حڪومتي دعوائن جي باوجود مهانگائي گهٽجي نه سگهي
حڪومتي دعوائن باوجود ملڪ ۾ مهانگائي ڪنٽرول ٿي نه سگهي. انگن اکرن واري اداري مهانگائي تي هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن مطابق هڪ هفتي ۾ ڇهن ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي. رپورٽ مطابق هڪ هفتي دوران بيدا 2 رپيا 68 پئسا في ڊزن مهانگا ٿيا، جڏهن ته ماهين جي دال 7 رپيا 36 پئسا، چڻن جي دال 2 رپيا 62 پئسا ۽ مسور جي دال جي قيمت پوڻا 2 رپيا ڪلو وڌي وئي. رپورٽ مطابق ڪڻڪ جي سپلاءِ باوجود اٽي جي قيمتن ۾ اضافو به جاري آهي 20 ڪلو وارو ٿيلهو 14 رپيا مهانگو ٿيو. جڏهن ته گيهه، ڳڙ، تازو کير ۽ ڏهي سميت 22 شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه ايل پي جي گئس جو ساڍا 11 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 8 رپيا مهانگو ٿيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 33 پئسا گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ٽماٽا 5 رپيا في ڪلو، ٿوم 6 رپيا، پٽاٽا 69 پئسا ۽ بصر 28 پئسا في ڪلو سستا ٿيا. هڪ هفتي دوران چانور ۽ چانهه سميت 22 شين جي قيمتون مستحڪم رهيون.

