زنجبار جهنگٻار آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ (حصو ٻيون) هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جي آمد… الطاف شيخ
زنجبار جهنگٻار
آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ
(حصو ٻيون)
هندي وڏي سمنڊ ۾ يورپين جي آمد…
الطاف شيخ
زئنزيبار جي تاريخ کي ڏٺو وڃي ته نائين صديءَ کان آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي سواحلي سوداگرن هندي وڏي سمنڊ جي ڏورانهن بندرگاهن کان ايندڙ عرب، ايراني، انڊين واپارين لاءِ بروڪر (دلال) جو ڪم ڪيو ٿي. يعني انهن کان آندل مال خريد ڪيو ٿي ۽ کين آفريڪا جو مال: لونگ، عاج، سون، عنبر ويندي غلام وڪرو ڪيو ٿي. هوڏانهن وري آفريڪا جي اندرين حصي کان جيڪي قافلا آيا ٿي انهن کي انڊيا، پرشيا، چين ۽ عرب ملڪن کان آيل ڪپڙو، چينيءَ جو سامان ۽ ٻيو مال وڪرو ڪيو ويو ٿي. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ سڙهن وارا جهاز هوائن جي آڌار تي هليا ٿي سو پنهنجي ملڪ موٽڻ لاءِ هنن کي زئنزيبار ۾ ڇهه مهينا کن هوائن جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي. ان دوران ڪيترن زئنزيبار جي مقامي عورتن سان شادي ڪئي ٿي. جيئن ته زئنزيبار ايندڙ گهڻي ڀاڱي سوداگر مسلمان هئا ان ڪري انهن جو اولاد مسلمان ٿيو ٿي ۽ مقامي ٻولي سواحليءَ ۾ ڪيترائي عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ شامل ٿي ويا… ويندي زئنزيبار جو نالو به فارسي زبان زنگبار مان آهي. معنيٰ ڪارن ماڻهن جو ملڪ.
1498ع ۾ واسڪو ڊاگاما پهريون يورپي جهازران هو، جيڪو هندي وڏي سمنڊ ۾ پهتو. 5 سال کن اڳ ڪولمبس پهريون هو جيڪو آمريڪا تائين پهتو. واسڪو ڊاگاما پنهنجي پهرين سفر ۾ ئي مَلندي آيو ۽ مقامي حاڪم سان دوستي ڪيائين ۽ پورچوگالين جو هندي سمنڊ ۾ ايندڙ هر جهاز، انڊيا ويندي يا انڊيا کان موٽندي ملنديءَ ترسيو ٿي. 1503ع ۾ ڪئپٽن لارينزو مارڪس جڏهن زئنزيبار آيو ته هن اتي جي سلطان کان امن جي بدلي ۾ ڏن tribute حاصل ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ زئنزيبار هن جي حوالي ڪيو ويو. بلڪه سلطان کي اهو مجبورن قبول ڪرڻو پيو جو زور اڳيان ڪهڙي زاري! هن ڏٺو پئي ته موزمبق جيڏا وڏا ملڪ به پورچوگالين جي بمن بارودن اڳيان گوڏا ٽيڪي ويهي رهيا ۽ هنن انڊيا جو به حال ٻڌو ته اتي جي ننڍين سلطنتن جن پورچوگالين جي ڳالهه نه مڃي انهن کي پورچوگالين ڪيئن ساڙي ٻاري ڇڏيو، سو زئنزيبار ماٺ ميٺ ۾ پورچوگالين حوالي ٿي ويو ۽ اهو پورچوگال حڪومت جو حصو سڏجڻ لڳو.
پورچوگالين جي اها ڳالهه آهي ته هنن جنهن ملڪ، رياست يا ٻيٽ کي پنهنجو ڪيو ٿي ان جي شهريءَ کي اهي سهولتون ڏنيون ٿي جيڪي پورچوگال جي شهريءَ لاءِ هيون. جيئن گوا جي رهاڪن کي اڄ تائين آهن يا ملاڪا (ملائيشيا) جي پورچوگالي ڪميونٽي کي آهن. ٻي ڳالهه اها ته مٿيون ڪئپٽن لارينزو مارڪس اهو آهي جنهن جي نالي موزمبق ۾ اتي جي گاديءَ جو شهر ۽ بندرگاهه آهي. موزمبق جو اهو بندرگاهه “لارينزو مارڪس”، موزمبق کي آزادي ملڻ بعد به ڪيترا سال اسان ويندا هئاسين ته ان ئي نالي سان سڏيو ويو ٿي. جيئن اسان وٽ جيمس آباد، جيڪب آباد، مانٽگومري، لايل پور وغيره، پر ڪجهه سالن بعد ان جو مقامي نالو “موپوتو” رکيو ويو. جيئن جيمس آباد هاڻ ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو.
بهرحال زئنزيبار پورچوگالين حوالي ٻه صديون رهيو. 1698ع ۾ زئنزيبار عمان جي سلطنت جي اثر هيٺ آيو. 1840ع ڌاري مسقط ۽ عمان جي سلطان پنهنجو تخت مسقط (عمان) مان شفٽ ڪري زئنزيبار ٻيٽ تي، جتي اسٽون ٽائون آهي، اتي آندو. 1856ع ۾ سلطان “سعيد بن سلطان” جي وفات بعد هن جي ٻن پٽن: ثوويني بن سعيد ۽ ماجد بن سعيد جو تخت نشينيءَ تان ڦڏو ٿيو. مرحوم سلطان جي وصيت مطابق عمان جي سلطنت جو والي ثووينيءَ کي ٿيڻو هو ۽ زئنزيبار جو سلطان ماجد کي. ٻنهي ڀائرن جو ان تي جهيڙو هليو جنهن جو آخر انڊيا جي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل چارلس ڪئننگ صلح نامو ڪرائي پيءُ جي وصيت کي قائم ڪرايو. ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي عرب دنيا ۽ آفريڪا ۾ مقامي حاڪم- خاص ڪري مسلمان، تخت ۽ تاج خاطر ائين وڙهندا رهيا. ڀائر ڀائرن سان، پوءِ ڌارين قومن: انگريزن، فرينچن، پورچوگالين ۽ ٻين ٺڳ يورپين کي انهن جي وچ ۾ ٽپي داداگيري ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو. جيئن ملندي جي سلطنت ممباسا ۽ ڪلوا جي مسلمان سلطنتن سان دشمني پارڻ لاءِ ڌارين آيل پورچوگالين جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هنن جي مدد ڪري، ممباسا ۽ ڪلوا پورچوگالين کي ڏياريو. بعد ۾ پورچوگالي ملندي کي به سندن ملڪ جو حصو قرار ڏئي ان تي قبضو ڪري ويهي رهيا. انڊيا ۾ به ڏسندئو ته اهو ئي ڪم پئي هليو ۽ يورپي قومون ويون ٿي قبضو ڪنديون. ان کان علاوه حاڪم ته سڀ عيش ڪندا ٿي رهيا چاهي يورپي ۽ انگريز هجن، پر اسان جا حاڪم عياشي ۽ موالي پڻي ۾ اهڙو ته غلطان رهيا ٿي جو عوام بک ۽ بيروزگاريءَ کان پريشان ٿي وئي ٿي. پوءِ انگريزن يا ٻين يورپين ايشيا توڙي آفريڪا جي ملڪن ۾ عوام لاءِ صحت، تعليم، روزگار ۽ امن امان ۽ انصاف مهيا ڪرڻ جو سک مهيا ڪيو ٿي ته مقامي ماڻهن به پنهنجن کان وڌيڪ هنن گورن کي پسند ڪيو ٿي ۽ چيو ٿي ته انهن پنهنجن مسلمان حاڪمن کان ته هي ڌاريان ڪافر حاڪم بهتر آهن، پر قسمت جي بدنصيبي ڏسو! اسان جي حاڪمن اڄ به تاريخ مان سبق حاصل نه ڪيو آهي! تڏهن ته اسان جهڙن ملڪن جو عوام اڄ به اهو چوي ٿو ته “ان کان ته انگريز بهتر هئا”، پر اهي جملا، توهان ملائيشيا ۽ سنگاپور جي عوام واتان نه ٻڌندئو ڇو جو انهن جي پنهنجن حاڪمن پنهنجي عوام لاءِ ڌارين کان به وڌيڪ سُک مهيا ڪيا. انهن وٽ انصاف ۽ سزا ۽ جزا جو عمل غريب توڙي امير لاءِ ايڏو ترت آهي جو نجيب عبدالرزاق جهڙي وزيراعظم (جنهن جو پيءُ به وزيراعظم ٿي رهيو ۽ کيس عوام پير ڪري ٿي پوڄيو، پر ان جي فرزند) جيئن ئي ڪرپشن ڪئي ته هن کي حڪومت مان تڙي ٻارهن سال جيل ڏئي ڇڏيو. ان جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جي حاڪمن جي ڪرپشن جا قصا ٿا ٻڌجن ته ڏندين آڱريون ٿيون اچن! ملڪ کي لُٽي ملڪيتون ٻاهر کڻي ويا آهن ته واپس آڻڻ جو نالو نٿا کڻن.
عمان ۽ زئنزيبار جي ڀائر سلطانن جو ٺاهه ڪرائڻ وارو انگريز چارلس ڪئننگ 1856ع کان 1862ع تائين انڊيا جو گورنر جنرل ٿي رهيو ۽ هن جي ڏينهن ۾ 1857ع ۾ انڊيا ۾ انگريزن خلاف بغاوت ٿي هئي. هن انگريز هندستان جي ماڻهن بابت زندگيءَ جو احوال فوٽن ۽ لکت ذريعي شروع ڪيو جيڪو آخرڪار سندس وفات بعد 1870ع ڌاري “دي پيپل آف انڊيا” جي نالي سان، اٺن جلدن جي صورت ۾ ڇپيو. هن انگريز چارلس ڪئننگ نالي انگلينڊ ۾ “ڪئننگ ٽائون” به آهي. انڊيا جي مغربي بنگال صوبي “چوويهه پرڳڻا” ۾ متلا نديءَ جي ڪناري تي پڻ ڪئننگ نالي شهر آهي. …(هلندڙ)….

