ٻن لکن تائين ڪلام ڪمپيوٽرائز ڪري محفوظ ڪيا آهن جن ۾ ڪيترائي امر آواز شامل آهن. ان سان گڏوگڏ مان ادارن سان به رابطي ۾ آهيان جنهن ۾ سنڌ الاجي ۽ ثقافت کاتو شامل آهن. جنهن ۾ اسان گڏجي صلاح مشوري سان ڪم ڪندا آهيون ۽ پراڻن ڪلامن کي نون سازن ۽ آوازن ۾ ڳارائجي. ان ڏس ۾ منهنجي تمام گهڻي ڪوشش هلندي رهندي آهي. سنڌي سازن کي بچائڻ لاءِ سوچيوسين ته اهڙي ڪا سنڌي گئلري هجي جنهن ۾ رڳو سنڌي ساز هجن، ان لاءِ اسان ميڊم سسئي پيلجو جي دور ۾ هڪڙي گئلري قائم ڪرائي جنهن ۾ ٽي سئو سنڌي ساز رکيل آهن جيڪا محمد جمن ميوزڪ گئلري جي نالي سان موجود آهي. وري سوچيوسين ته ان کي اڪيڊمڪ طور کڻي وڃجي ته اسان مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ ميوزڪ جا ڪلاس هلائڻ شروع ڪيا، جيڪي استاد ذوالفقار علي ۽ استاد مظهر علي سان گڏ هلاياسين، بينظير سپورٽ پروگرام وارن کان ڪجهه پروجيڪٽ ورتاسين. جنهن ۾ اسان ڇهن ڇهن مهينن جا ٻه پيرڊ هلايا، جنهن ۾ ٻه سئو شاگردن کي موسيقيءَ جي تربيت ڏنيسين. پوءِ وري اسان سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪوشش ڪري موسيقيءَ جو شعبو کولرايو ته جيئن ان کي سنڌ يونيورسٽي سپورٽ ڪري ته جيئن شاگرد سکن ۽ سنڌي موسيقيءَ جي اڪيڊمي جي شروعات ٿئي. سنڌ الاجي ۾ ڪلاس شروع ڪيا ويا، هاڻي وري آرٽ اينڊ ڊزائين ۾ ميوزڪ جو شعبو ڪم ڪري پيو. اميد آهي ته اهو وڌندو، اهي اسان جون شروعاتي ڪوششون آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته اسان جي لوڪ موسيقيءَ کي اسان نئين طريقي سان بين الاقوامي سطح تي ڪيئن متعارف ڪرايون؟ پهچائي سگهنداسين يا نه ان تي آئون ڪم ڪري رهيو آهيان.

زاهده ابڙو: هينئر توهان ڪجهه ادارن جو ذڪر به ڪيو ۽ پنهنجي ڪم جي باري ۾ به اسان کي ٻڌايو ته اسان وٽ ادارا ٺاهيا به وڃن ٿا، حڪومت انهن جي لاءِ فنڊ به مهيا ڪري ٿي، پر ٿوري ئي عرصي ۾ اهي ادارا ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ تنزليءَ جو شڪار نظر ايندا آهن، پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڪوبه ننڍڙو ادارو ٺهي ٿو ته اهو وقت سان گڏ وڏو ٿئي ٿو، اسان وٽ پٺتي وڃڻ جو رجحان ڇو آهي؟

انور سولنگي: موسيقيءَ جي ادارن جي حوالي سان چئجي ته پهرين اهي فردن جا ادارا هوندا هئا، ڪنهن گهراڻي جو ادارو، ڪو خانصاحب آهي ته ان جو پنهنجو ادارو هوندو هو، جنهن وٽ فنڪار ويندا هئا، شاگرد ويندا هئا اتي رهندا هئا، سکندا هئا، پر هن دور ۾ جڏهن اسان ان کي اڪيڊمڪ ۾ کڻي آياسين ته آرٽ کي ڪيئن پڙهائجي ۽ فن کي بين الاقوامي فن سان ڪيئن ڳنڍجي. جيئن لاهور ۾ اين. سي. اي (نيشنل ڪاليج آف آرٽ) آهي اهو ڪم ڪري ٿو، جيئن ڪراچي ۾ ناپا آهي. سنڌ ۾ اهڙا ادارا ڇو نه آهن ۽ اسان ادارن جي پٺڀرائي ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌ الاجي ۾ اسان ڪلاسز هلائڻ شروع ڪيا ته پوءِ وري اسان ان کي آرٽ اينڊ ڊزائين واري پاسي کڻي وياسين. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي ان اداري جي پٺڀرائي ڪرڻ وارا هوندا آهن، پر ڪجهه اهڙا عنصر به هوندا آهن جيڪي خوامخواهه ان اداري جي مخالفت ڪندا آهن. حقيقت ۾ اها مخالفت اداري جي نه هوندي آهي، پر فردن جي هوندي آهي. اهو رجحان اسان وٽ خبر ناهي ته ڇو وڌيڪ آهي، جيڪو ماڻهو ڪم وارو آهي ان جي اهميت کي مڃو. جڏهن ادارا ان فرد کي اهميت ڏين ٿا ته معاشري کي به انهن کي اهميت ڏيڻ گهرجي. جڏهن اهي فرد اتي مضبوط ٿي بيهندا ته ادارا به مضبوط ٿيندا. اسان کي پهرين ته فردن کي مضبوط ڪرڻو آهي جيڪي صلاحيت رکن ٿا، ڪم ڪري ڄاڻن ٿا. ان کانپوءِ يقينن ادارا مضبوط ٿيندا. هينئر اسان جو هڪ ادارو سمپا جيڪو سنڌ ثقافت کاتي جو ادارو آهي اهو سنڌ حڪومت جو هڪڙو تمام اهم قدم آهي، جنهن ۾ ميوزڪ به آهي، ڊرامو به آهي. ان ۾ وڏو حصو اسان جي سنڌ جي وزير سردار علي شاهه جو آهي، هن ۾ تمام گهڻو مارجن آهي ته ڪم ڪري سگهجي، پر ڪووڊ جي ڪري يونيورسٽيون بند هيون، سڀ ادارا بند هئا، ان ڪري سمپا به خاموش رهيو. مان پاڻ ان اداري جو حصو آهيان، ان جي ڊراما سيڪشن ۾ ۽ ميوزڪ واري حصي ۾ ڪم ڪريان ٿو. ان جي ميوزڪ لائبريري ۾ به منهنجي ڪم جو وڏو حصو آهي. مون تقريبن ٻارهن هزار آڊيو ڪيسٽون ان لائبريري کي ڏنيون. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي پنهنجي فوڪ موسيقي ۽ فن جي حوالي سان به آگاهي ڏيون. جڏهن نوجوان اتي وڃي پرفارم ڪندا، اتي وڃي سکندا ته ادارو طاقتور ٿيندو. جڏهن اسان وٽ فنڪار نه هوندا يا شاگرد ئي نه هوندا ته ادارو ڪمزور ٿيندو.

زاهده ابڙو: توهان جو تعلق فن جي دنيا سان آهي، اسان کي اهو ٻڌايو ته ڇا سنڌ ۾ ڪلاسيڪل ڊانس سيکارڻ جي لاءِ ڪراچي کان علاوه حيدرآباد ۾ اهڙا ڪي گهراڻا يا ڪا اهڙي اڪيڊمي آهي جتي اهو فن سيکاريو وڃي ته جيئن اتي نوجوان وڃي هڪ مثبت سرگرمي ۾ پنهنجو پاڻ کي انگيج ڪري سگهن.

انور سولنگي: اهو تمام سٺو سوال آهي، ڊانس جي حوالي سان جيئن اسان سوچيندا آهيون ته ڪٿڪ ڊانس صرف انڊيا ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر هتي حيدرآباد ۾ به سيکاريو وڃي ٿو ۽ هڪڙي سگهاري گهراڻي جي سڃاڻپ سان اهو موجود آهي. استاد عاشق حسين سمراٽ ڪٿڪ جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي. جنهن انڊين فلم انڊسٽري ۾ به ڪم ڪيو. پاڪستان ۾ عزيز سمراٽ، استاد معراج حسين راجو سمراٽ، اها سمراٽ فيملي بنيادي طور تي حيدرآباد جي آهي، هتي ئي رهي ٿي، هتي ئي ڪم ڪري ٿي، پر جيئن ته اسان وٽ ڪو ادارو نه هو ته اهي پنهنجي سڃاڻپ قائم نه رکي سگهيا، پر انفرادي طور تي اهي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ايئن چئجي ته لڪي ڇپي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن کي منظر عام تي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ ڊاڪٽر سهائي ابڙو ڪم ڪري رهي آهي، حيدرآباد ۾ صوفي ستار آهي اهو به ڪٿڪ ڊانس ڪري ٿو. ايئن اسان وٽ ڊانسر ته موجود آهن، اهڙا ڊانسر جيڪي بين الاقوامي سطح جو ڪم ڪن ٿا، پر اهڙا ادارا ناهن جيڪي انهن جي مدد ڪن ته جيئن اهي ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجو پاڻ کي مڃرائي سگهن.

زاهده ابڙو: توهان هڪ چائلڊ اسٽار طور تي ريڊيو پاڪستان کان پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، پر ان هوندي به چيو ويندو آهي ته موسيقيءَ جي لاءِ ڪنهن استاد جي شاگردي ڪرڻ ضروري هوندي آهي. توهان موسيقي ڪيئن سکي ڇا توهان جو ڪو استاد آهي، يا پنهنجو پاڻ سکيا؟

انور سولنگي: موسيقيءَ جو بنيادي عنصر اهو ئي آهي ته اها سکجي. سکڻ کانسواءِ موسيقي مزو نه ڏيندي. پنهنجي ڏسڻ وارن ۽ پڙهڻ وارن کي اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته موسيقي جيڪا اسان کي محسوس ٿيندي آهي ته ڌن سٺي آهي ۽ ٻڌڻ ۾ مزو پيو اچي ۽ شايد جيڪا شيءِ ٻڌڻ ۾ اچي پئي اهو ڪم ايستائين آهي حقيقت ۾ ايئن ناهي. موسيقي باقاعدي هڪڙو علم آهي، جيڪو رڌم آهي ان جو به علم آهي، جنهن راڳ ۾ ڳائجي ٿو اهو به علم آهي. جيڪڏهن راڻو ڳائجي ٿو ته اهو ڪيئن ڳائجي، جيڪڏهن راڻي ۾ سُر لڳن پيا ته اهي ڪهڙا آهن. جيئن ته منهنجو رجحان ڳائڻ ڏي هو ته مون ڳائڻ کي سکڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ ۾ هن وقت هڪڙو وڏو گهراڻو آهي گواليار گهراڻو. جنهن مان تمام گهڻا وڏا استاد ٿيا آهن. جنهن ۾ استاد منظور علي خان، استاد بيبا خان آهن، جن پنهنجي پنهنجي حصي جو تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ سندن تمام وڏا شاگرد آهن. ڪلاسيڪي موسيقي سکڻ لاءِ مون انهن جو ئي سهارو ورتو. جنهن دور ۾ مون پڙهائي شروع ڪئي ان وقت لساني فسادن جو دور شروع ٿي ويو. تنهنڪري اسان لڏي ٽنڊو محمد خان هليا وياسين. اتي وري استاد مٺو ڪڇي وارو گهراڻو موجود هو. انهن سان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي. اتي ويندو رهيس، ان گهراڻي کان بنيادي تعليم حاصل ڪيم. جيڪو ماڻهو جنهن به پروفيشن ۾ ڪم ڪري ٿو اهو ماڻهو مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن کان سکندو رهي ٿو. اتي اچي پوءِ ماستر عبدالجبار جيڪو تمام سٺو موسيقار هو، پر جواني ۾ اسان کان وڇڙي ويو، ان کان ڪجهه سکيو. ان کانپوءِ استاد ذوالفقار ۽ استاد مظهر حسين اسان جي موسيقيءَ جا وڏا گهراڻا آهن. انهن سان تمام گهڻو گڏ رهيس ۽ گهڻو سکيم. فنڪار جي لاءِ سکڻ کانپوءِ ان کي پرفارم ڪرڻ جو مرحلو اچي ٿو. مون ان کي واقعي گهٽ وقت ڏنو آهي، پر هاڻي ان کي وقت ڏبو ۽ ان فن کي منظر عام تي آڻبو.

زاهده ابڙو: فنڪار ڏاڍو حساس هوندو آهي ۽ ان جي تخليق جا ڪئي رخ هوندا آهن ۽ تنهائيءَ ۾ ڏاڍو سوچيندو به آهي، توهان ادب جي ڪهڙن پاسن کان وڌيڪ متاثر آهيو. توهان لکو به ٿا، اسٽيج تي پرفارم ڪريو ٿا، ڳايو به ٿا، اسان جي نوجوانن کي اهو ٻڌايو ته توهان معاشي طور تي ڪهڙي فن تي آڌاريو ٿا ته جيئن اسان جا نوجوان به ان پاسي اچي پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهن.

انور سولنگي: ها اهو مزيدار سوال آهي، ظاهري ڳالهه آهي ته زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي گهرجون آهن ۽ انهن کي پورو ڪرڻ لاءِ ماڻهو کي ذريعا گهرجن. جيڪو ڪجهه هو سوچي ٿو اهو ئي کيس ڪرڻ گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ممڪن نه هوندو آهي، ممڪن ڪرڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي. جڏهن آئون هڪ شاگرد هئس ته آئون ڪيترن ادارن سان گڏجي عملي طور تي ڪم ڪري رهيو هئس. ريڊيو تي به ڪم ڪري رهيو هئس. ان ۾ ادب به هو، آرٽ به هو، موسيقي به هئي ۽ اهي سڀئي شعبا منهنجي پسند جا موضوع هئا. وري جڏهن پاڻ پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪيم ته منهنجو رجحان اهو هو ته نئين دور سان گڏ هلجي ان تي منهنجو وڌيڪ فوڪس هو. 1994ع ۾ مون ڪمپيوٽر ۾ ڊپلومه ڪئي. وري اڳتي هلي مون ڊزائيننگ شروع ڪئي، وڊيو رڪارڊ، ايڊيٽنگ يا اسٽوڊيو ٺاهڻ، اهي سڀ ڪم آئون پاڻ ڪندو آيس، سکندو آيس. پوءِ مون پنهنجو ڪمپيوٽر سينٽر کوليو جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪم ڪري پيو. ان  سان گڏوگڏ زندگيءَ جا ٻيا پاسا به جاري ساري هوندا آهن. آرام پسند ناهيان، گهڻو ڪري ڪم ڪندو رهندو آهيان. مان سڄي رات ۾ ٻه اڍائي ڪلاڪ ننڊ ڪندو آهيان. جيئن ته منهنجو شوق فن طرف آهي ته منهنجي پسند جا فنڪار ايئن سمجهو ته ڪو ٿر ۾ آهي پنهنجي فن جو بادشاهه به آهي، پر ٿر ۾ هجڻ ڪري کيس ماڻهو نٿا سڃاڻن. پوءِ مان انهن فنڪارن سان ملڻ ويندو آهيان، انهن جي مائٽن ۽ اولاد سان ملندو آهيان، ان جا پروفائل لکندو آهيان. وري انهن جي رڪارڊ ٿيل مواد کي جمع ڪندو آهيان. ان طريقي سان ان آرٽسٽ سان گڏ ان جو فن ۽ ان جي زندگيءَ جا ٻيا ڪيترائي رخ اهي سڀ محفوظ ٿيو وڃن. ڪتابن سان تمام گهڻي دل اٿم. اديبن سان اٿڻ ويهڻ سٺو لڳندو آهي، ادبي محفلن ۾ منهنجي شرڪت لازمي هوندي آهي. ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ باقائدگيءَ سان شرڪت ڪندو آهيان. ادبي سنگت هڪڙي جيڪا شهر جي آهي ۽ ٻي قاسم آباد جي آهي، مون ان جو بنياد وڌو، ان جو سيڪريٽري به آهيان. اتي اسان گڏجاڻيون شروع ڪيون. سائين پروانو ڀٽي ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا نالا هئا جيڪي اتي ايندا هئا. ماڻهو کي جيڪو به ڪم ڪرڻو آهي اهو خلوص ۽ محنت سان ڪجي.

زاهده ابڙو: انور توهان اسٽيج تي ڊراما ڪريو ٿا، هن وقت سوشل ميڊيا تمام گهڻو طاقتور آهي ۽ يقينن توهان جو ڪم سنڌي ماڻهن تائين جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ پهچندو هوندو. ڇا انهن مان ڪڏهن ڪنهن سنڌي ماڻهو توهان تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي آهي؟ يا ڪو پيغام رساني ڪئي آهي ته توهان انهن ملڪن ۾ اچي پرفارم ڪريو. ان کان علاوه هيستائين  توهان کي ڪهڙا ايوارڊ مليا آهن.

انور سولنگي: جڏهن ڪوبه ڪم ڪجي ٿو ان جي پهرين مڃتا ان ماڻهو جو پنهنجو اندر ڏئي ٿو. اهو ئي پهريون ايوارڊ هوندو آهي. جنهن ٻوليءَ ۾ اسان ڪم ڪريون ٿا اهي ماڻهو جيڪڏهن اسان کي داد ڏين ٿا ۽ اهو ڪم لاڀائتو به آهي ۽ ماڻهن کي مجبور ڪري ٿو ته اهي داد ڏين ته اهو ملندو رهي ٿو. اسان جڏهن به ناپا ڪراچي ۾ پرفارم ڪيو آهي ته اتي مان بيسٽ ايڪٽر جو سرٽيفڪيٽ ضرور کٽيو آهي. اهي سڀ شيون جڏهن اسان جا سنڌي ڀائر جيڪي سوشل ميڊيا تي ڏسن ٿا، انهن سڀني شين کي پسند ڪن ٿا ۽ اهي اهو به چاهين ٿا ته اسين ان ملڪ ۾ وڃي پرفارم ڪريون. ڇو ته اهي اسان جي ان سڄي سرگرمي کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ان قسم جون آڇون آسان کي اينديون رهن ٿيون، پر ڊرامن جي لاءِ جيئن ته هڪڙي ٽيم هوندي آهي جنهن جي لاءِ وسيلن جي ضرورت پوي ٿي، پر ڪوششون هلن پيون. هڪڙو ڏينهن ايندو جو اسان ٻاهر وڃي پرفارم ڪنداسين.

انٽرويو جي پڄاڻي راڳ مانجهه ۽ سورٺ ۾ ڳايل راڳن تي ٿي.