بلاگ

جمهوريت جي شڪست انور حسين قاضي اپريل 2022

پاڪستاني جمهوريت جي ڪنهن سان ڀيٽ ڪجي، چين سان اتي ته جمهوريت آهي ئي ڪونه؟ ايران سان ڪنهن حد تائين جمهوريت آهي، پر آخري فيصلو مذهبي پيشوائن وٽ. انڊيا جي ڳالهه ڪرڻ کان مٿي آهي. P.M صاحب ته تازي تقرير ۾ ان جي تعريف ڪئي آهي، پر ان سان به نٿا ڪريون، باقي رهي ٿو اسان جو مذهبي پاڙيسري افغانستان، اتي ته جمهوريت آهي ئي ڪانه. جيڪا انڌي منڊي هئي ان کي اسان سميت دنيا نه سٺو. اسان جي P.M صاحب چيو هو ته طالبان جي اچڻ کانپوءِ افغانستان جي ماڻهن غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙيون آهن. اها آهي اسان جي پاڙيسري ملڪن جي جمهوري صورتحال. اسان جي جمهوري صورتحال اوهان جي ۽ اسان جي سامهون آهي. هن وقت 74 سالن جي تاريخ جو جائزو وٺڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي سڀ ڪجهه اسان جي سامهون آهي. جمهوريت ڪڏهن ۽ ڪيئن آئي آهي ۽ آئي به آهي يا نه يا ڪيئن وئي؟ سفر ماضيءَ جو آهي. پاڻ صرف گذريل چئن سالن جو جائزو وٺون ٿا، 70 سالن جو حساب نه ڪري سگهنداسين نه وٺي سگهنداسين. 25 جولاءِ 2018 تي پي ٽي آءِ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون پر حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل سادي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهي. ان جي باوجود جو R.T.S سسٽم پڻ بيهي رهيو. ڪراچي جهڙي شهر جي هڪ سيٽ جو نتيجو 36 ڪلاڪن کانپوءِ آيو. اپوزيشن دانهون ڪندي رهي ته ڌانڌلي ٿي آهي، پر قومي اسيمبلي ۾ قسم به کڻي آئي. اڄ به شهباز شريف جي تقرير رڪارڊ تي آهي، جنهن قومي اسيمبلي ۾ ان وقت P.M صاحب کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته اسان ميثاق معيشت ڪريون ٿا. اڳيون ڳالهيون وساريون ٿا، اڳتي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بلاول صاحب پڻ دوستيءَ جي هٿ وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پ پ کي سواءِ سنڌ جي باقي پوري ملڪ ۾ ڌانڌلي کي نظر پئي آئي، پر پوءِ به P.M صاحب ڪنهن جي به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. ڇو ته کيس خبر هئي ته هو P.M ڪيئن ٿيو آهي. عليم خان جو سرمايو به شامل، ترين صاحب جو جهاز به ساڻ ۽ نيوٽرل جي مهرباني به ان ڪري ته هو پاڻ کي انتهائي زيرڪ سياستدان سمجهي رهيو هو ۽ مولا جٽ انداز ۾ ڪنهن کي به نه ڇڏيندس، پر ڪندس ڪجهه به نه. فلمن ۾ ايئن ٿيندو آهي ڪئمرا آن ته ايڪشن شروع، ڪئمرا آف ته سين ختم وري گڏجي چانهه پيئبي. چئن سالن جي عرصي ۾ ڪهڙي چڱائي ٿي عام ماڻهو سان ملڪ سان ملڪ جي صورتحال روز بروز خراب ٿيندي وئي، پر مالڪن هن کي تسلي پئي ڏني ته پرواهه نه ڪر اسين تو سان گڏ آهيون. ان وقت جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب ته هن کي صادق ۽ امين ظاهر ڪري ڇڏيو، همراهه اڳ ۾ مغرور ويتر جو سڀ تعريفون پيا ڪن ته غرور جي انتها تي پهچي ويو. نواز شريف ته ڀڄي جان ڇڏائي، زرداري مالڪن سان پهرين کان ٺهيل ان به ڪجهه وقت جيل ياترا ۽ اسپتال ياترا کانپوءِ بيماري جو بهانو ڪري ماٺ ميٺ ۾ سنڌ حڪومت جا مزا پئي ماڻيا، باقي رهيو مولانا صاحب سو ان جو حلوو ڦڪو ٿي ويو، ان ويچاري پوري ڪوشش ڪئي صدارت لاءِ بيٺو پ پ ووٽ نه ڪيو، اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو ڪجهه نه وريو پ پ سان گڏ P.D.M ٺاهي پ پ ان مان ٻاهر نڪري وئي. شهباز شريف جيل ياترا ڪئي گهڻي ڪوشش ڪئي، پر وريو ڪجهه به نه.

P.M صاحب روز بروز مضبوط ٿي رهيو هو. چون ٿا ته ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو بدتميز ڇوڪرو هوندو هو، وتندو هو هر شريف ماڻهو جو پٽڪو لاهيندو. هڪ ڏينهن ڪنهن سياڻي شريف ماڻهو جو پٽڪو لاٿائين ان هن ڇوڪري کي هڪ رپيو خرچي ڏني. ڇوڪرو وائڙو ٿي ويو ان کان پڇيائين ته مون تنهنجو پٽڪو لاٿو آهي تو وري مون کي خرچي ڏني آهي. همراهه چيس ته يار مان غريب ماڻهو آهيان ان ڪري توکي هڪ رپيو ڏنو آهي، اگر ڳوٺ جو وڏيرو هجان ها ته 50 يا 100 رپيا توکي خرچي ڏيان ها. ڇوڪري سمجهو ته ڪم ته مان ڀلو ٿو ڪريان شريفن ۽ غريبن جا پٽڪا لاهيان ٿو، ڇو نه وڏيري جو پٽڪو لاهيان ته 50 يا 100 رپيا خرچي ملي پوندي سو ڀري بازار ۾ وڏيري جو پٽڪو لاٿائين، وڏيري سان گڏ ڪمدار، هاري ۽ واٺا گڏ هئا پوءِ جيڪا ڇوڪري سان ٿي سا ڳالهه ڪرڻ کان وڏي آهي.

شايد هتي به ايئن ئي ٿيو آهي، آڪٽوبر 2021 تائين حڪومت جي هرهڪ ڳالهه ٺيڪ هئي ڪابه مهانگائي نه هئي، امن امان، روزگار بس راوي سڪون ئي سڪون پيو لکي بس اپوزيشن ڪُر ڪُر پئي ڪندي هئي، پر ڪنهن جو به اوڏانهن ڌيان نه پئي ويو.

انهيءَ سڄي ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ اخلاقيات ڪٿي آهي، اگر اخلاقيات جو فقدان آهي ته آئين ڪٿي آهي، اگر آئين آهي ته ان ۾ ايترا مونجهارا ڇو آهن؟ پوءِ قانون ڪيئن عمل ۾ اچي. جڏهن سياسي ماحول ۾ اهي سڀ غير مناسب هجن يا انهن ۾ مونجهارا هجن ته پوءِ ايئن ٿيندو آهي جيئن اسان وٽ ٿئي پيو. اگر ڪنهن پارٽي مخصوص سيٽن تي مطلب اقليتي يا عورتن وارين سيٽن تي جيڪي ميمبر ٿيا آهن ته اخلاقي طور انهن وٽ ڪهڙو جواز آهي جو اهي ميمبر پنهنجي پارٽي پاليسي کان انحراف ڪن اگر انهن وٽ ٿوري به اخلاقيات آهي ته پهرين اهي پنهنجي سيٽ تان اسعيفيٰ ڏين اگر انهن جو انهيءَ پارٽي جي پاليسي سان اختلاف آهي، پر هن معاشري ۾ اخلاقيات جي ڳالهه ڪرڻ وڏي بد اخلاقي آهي. پوءِ اچون ٿا ته آئين ڇا ٿو چوي 63-A فلور ڪراسنگ جي راءِ آهي ته اگر ڪوبه ميمبر پنهنجي پارٽي پاليسي کان هٽي ڪري وزيراعظم کي ووٽ نه ڪري يا وري فنانس بل ۾ پارٽي مخالفت ڪري ته ان کي نااهل ڪري سگهجي ٿو، پر ان ۾ مونجهارا آهن جن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي هڪ لارجر بينچ تشڪيل پڻ ڏني وئي آهي ته جيئن اها آئين جي ان شق جي وضاحت ڪري سگهي، پر ان لارجر بينچ ۾ چيف جسٽس صاحب کانپوءِ سينئر ترين جج صاحب مطلب قاضي فائز عيسيٰ صاحب موجود نه آهي، هاڻ ڏسون ته ڪهڙو فيصلو ٿو اچي. اهو به ڏسڻو آهي ته وقتائتو به اچي ٿو يا ان کي به دير واري ڍير ۾ وڌو ٿو وڃي. باقي رهيو قانون ته اهو ويچارو غريبن لاءِ هوندو آهي ڏاڍن لاءِ نه، اگر ڏاڍن لاءِ هجي ها ته پارليامينٽ لاجز مان J.U.I.F جي M.N.A جو پٽڪو لاهي کيس گرفتار نه ڪيو وڃي ها! اگر پوءِ کڻي ان کي ڇڏيو ويو، سندس ڏوهه اهو هو ته ان جي ڪمري ۾ 10 مهمان موجود هئا جن تي صرف اهو الزام هو ته انهن جو تعلق J.U.I.F جي ذيلي تنظيم انصار السلام سان هو. ٻئي پاسي وري ٻه M.N.A تحريڪ انصاف جا پاڻ سان گڏ 40 کان 50 ماڻهو وٺي سنڌ هائوس تي حملو ڪرڻ آيا. سنڌ هائوس جو گيٽ ٽوڙيو، گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون، پر ان معاملي تي ڪجهه به نه ٿيو. چوڻ جو مطلب ته ايڏو وڏو جرم جو هڪ صوبي جي هائوس جي عزت ۽ احترام کي نه صرف زباني، پر عملي طور پامال ڪيو ويو، سڌو سنئون دهشتگردي جو ڪيس آهي. سنڌ هائوس ۾ ان وقت ميمبرن جا خاندان پڻ ترسيل هئا، پر ڇو ته هلان ڪرڻ وارا حڪومت ڌر سان لاڳاپيل هئا، انهيءَ ڪري انهن تي ڪوبه قرار واقعي قانوني ايڪشن نه ٿيو. F.I.R پڻ سنڌ هائوس جي مئنيجر جي مرضي مطابق نه ڪٽي وئي. هي نمونو اسان کي واضح ٻڌائي ٿو ته قانون هميشه ڏاڍن سان گڏ هوندو، هاڻي اگر ڪجهه وقت کانپوءِ J.U.I.F حڪومت جو حصو بڻجي ٿي ته ان وقت قانون انهن کي سلام ڪندو ۽ ان وقت P.T.I جا ميمبر اول ته اهڙي ڪنهن به عمل جي جرئت نه ڪري سگهندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي بيوقوفي ڪئي ته پوءِ انهن جا پٽڪا به ڌوڙ ٿيندا.

هي آهي اسان جي سياست جو محور صرف پاور کپي اخلاق سان ان جو ڪوبه واسطو نه آهي. هن وقت جيڪي P.T.I جا باغي ميمبر آهن انهن مان 70 سيڪڙو ته ٻين پارٽين کان آيا آهن، جڏهن P.T.I کي سينيٽ جي اليڪشن ۾ ميجارٽي ۾ ووٽن جي ضرورت هئي ۽ کين پنهنجي انگ کان وڌيڪ ووٽ مليا ته سندن چوڻ هو ته ميمبر ضمير جي آواز تي آيا آهن، هاڻي جيڪڏهن اهي ساڳيا ميمبر ٻي پارٽي طرف لاڙو رکن ٿا ته انهن کي ڪرپٽ ترين چيو وڃي پيو. اگر وري ساڳيا ميمبر واپس ايندا ته وري ضمير جي آواز تي پيءُ پنهنجي باغي پٽن کي معاف ڪري ڇڏيندو. مطلب ضمير ويچارو پريشان آهي.

انهيءَ ڪري اسان جي هن سياست جي راند ۾ سڀ کان ڪمزور پڻ سياست آهي جنهن ۾ ڪوبه اصول نه آهي نه ئي اها عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري ٿي. ڪهڙي به پارٽي هجي، ڪهڙا به نعرا هڻي، پر فائدو عوام جو نه صرف چند مفاد پرستن جو هوندو آهي ۽ اهي وقت بوقت پنهنجون وفاداريون مٽائيندا رهندا آهن، اصل ۾ ته اهي پنهنجي فائدي لاءِ ان سڄي راند جو حصو بڻجندا آهن ۽ عوام جي مفاد جي ڳالهه جڏهن ڪندا آهن ته اهو سراسر ڪوڙ هوندو آهي. عوام سڄي ماحول ۾ ڀوڳي ٿو، نقصان به انهيءَ جو آهي ۽ ڪجهه ڪري به نٿو سگهي؟ جڏهن  ان قسم جي سياسي ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي، پاليسيون تبديل ٿيون ٿيون ۽ عوام جي ٽيڪسن جو پئسو خرچ ٿئي ٿو، آءِ ايم ايف جا قرض وڌن ٿا ته ان قرض جو بار عوام ئي پنهنجن ڪلهن تي برداشت ڪري ٿو ۽ ان کي لاهڻ لاءِ وري مشقت ۾ لڳي ٿو وڃي ۽ سياستدان هڪٻئي سان سياسي اختلاف ڪندي فائدا حاصل ڪن ٿا. اهو سوال آهي جنهن جو جواب اسان کي تلاش ڪرڻو آهي.

***