سنڌ ۾ نڪاسي ۽ پراڻا آبي گذر گاهه
سنڌ ۾ نڪاسي ۽ پراڻا آبي گذر گاهه
سيد عطاءُ الله شاهه
مون ڪٿي پڙهيو هو ته اسان جي پنجاهه واري ڏهاڪي جي پنج ساله ترقياتي منصوبي جي دستاويز کان متاثر ٿي ڪوريا وارن اسان جي حڪومت کي معاوضو ڏئي ترقياتي منصوبي جو دستاويز تيار ڪرايو۔ ڪجهه سالن بعد ڪوريا وارا ايشين ٽائيگر طور پاڻ ڳڻائي ويا ۽ اسين وري قرض کڻڻ واري گداگر برگيڊ ۾ وڏي نالي وارو ملڪ پيا سڏجون. اسان جي حالت اها وڃي ٿي آهي جو حڪومت جو سڄو ڪاروبار بيروني توڙي اندروني جنات جي حڪم تي پيو هلي، ان حد تائين جو حڪم ٿو ٿئي ته فلاڻن اسمن جا اگهه وڌايو ته پوءِ اوهان کي قرضدار بنجڻ جو شرف بخشيو ويندو ۽ اسين حڪم جا بندا اهڙن ڪڙن شرطن تي به قرض وٺيو اچون، پوءِ سٺ سيڪڙو با اختيارن جي کيسن ۾ جنهن مان اسان وارو حڪمران ٽولو جنهن ۾ سياستدان، ڪامورا ۽ بااثر سڏجندڙ آسماني توڙي زميني بازيگرن جا ٽولا ڪک پتيءَ مان لک پتي، ڪروڙ پتي ۽ ڪيترائي وري پدم پتي بڻجو وڃن. اهڙي طرح باقي رقم مان جهڙا تهڙا ڪم ڪريو وري به ڪشتو ٽنگيو بيٺا آهيون
اسان جي فائلن ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيل ڏيکاريا ويا آهن انهن مان پنجاهه سيڪڙو ڪم به ڪنهن عقلمنديءَ سان سر زمين تي ٿيل هجن ها ته اسان جي شهرن توڙي ٻهراڙين جو اهڙو برو حشر ڪونه ٿئي ها.
منهنجي ياد گيرين ۾ سال 1973ع کان جيڪي دريائي وهڪرا ڪچي وارن علائقن مان گذريا آهن اهي سکر بئريج وٽان سرڪاري انگن اکرن موجب يارهن لک ڪيوسيڪ کان به وڌيڪ هئا. پوءِ ٿيو ائين جو ڪچي توڙي پڪي تي ٻيلو ذري گهٽ ختم ٿي ويو۔ باقي ٻيلو کاتو قائم دائم آهي جنهن جي ساليانو ڪروڙين رپيا بجيٽ آهي. چون ٿا ته سنڌ جي هڪڙي وڏي وزير پاڻ وڻائڻ خاطر هڪڙي وڏي گادي نشين کي ڪچي واري علائقي جي پنجاهه هزار ايڪڙن کان به وڌيڪ زمين ڏيئي چڏي ۽ ان زمين کي سرڪاري خرچ تي بچاءُ بند ڏياري هڪڙي نئين شاخ به منظور ڪري ٺهرائي ڏني.
بااثر زميندار ۽ ٻيا مقامي ماڻهو پنهجن علائقن ۾ ڪچي جي هزارين ايڪڙن تي قبضا ڪري ڳوٺ ٻڌي وڃي ويٺا، قبضه گير نه صرف ڪچي جي علائقي ۾ پر بچاءُ بندن تي به قبضا ڪري ويٺا. انهن ماڻهن بچاءُ بند جي مٽي کوٽي گهرن جي ٽن پاسن جو ڀتيون بچاءُ بند کي کڻي بنايو باقي رڳو سامهون واري پاسي کان هڪڙي ڀت کڻائي گهر مڪمل ڪري ورتو. ٻين علائقن جي خبر ڪانهي باقي ماڻهن جي زبان تي اها ڳالهه عام آهي ته اسان جي تڪ وارن چونڊيل نمائندن سرڪار کي چيو آهي ته انهن ماڻهن کي اتان نه لڏايو ۽ بچاءُ بند جي گهرن وارن حصن تي نه مٽي وجهي خال ڀريو نه وري انهن حصن تي پٿر هڻڻ وارو بچاءُ جو ڪم ڪريو.
ڳالهه رڳو ايتري ڪانهي، ڍنڍن ڍورن تي به قبضا ڪري پوک ڪئي پئي وڃي، انهن رڪاوٽن جي ڪري پاڻي اڳتي دڳ نه ملڻ جي ڪري ابتو پيو وهي.
بئراجي علائقن ۾ سنڌ جي هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين قديمي واهه ۽ انهن جون هزارين شاخون هيون، سکر بئراج جي واهن وهڻ تائين اهي قديمي واهه سنڌ جي زمينن کي سيراب ڪندا هئا. اهي قديمي واهه ماڻهن سرڪاري اجازت سان کڻي ورتا ۽ باقي حصن تي بااثرن يعني ڌرتيءَ جي ناسورن قبضو ڪري ورتو۔ ڪيترائي واهه لٽائي ڇڏيا ويا يا وري انهن کي ڳنڍا ڏيئي مڇيءَ جا تلاءُ بنائي ڇڏيائون، ڪيترن هنڌن تي اڏاوتون ٿي ويون. قبضن وارو اهو وبال شهري علائقن تي به جيئن جو تيئن پيو جتي چائنا ڪٽنگ جي اصطلاح ھيٺ قبضا ڪري سرڪاري توڙي خانگي اڏاوتون ڪرايون ويون ۽ پوءِ سنڌ ڇا، پر ملڪ جي سڀ کان وڏي آباديءَ واري شهر ۾ قبضه گير ڌرين رت جون نديون وهائي ڇڏيون.
سنڌ ۾ سال 2011ع، 2019ع ۽ تازو 2020ع ۾ برساتن جيڪا تباهي مچائي آهي ان جو وڏو ڪارڻ شهري توڙي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جي قدرتي گذرگاهن تي قبضا آهن. اڄ به جن ڳوٺن وٽ پراڻن واهن جا ٽڪرا سلامت آهن ۽ ڪنهن جي قبضي ۾ ڪونهن انهن ڳوٺن ۾ برسات جي پاڻيءَ جو نيڪال ڪو مسئلو ڪونهي ڇاڪاڻ ته برساتي پاڻي ايڪڙن ۾ پکڙيل انهن ڀڏن ۾ نيڪال ٿيو وڃي. سال 2011ع وارين برساتن اسان کي نڪاسيءَ واري نظام جي ڪمزورين ۽ پراڻن دريائي دڳن ۽ رستن بند هجڻ جي نقصانن بابت ڄاڻ ڏني. 2011ع جي حوالي سان ان وقت جي هڪڙي انگريزي اخبار لکيو ته سنڌ جي سٺ لک ايڪڙ ايراضي ٻڏي وئي، ويهه لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيو، تيرنهن لک گهرن کي نقصان پهتو ۽ ايڪهتر لک ماڻهو بي گهر ٿيا. ان وقت سنڌ حڪومت پاڻيءَ جي قديمي گذرگاهن لاءِ قانون ٺاهي ڇڏيو، جنهن موجب جيڪو انهن رستن کي کولڻ نه ڏيندو يا وري رنڊڪون وجهندو تنهن کي ڏهه لک رپيا ڏنڊ ۽ ڏهه سال ٽيپ ڏئي سگهجي ٿي ۽ اهڙي ڏوهاريءَ جي ڪابه ڪورٽ ضمانت ڪانه کڻندي. قانون برابر ٺهيو پر ٻليءَ کي گهنڊڻي ڪير ٻڌي اهو سوال هر وقت حل طلب رهجو وڃي.
هتي هڪڙي ڳالهه لکندس ته ڪنهن ماڻهو جي عزرائيل سان ڏيٺ ويٺ ٿي وئي، ان ماڻهو چيس ته جڏهن منهنجو وارو اچي ان کان ڳچ وقت اڳ مون کي اطلاع ملندو ته ٿورائتو رهندس. ڳچ وقت گذرڻ بعد عزرائيل اچي پهتو ته ان ماڻهو واعدو ياد ڏياريس، جنهن تي عزرائيل وراڻيو ته تنهنجي ڳوٺ ۽ اوسي پاسي مان ڪيترائي ماڻهو هليا ويا اهوئي ته اطلاع هو. ان ڳالهه وانگر اسان جي حڪمران ٽولي کي قدرت واري 2011ع ۽ 2019ع ۾ اطلاع ڏنو، پر حڪمران ماٺ ڪري ويٺا رهيا يا وري ٻين ڪمن ڪارين تي ڌيان رهيو. تان جو 2020ع وري آفت وارو سال بڻجي ويو. اسان وارن صاحبن جو ان گدڙ وارو حال آهي جنهن کي سياري جي راتين ۾ سيءُ تنگ ڪندو هو ته ارادو ڪندو هو ته صبح جو اٿي ڏر کوٽيندس، ڏينهن ٿيڻ تي سيءُ لهي ويندو هئس ته شڪار جي تلاش ۾ يا وري ڪڏ شارون ڪندي ڄڻ ڳالهه وسري ويندي هئس.
اهو گدڙ هو، پر اسان وارا حڪمران اشرف المخلوقات سڏائيندڙ سپر قسم جا ماڻهو ٿا سمجهيا وڃن جيڪي عام رواجي حالتن ۾ پيٽ ڀرڻ ۽ نچڻ ٽپڻ ۾ پورا آهن. پوءِ جڏهن آفت ٿي ڪڙڪي ته دانهون دانهن پئي پوندي آهين. آهن وري اهڙا هڙ کائو جو خوشي توڙي غميءَ ۾ حڪمران، ڪامورا ۽ سندن کاٽائو پٽ مال ميڙيو پنهنجا سمنڊ جيڏا پيٽ ڀريو وٺن، اسين وري اهڙا ڀوڪ آهيون جو سندن ڏٽن تي بلڪل به انهن ٻارن جهڙا بڻجو وڃون جيڪي ڪنهن بين وڄائڻ واري جادوگر جي بين تي ٻڏڻ لاءِ سمنڊ ۾ به ڪاهيو پئون.
حڪومت کي گذارش ٿي ڪجي ته پاڻيءَ جي قدرتي گذرگاهن تان قبضا ختم ڪرائي ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جون خاميون دور ڪيون وڃن ۽ برساتي پاڻيءَ جي نيڪال ۽ شهرن توڙي ٻھراڙين مان برساتي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ مستقل ۽ ڀروسي جوڳا بندوبست ڪيا وڃن.