ڳالهيون الاهي بخش سومرو جون نسيم بخاري  

1154 Shares

الاهي بخش سومرو حاجي مولا بخش سومري جي گهر 16 مئي 1926ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. 1935ع ۾ سندس چاچي شهيد الله سومرو کيس ۽ پنهنجي اولاد کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪراچي موڪليو. اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، پر هن سان مسئلو اهو پيش آيو ته هن جي جيڪا سنگت هئي سا ڪنهن ٻي ليول ۾ هئي ۽ هي يار جنهن بيچ ۾ هو اتي هن جو ڪو واقف ئي نه هو، سو هن اهو سور پنهنجي چاچي سان سَليو جيڪو ان وقت سنڌ جو وزير اعليٰ هو. هن اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر کي فون ڪري ان سان ملڻ لاءِ وقت گهريو، وائيس چانسلر کيس چيو ته سائين ٻه ڏينهن ته صفا مصروف آهيان ٽئين ڏينهن اوهان اچي مون سان ملي سگهو ٿا. سو ٽئين ڏينهن تي وائيس چانسلر جي آفيس وڃي کيس سڄي ماجرا ٻڌايائين، جنهن الاهي بخش سومرو کي ان بيچ ۾ شامل ڪيو. جنهن ۾ هن جا سنگتي شامل هئا. اهڙيءَ ريت الاهي بخش سومرو اين. اي. ڊي يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئر بڻجي ويو. پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏنائين ۽ اهليت جي بنياد تي هو پاس به ٿيو. 19 سالن جي عمر ۾ والدين جي مرضيءَ کانسواءِ هن هڪ هندو ناريءَ کي مسلمان بڻائي پيار جو پرڻو ڪيو. جنهن جو والد شڪارپوري هو ۽ امڙ حيدرآباد جي هئي. هن پنهنجي پيار جو احوال جڏهن ڪوئيٽا ۾ موجود پنهنجي مرشد سان ڪيو ۽ عشق هٿان بي انتها مجبوريءَ وارو داستان ٻڌايو ته هن کيس چيو ته تون ڪوئيٽا هليو اچ هتي ناريءَ کي ڪلمو پڙهائينداسين ۽ تنهنجو نڪاح به ڪرائينداسين. اهڙيءَ ريت تنهنجو والد به تو تي اسان جي مداخلت ۽ شفقت جي ڪري گهٽ ناراض ٿيندو. الاهي بخش سومرو ڪوئيٽا ۾ هڪ سنگتيءَ وٽ رهيو ۽ هن کان هن جو والد پورا پنج سال ڪاوڙيل رهيو ۽ ڪاوڙ ان ڪري هئي ته هن ڪنهن خاندان جي نياڻي ڀڄائي جيڪا شادي ڪئي آهي سا ڳالھ اخلاقي ۽ سماجي حوالي سان ڪنهن به طرح سان ٺيڪ نه هئي. بهرحال الاهي بخش کي جڏهن اولاد ٿيو ته هن جي والد جي دل ۾ نرمي پيدا ٿي. هو پنهنجي نُنهن سان ته پيار سان ملندو هو، پر پورا پنج سال پٽ پيءُ جي ڪاوڙ جي خوف سبب هن جي منهن نه چڙهيو. الاهي بخش سومري جو هندو ناريءَ سان پيار جو پيچ اڙجڻ پويان هن جي پريميڪا جي ڀاءُ سان دوستيءَ ۽ گڏ پڙهڻ جو وڏو عمل دخل رهيو. جنهن روايتي غيرتي ڀاءُ بڻجڻ بدران الاهي بخش سان دوستيءَ جو پورو پورو حق ادا ڪيو ۽ هن سان هن جي پيار جي شاديءَ واري سپني جي ساڀيان ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو. الاهي بخش کي پنهنجي گهرواري زندگيءَ جي هر دور ۾ ايتري پياري رهي جو سر عام اهو چوندي ٻڌو ويو ته جيڪڏهن مون کي ڪا ٻي زندگي ملي ۽ ان ۾ زال جي چونڊ جو چيو وڃي ته آئون پنهنجي محبوب گهرواريءَ کي ترجيح ڏيندس.

الاهي بخش سومرو جي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان لا اينجلس آمريڪا ۾ پهرين ملاقات ٿي هئي. جيڪا بعد ۾ دوستيءَ ۾ بدلجي وئي هئي. لنڊن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اي. ڪي بروهيءَ وٽ وڪالت جي پريڪٽس ڪندو هو ته اڪثر الاهي بخش سومرو هن سان گڏ ويندو ۽ گڏ موٽندو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي نصرت ڀٽو سان شاديءَ جا انتظام به الاهي بخش سومرو پنهنجي ۽ ڀٽي جي گڏيل دوست مرحوم ڪريمداد جوڻيجو سان گڏجي ڪيا هئا. ڪريمداد جوڻيجو، خير محمد جوڻيجو ۽ علي خان جوڻيجو جو ڀاءُ هو جيڪي وزير به رهيا آهن. ذوالفقار علي ڀٽي ئي پنهنجي وزارت عظميٰ دوران الاهي بخش سومرو کي 1975ع کان 1977ع تائين لنڊن جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر بڻايو هو. ڀٽي جي حڪومت جي ضياءُ الحق پاران تختي اونڌي ڪرڻ تائين الاهي بخش سومرو لنڊن سفارت خاني ۾ ئي هو. ضياءُ الحق جا ڪن ڀريا ويا ته لنڊن سفارت خاني ۾ متعين ماڻهو سنڌي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو ويجهو دوست آهي. اهڙي رپورٽ ملڻ تي ضياءُ الحق الاهي بخش سومرو کي ٿڏي تي هٽائي ڇڏيو. پوءِ جڏهن حاجي مولا بخش سومرو جي دعوت تي هو آيو هو ته کيس اهو معلوم ٿيو ته جنهن شخص کي ڀٽي دشمنيءَ جي ڪري عهدي تان فارغ ڪيو ويو هو سو ڪو ٻيو نه پر حاجي مولا بخش سومري جو فرزند ئي هو. اهڙي انڪشاف ٿيڻ تي ضياءُ الحق کي شرمندگي به ٿي ته پڇتاءُ به ۽ هن مولا بخش سومرو کي ٺھ پھ چئي ڏنو هو ته جنهن وقت مون الاهي بخش کي هٽايو ٿي، تڏهن توهان مون سان ڳالھ ڇو نه ڪئي هئي. موٽ ۾ مولا بخش کيس چيو هو ته توهان پڇو ئي نه هو، ساڳي ئي وقت اها به حقيقت آهي ته ڀٽي جڏهن پيپلز پارٽي ٺاهي هئي ۽ ان ۾ حاجي مولا بخش سومري شموليت کان انڪار ڪيو هو ته اها ڳالھ ڀٽي کي پسند نه آئي هئي، ان ڪري اهو ڪاوڙجي پيو هو ۽ جن سوين ملازمن کي هن نوڪريءَ مان ڪڍيو هو، تن ۾ الاهي بخش سومرو به عتاب هيٺ آيو هو. نه رڳو ايترو، پر هن تي پنهنجي مل جي هڪ ملازم جي قتل جي ارادي جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي به پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي هئي، پر جڏهن اها ڪارگر نه ٿي ته الاهي بخش سومرو تي پاڪستان ڊفينس وارو ڪيس داخل ڪري 4/5 مهينا جيل جي هوا کارائي وئي هئي. جڏهن هي آزاد ٿيو هو ته اهو رات جو وقت هو ۽ رات جي وقت الاهي بخش سومرو آزاد ٿيڻ نه پئي گهريو. ڇو ته انهن ڏينهن ۾ تازو تازو فقير عاقل کي رات جو جيل مان ڪڍي ماريو ويو هو. ان ڪري الاهي بخش کي به امڪاني خطرن جو ڊپ ٿي رهيو هو، پر کيس ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر پهچايو ويو هو، جتي ذوالفقار علي ڀٽي هن کان حال احوال پڇو هو ته موٽ ۾ مرڪي جواب ڏنو هئائين ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کيس گهر وڃڻ جو اشارو ڪيو هو.

1980ع کان سياست ۾ ايندڙ الاهي بخش سومرو انڊس واٽر ڊسپيوٽ جو سنڌ مان ميمبر بڻجي لنڊن به ويو هو. جتي سنڌ جي پاڻي ڪيس جي نمائندگي به ڪئي هئائين.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر رهندڙ الاهي بخش سومرو جو خيال آهي ته فردن بدران ادارا مضبوط هئڻ گهرجن. ڇو ته فرد جڏهن طاقتور ٿين ٿا ته فرعون بڻجي وڃن ٿا. هن کي ڏينهون ڏينهن غريب جو غريب ٿيڻ ۽ امير جو امير ٿيڻ به تڪليف ڏئي ٿو.

انٽرنيٽ ڀل ته الاهي بخش سومرو جي حوالي سان اها معلومات ڏيندو هجي ته هو اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال ۽ ڪراچي ترقياتي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي. 1995ع ۾ ضياءُ الحق جي حڪومت ۾ پهريون ڀيرو وفاقي وزير رهيو ۽ 1985ع وارين چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو ويو. جڏهن 29 مئي 1988ع تي جنرل ضياءُ الحق محمد خان جوڻيجي جي حڪومت برطرف ڪري نگران ڪابينا ٺاهي ته ان ۾ کيس اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير بڻايو ويو هو. 1990ع ۽ 1997ع ۾ مسلم (ن) جي ٽڪيٽ تان قومي اسيمبلي ميمبر به چونڊيو ويو، پر اسان جيڪي مٿي تفصيل بيان ڪري آيا آهيون سي نه ته ڪنهن ٻڌ سُڌ تي مشتمل آهن نه ئي وري ڪا سنڌي شخصيتن واري ويب سائيٽ تان کنيل ڄاڻ آهي. اهي ڳالهيون الاهي بخش سومرو جي خود پنهنجي زبان سان چيل آهن ۽ يوٽيوب تي موجود سندس انٽرويوز ۾ آهن.

ايئن به ٿي سگهي ٿو ته الاهي بخش سومرو جي حوالي سان ڳالهين بيان ڪرڻ جي ترتيب ۾ ڪا هيٺانهين ۽ مٿانهين ٿي هجي، پر اهي ڳالهيون سئو سيڪڙو سچ آهن.

الاهي بخش سومرو جي بيماري جي مسلسل ايندڙ خبرن ۽ بعد ۾ طبيعت جي ڪجھ بهتريءَ ۽ گهر منتقليءَ وارا اطلاع ملندا رهيا ته دل چيو ٿورو وقت ڪڍي الاهي بخش جي شخصيت کان واقفيت حاصل ڪجي ۽ اها واقفيت وري پنهنجي پڙهندڙن سان به ونڊجي.

بحث ان ڳالھ تي نه آهي ته ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي، پر جنهن جي جيڪا به سڃاڻپ رهي آهي، اها سڃاڻپ تاريخ جو حوالو آهي ۽ اهو هر وقت پنهنجي پوري تعارف سان موجود رهڻو آهي. الاهي بخش سومرو جي جيون ۾ جهاتي پائڻ سان کوڙ ساريون اهڙيون ڳالهيون نڪري نروار ٿين ٿيون جن سان عام طور تي هر عام و خاص ماڻهوءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جيڪي ڪنهن به طبقاتي تضاد تائين محدود نه آهن نه ئي وري ڪن حد بندين ۾ انهن کي قيد ڪري سگهجي ٿو. الاهي بخش سومري جي سياسي حوالن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر سندس ذاتي حوالا نه رڳو منفرد، پر دلچسپ به آهن اهي عام به آهن، سادا به آهن ۽ انساني فطرت ۽ احساسن جا ڀرپور عڪاس به آهن.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments