سنڌ ۾ ڪورونا سبب سرڪاري اسڪولن مان ٻار نڪرڻ جي خطرناڪ شرح
لاڪ ڊائون ۾ خانگي اسڪول کليل ۽ سرڪاري اسڪول بند هجڻ ڪري سرڪاري اسڪولن مان ٻار نڪرڻ جي شرح خطرناڪ حد تائين پهچي وئي، اسڪولن کي نصاب به نه مليو، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ ڪورونا واري صورتحال دوران ٻن سالن تائين تعليم کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، لاڪ ڊائون دوران سرڪار پاران سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر ان تي مڪمل عمل صرف سرڪاري اسڪولن ۾ ٿيو، خانگي اسڪولن پاران اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل طور تي اسڪول کولڻ سبب سرڪاري رٽ نه رهي، جنهن سبب والدين پنهنجن ٻارن کي سرڪاري اسڪولن مان ڪڍي خانگي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، جڏهن ته تقريبن 30 سيڪڙو ٻار تعليم پرائڻ کان محروم رهجي ويا، 30 آگسٽ کان اسڪول کلڻ باوجود اسڪولن ۾ حاضري 50 سيڪڙو به نه رهي آهي، سرڪاري رڪارڊ ۾ پهرين کان 12 هين درجي تائين اسڪولن ۾ داخل شاگردن جو انگ 45 لک ڄاڻايو ويو آهي، اسڪول کلڻ جي پهرين هفتي ۾ تقريبن 22 کان 23 لک ٻارن جي حاضري رهي، جنهن ڪري ٻارن جي ڊراپ آئوٽ شرح 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته پرائمري کان ڪاليجن تائين نصاب جي رسد نه ٿي سگهي آهي، گادي واري شهر ڪراچي سميت حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاهه ڊويزنن جي تقريبن 50 سيڪڙو اسڪولن ۾ نصاب نه پهتو آهي، جن علائقن جي سرڪاري اسڪولن ۾ نصاب پهتو آهي ته اهو به اڻپورو آهي، نصابي سيٽ مان ڪنهن ۾ اردو ته ڪنهن ۾ حساب يا ٻين سبجيڪٽن جا ڪتاب کٽل آهن، ان حوالي سان سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي سيڪريٽري حفيظ الله مهر جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ گهرج موجب 47 لک 36 هزار ڪتاب لاڳاپيل عملدارن حوالي ڪري ڇڏيا آهن، اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران 47 لک 36 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي انرولمينٽ تحت ڪتاب گهريا ويا جنهن بعد ٽينڊر ڪرائي 2 ڪروڙ 48 لک ڪتاب ڇپرايا ويا ۽ اسڪولن جي گهرج تحت هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڪتاب پهچايا ويا آهن، هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي ڪتاب پهچايا ويا آهن، جيڪي ٽرانسپورٽ سميت ويئر هائوسن تائين نظام تحت پهچايا ويا آهن، هن چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ وٽ ڪتابن جي ڪابه کوٽ نه آهي، اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي گهربل ڪتابن جا 47 لک 36 هزار سيٽ ڏنا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن کاتو، خيراتي اين جي اوز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به سندن درخواست تي ڪتاب فراهم ڪندو آهي.

