ڳالهه دل سان نٿي لڳي…

الطاف شيخ جو سفر نامو

خبرون کيڙائن جون

ڳالهه دل سان نٿي لڳي…

الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ بعد ڪراچيءَ پنهنجي آفيس ۾ پهچڻ تي  آفيس جو وقت جيئن ئي ختم ٿيو ته ڪئپٽن بشير سان گڏ سندس ننڍڙي سوزوڪي ڪار ۾ اچي ويٺس- جيڪا کيس ڪمپنيءَ طرفان ملي آهي. بشير چيو: “ٻه منٽ ترس، ٻه ٻيا به پاسينگر (همراهه) هلڻا آهن. هڪ راڻيپور جو پير احمد شاهه ۽ ٻيو لاڙڪاڻي جو قاضي اشرف، جيڪو ڪمپنيءَ جي گاڏين جو انچارج آهي.”

ڪا دير هيڏي هوڏي لوڻا ڦيري، کين آفيسن جي چوڌاري ڳوليندا رهياسين پر سندن ڪو پَتو نه پئي پيو. آخرڪار ٻئي ڄڻا لفٽ مان ظاهر ٿيا. ساڻن ٽيون همراهه به هو جنهن کي ڏسي اوور لوڊنگ جي خيال کان بشير کي چيم ته تنهنجي ڪار ۾ چار ته ٺهي سگھندا پر پنج ڄڻا ويهارڻ معنيٰ ڪُئي جي ٻِرَ ۾ هاٿي اماڻڻ.

بشير جواب ڏئي ان کان اڳ  اهو پنجون همراهه پير صاحب ۽ قاضي اشرف سان ڏاڍا ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي پنهنجي وڏي ڪار ۾ هليو ويو. بچيل هي ٻه ڄڻا اچي اسان سان گڏ ويٺا.

بشير نقلي چڙ جو اظهار ڪري قاضي صاحب کي گھوري ڏٺو.

“ادا معاف ڪجانءِ، ٿوري دير ٿي ويئي.” قاضيءَ سگريٽ دُکائي دربند ڪيو.

“چڱو چڱو، نائو فاسٽن يور سيٽ بيلٽس ۽ اسٽاپ سموڪنگ.”

ڪئپٽن بشير ايئرهوسٽس جي اهل ڪندي چيو.

“صفا ڪو اهڙو اڏام کٽولو اٿئي ڇا؟” قاضي صاحب ٽوڪ هڻندي چيو، “پر مهرباني ڪري هلائجانءِ آهستي.”

“قاضي صاحب! غيرت اچڻ کپيو. ڪمپنيءَ جي گاڏين جا انچارج ته توهان آهيو. ڪهڙي گاڏي مون کي ڏني اٿوَ. نڪو ٿي ڪلچ ڪم ڪري نڪو بريڪ.“

“تڏهن ته چيم ته آهستي هلائجو. اسين لهي وڃون پوءِ جيئن وڻيو تيئن ڌُوڙ پائجو.”

“ڀلا اهو همراهه ڪير هو جنهن کي ڀاڪر پائي جپانين وانگر جھڪي جھڪي پئي موڪلايو؟” بشير برانچ روڊ تان ڪار موڙي مولوي تميز الدين روڊ تي آندي، انگريزن جي ڏينهن ۾ ان رستي جو نالو Queens Road هو.

“ادا اسان جو دوست هو، خيرپور پاسي جو آهي. بئنڪ جو وائيس پريزيڊنٽ آهي.” قاضي اشرف چيو.

“اڇا!”  بشير ٿڌو ساهه کڻي چيو، “مون سمجھيو ته ڪمپنيءَ جو نئون ڊائريڪٽر آهي.”

اسان سڀني کان کِل نڪري وئي.

“ڇڏ يار پنهنجا ڊائريڪٽر آهن ڏينڀو،“ قاضيءَ چيو، ” ويجھو وڃين ته ڄڻ ڏنگين ٿا. هي ته هو اسان جو دلبر دوست. اهڙو ڪو ڊائريڪٽر ٿئي ته ٻيو ڇا کپي.”

“پر ادا!” پير صاحب چيو، “اهو به جي ڊائريڪٽر ٿيآيو ته ٻين جيان Behave ڪندو.”

“نه سائين، اها به ڪا ڳالهه آهي. هي ائين هرگز نه ڪري جيئن ٻيا باهه ٻاريو ويٺا آهن.” ۽ پوءِ دريءَ جو شيشو کولي، هوا جو ٿڌو جھوٽو، پاڻ ۽ اسان کي کارائي چيو: “ ادا ڪنهن همراهه ڏينڀوءَ کان پڇيو ته پاڻ ڪير آهين؟”

وراڻيائين، “ڏينڀو.”

“ڀلا ذات ڇا اٿانو؟”

چيائين: ”ککراڻي.”

“همراهه چيس: “وڃ ته سهي! باهه ۾ باهه!” سو اسان جا ڊائريڪٽر به باهه ۾ باهه آهن. الله ڏئي پناهه.”

مون چيومانس: “قاضي صاحب توهان کي Sence of Humor ڏاڍو آهي. هيڪاندو مٿي يارهينءَ ماڙ تي آفيس ٿي پئي اٿوَ. مون واري ٻي ماڙ تي هجيو ها ته هفتي ۾ هڪ ٻه دفعو چانهه جي بهاني اچي توهان جي ڪچهري ٻڌي وڃان ها. مون کي، توهان کان لکڻ لاءِ ڏاڍو مواد ملي ها.”

“ادا يارهين ماڙ تي ضرور آهيان، پر مون وٽ اچڻ لاءِ ڇا ضروري آهي ته يارهن ڏاڪڻيون چڙهي اچو. هڪ نه ٻه، يڪيون ڇهه لفٽون ڪهڙي ڪم لاءِ آهن.” قاضي وراڻيو.

P.I.D.C هائوس وٽان مڙياسين ته پير احمد شاهه چيو ته جنگ اخبار لکيل هو ته هن سال پنهنجي ڪمپنيءَ کي ڪروڙها رپيا فائدو ٿيو آهي.”

“اها حقيقت آهي.” ڪئپٽن بشير زور ڏيندي چيو.

“واقعي حقيقت آهي يا انگن اکرن جي جادوگري؟” پير صاحب کي يقين نه پئي آيو. ڀلا يقين ڪيئن اچي. اها هن سال ڪيئن فائدي ۾ وئي- ۽ سو به اڻ اعتبار جوڳو فائدو.

“شاهه صاحب!” ڪئپٽن بشير چيو، “اسان ته آهيون ئي ان ڊپارٽمينٽ ۾ جتي ان ڳالهه جي ڄاڻ پوي ٿي ته سچ آهي يا ڪوڙ. اهو سؤ سيڪڙو سچ آهي.”

“پوءِ ڀلا بونس به ملندو يا نه؟” شاهه صاحب پڇيو.

“اهو ملي يا نه ملي – اها ڌار ڳالهه آهي، پر ڪمپنيءَ کي واقعي ڪروڙن جو فائدو ٿيو آهي.” بشير جوش ۾ اچي تقرير شروع ڪئي.

قاضي صاحب جنهن ايترو وقت ماٺ ڪري پئي ٻڌو، تنهن زور سان ٽوڪ واري نموني جو ٽهڪ ڏنو.

“ڇو سائين توهان کي اعتبار نٿو اچي ڇا؟”

بشير کي ڪُمهلو ٽهڪ هرگز نه وڻيو. ان ڪري نه جو اهو ٽهڪ گھٽ هو يا ٽوڪ زياده هئي، پر بشير هرحال ۾ مڃائڻ چاهيو ٿي ته هن کان اڳ کڻي افواهه هجن، پر هن ڀيري اها حقيقت آهي ته ڪمپنيءَ ڪمايو آهي.

“يار دل ته نٿي مڃي.” قاضي صاحب شڪ جو وري اظهار ڪيو ۽ پير صاحب “جي هائو” چئي ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو، “هونءَ ته هميشه نقصان ئي نقصان ۽ هاڻ ايڏو وڏو فائدو! ڪيئن ٿيو الائي، قاضي صاحب!”

اشرف قاضيءَ جواب ۾ هڪ دفعو وري ٽهڪ ڏيندي چيو: “ادا منهنجو وات نه کولرايو ته سٺو. ڪنهن فقير وٽ هڪ کدڙو پهتو، فقير کيس اٿندي ئي چيو: “وڃ بابا توکي پٽ ڄمدو.” کدڙي چيس: ”فقير دعا ته ضرور ڪريو ٿا، پر دل سان ڳالهه نٿي لڳي.” سو سائين ڪمپنيءَ نفعي جو اعلان ضرور ڪيو آهي پر کدڙي وانگر اسان کي پنهنجي ڪمپنيءَ جي ٽپڙ جي خبر آهي. ڳالهه دل سان نٿي لڳي.”

نثار وسطڙو اڄڪلهه حبيب بئنڪ جو وائيس پريزيڊنٽ آهي. 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگلش ايم. اي ڪرڻ بعد سڌو بئنڪنگ ۾ آيو ۽ اڄ تائين حبيب بئنڪ سان وابسته آهي. سندس اڄ به ننڍپڻ واري چرچائي ۽ کل خوشيءِ واري طبيعت هلندي اچي. ان ڏينهن پنهنجي هڪ دوست کي هئڊي رنگ جي سفاري سوٽ ۾ ڏسي چيائين:

“مائٽ! چاشني جي ديڳ ۾ ڪري پيو هئين ڇا؟”

۽ پوءِ مون سان منهنجي هڪ ڳوٺائيءَ جي شڪايت  ڪندي چيائين: “يار تنهنجي فلاڻي ڳوٺائيءَ کي جڏهن به پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڏيان ٿو ته مون کي ٽوڪي ٿو ته آيا ماني به کارائيندين يا نه؟ سو نيٺ هڪ ڏينهن ماڻهن اڳيان چيومانس ته ابا اسان وٽ ٻن ڄڻن جي ماني هروقت موجود هوندي آهي. هڪ مجاور جي ٻي ڪتي جي. مجاور ته پنهنجو حصو سوير ئي کڻي ويندو آهي باقي ڪتي جي تولاءِ هر وقت حاضر آهي. سو ان ڳالهه تان هاڻ رسي ويو آهي.”

قمر شهباز کي چيم: “يار وسطڙن جون خبرون واهه جون هونديون آهن.”

وراڻيائين: “ڪنهن جون ٿو ڳالهيون ڪرين. آئون ان موري، نوشهري، نوابشاهه پاسي رهيو آهيان ۽ ڪيترا وسطڙا دوست اٿم. سندن ڪچهريءَ جو واقعي جواب ناهي.”

پوءِ ٿوري دير ساهه پٽي چيائين: “ صبح جو سوير واري گاڏي جھلڻي هجئي ته ڪنهن وسطڙي کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏ. سڄي رات ڪچهري ويٺو ڪندءِ، نه پاڻ سمهندو نه توکي سمهڻ ڏيندو جو توکان گاڏي ڇٽي وڃي.”

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments