بلاگخاص

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه قسط: 6

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط: 6

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

الطاف شيخ

سنگاپور جو نالو تامل زبان جو آهي يعني “شينهن وارو شهر”… اها ٻي ڳالهه آهي ته سڄي سنگاپور ۾ ڪڏهن به شينهن نظر نه آيو. سنگاپور کي هاڻ پنهنجو قومي ترانو آهي، جيڪو ملئي زبان ۾ آهي، توڻي جو سنگاپور ۾ 80 سيڪڙو چيني رهن ٿا. 15 سيڪڙو ملئي ۽ 5 سيڪڙو انڊين جن ۾ گهڻا تامل آهن باقي ٿورا گجراتي، پارسي، سنڌي، ملباري، بنگالي وغيره، پر سنگاپور جو قومي ترانو ۽ ٻين ڪيترين ئي شين جا نالا ملئي زبان ۾ آهن، جو بنيادي ۽ ثقافتي طور هن ٻيٽ جو ملئي زبان ۽ ڪلچر سان واسطو آهي. پڙهيل ڳڙهيل چيني انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ جتي انگريزي کان اڻ واقف چيني هوندا اتي اهي ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا. ملائيشيا ۾ به چينين کي توهان ملئي زبان ۾ ڳالهائيندي ٻڌنڌئو. اهو ان ڪري جو هو کڻي نسلي طور چيني آهن، پر ضروري ناهي ته سندن ساڳي چيني زبان هجي. چين تمام وڏو ملڪ آهي، جتي پنجاهه کن اهم چيني ٻوليون آهن، جيڪي هڪٻئي کان مختلف آهن. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ جيڪي چين کان لڏي آيا انهن جو جيتوڻيڪ چين جي ڏاکڻي صوبي سان واسطو آهي، پر اتي جا به ڪي ٽيوچو، ڪي هاڪا، ڪي منڊارن ته ڪي ڪئنٽونيز چيني ٻولي ڳالهائين ٿا. جيئن دبئي ۾ رهندڙ انڊين اردو (هندي) ڳالهائين ٿا جن مان ڪن جي مادري زبان تامل آهي ته ڪن جي مليالم، ڪنهڙ، مرهٺي، گجراتي وغيره.

سنگاپور جو قومي ترانو Majulah Singapura ڪجهه هن ريت آهي. Maju ملئي لفظ جي معنيٰ آهي خوشحال، ترقي جي راهه تي گامزن.

اچو ته گڏجي هڪ ٿيون                                   Marilah Kita Bersatu

هڪ نئين جوش مان                                      Dengan Semangat Yang baru

گڏجي اسان حاصل ڪريون                               Semna Kita berseru

خوشحال سنگاپور                                         Majulah Singa ura

خوشحال سنگاپور                                         Majulah Singapura

لي ڪئان يو لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو دنيا ۾ سڀ کان وڏي عرصي وزيراعظم رهندڙ شخص آهي. هن جي پارٽي PAP (پيپلز ايڪشن پارٽي) ست دفعا لاڳيتو کٽڻ بعد 1990ع ۾ وري وزيراعظم ٿيڻ بعد هن اهو عهدو “گوهه چوڪ ٽانگ” حوالي ڪيو. ملڪ کي 1963 ۾ آزادي ملڻ بعد هي پهريون دفعو هو جو سنگاپور جو وزيراعظم بدليو. ان بعد لي ڪئان يو ڪابينا ۾ رهي نئين وزيراعظم “گوه” جي رهنمائي ڪندو رهيو. لي هميشه چوندو هو ته جيڪي هن کان پڄندو سنگاپور جي بهتري لاءِ هميشه ڪندو رهندو. 1988ع واري قومي ڏينهن تي اسان سنگاپور هئاسين. جلوس کي خطاب ڪندي لي چيو هو:

Even from my sick bed, even if you are going to lower me into the grave and I feel something is going wrong, I will get up.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن شخص (ليءَ) سنگاپور ٻيٽ کي اخلاقي توڙي ٽيڪنالاجيڪلي سڌاري ڇڏيو. اڄ هن ملڪ جا ماڻهو خوشحال آهن ۽ سندن سڪو ملائيشيا جي سڪي کان به ٽيڻو آهي. شروع کان ليءَ ملڪ ۾ قاعدو قانون ايڏو سخت رکيو ۽ سڀني لاءِ امير توڙي غريب لاءِ، جو ڪنهن کي به ڏوهه ڪرڻ جي همت نٿي ٿئي. مون کي ياد آهي ته 1987ع ۾ آرچرڊ روڊ تي هڪ هوٽل ٺهي رهي هئي. اها هڪ يا ٻن ماڙين تائين پهتي ته خبر پئي ته هن هوٽل واري ڇهه انچ کن انڪروچمينٽ ڪئي آهي. هن جي سڄي هوٽل ڊهرائي وئي، هن گهڻو ئي ڏنڊ ڏيڻ يا رشوت جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي هڪ به نه هلي. اخبار ۾ خبر اچڻ بعد ٻئي دفعي ملاڪا (ملائيشيا جو شهر جنهن ۾ آئون رهيل هئس) کان سنگاپور ويس ته آرچرڊ روڊ تي اها هوٽل ڊٺل ڏٺم. دراصل اها ڳالهه ٻين لاءِ خاص نياپو هئي ته ڪنهن کي به انڪروچمينٽ نه آهي ڪرڻي… ڪنهن به قسم جو غير قانوني ڪم نه آهي ڪرڻو. اسان سنگاپور گاڏي هلائيندا هئاسين، ڪڏهن ڀل ۾ يا تڪڙ ۾ ڪٿي سگنل خلاف هليا ويندا هئاسين ته ٿنڀن ۾ لڳل ڪئمرائن ذريعي فوٽو نڪري ويندو هو ۽ شام جو ملائيشيا موٽڻ وقت جيئن ئي بارڊر ڪراس ڪندا هئاسين ته سنگاپور پوليس جهلي وٺندي هئي ۽ اتي جو اتي ڏنڊ ڏيڻو پوندو هو. مطلب ته سنگاپور حڪومت اها خاطري ڪري ٿي ته ڪنهن به قسم جو ڏوهاري بچي نه سگهي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور ۾ پهچي وڏا وڏا ڏوهاري به ساڌو پنڊت ٿيو وڃن.

“لي ڪئان يو” سنگاپور ۾ صفائي سٿرائي ۽ اخلاق تي به زور  ڏنو. اڃان اسان جهاز تي هئاسين يعني ستر واري ڏهاڪي ۾ ته سنگاپور جي روڊن رستن تي ٿڪ اڇلائڻ يا ڪنهن پارڪ مان گل پٽڻ تي ڏنڊ رکيو ويو هو. اسان ڌاريان جهاز کي وٺي ڪجهه ڏينهن لاءِ سنگاپور ۾ اچي رهڻ وارا “لي ڪئان يو” تان پيا کلندا هئاسين! پر يارو! هن شخص ملڪ کي ٺاهي ڇڏيو. اڄ ڏينهن تائين سنگاپور Mr. Clean جي لقب سان سڏجي ٿو. ان جهڙو صاف سٿرو ته جاپان ۽ سوئيٽزرلينڊ به نه آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ بيٽلز ۽ هپيز مشهور ٿيا ۽ ڪيترا نوجوان ڇوڪرا ڇوڪرين وانگر ڊگها وار رکرائڻ لڳا. سنگاپور ۾ به ان شوق جي شروعات ٿي ته “لي صاحب” يڪدم خبردار ڪيو ته سنگاپور ۾ رهندڙ ڪوبه مقامي يا ڌاريون مرد رنن وانگر ڊگها وار رکي سنگاپور ۾ نه هلندو ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته دنيا جي اخبارن ۾ فوٽن سان خبرون اچڻ لڳيون ته ڪيئن “ڊگهن وارن” وارن ٽوئرسٽن جا ايئرپورٽ تي ئي وار ڪٽيا ويا ٿي. ڪجهه وقت دنيا جي ملڪن لي جي ان قانون تي ٺٺولي ڪئي، پر پوءِ سگهو ئي سڀ سڌا ٿي ويا.

سنگاپور ۾ MTR ريل شروع ٿي ته ٻين قانون سان گڏ ان ۾ چيغم کائڻ تي به بندش پئجي وئي ۽ سگريٽ ڇڪڻ تي ته ڪڏهوڪي جهل آهي. بلڪه ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ سڀ کان گهٽ سنگاپور جا ماڻهو سگريٽ ڇڪين ٿا.

هڪ ٻي ڳالهه پئي ياد اچي ته سنگاپور ۾ اليڪشن دوران هر شهري لاءِ ووٽ ڏيڻ ضروري آهي. آئون جڏهن ملائيشيا ۾ پڙهائي رهيو هئس ته دائود نالي سنگاپور جو هڪ ملئي چيف انجنيئر به مون سان گڏ ليڪچرر هو. جيئن ئي اليڪشن جا ڏينهن ويجها ٿيندا هئا ته پنهنجي سنگاپوري زال سان گڏ ووٽ ڏيڻ لاءِ سنگاپور روانو ٿي ويندو هو.

انگريزن جڏهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اليڪشنون ڪرائي انهن ملڪن کي 1963ع ۾ خود مختياري ڏني ته ان وقت ملائيشيا جو وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان هو ۽ سنگاپور جو لي ڪئان يو. ٻنهي جو اهو فيصلو ٿيو ته ٻئي ملڪ ملايا جي نالي سان هڪ ٿي هلندا. ظاهر آهي هڪ طرف پاڪستان جي ايراضي جيڏو ملايا ۽ ٻئي طرف مٽياري ضلعي جي اڌ جيترو سنگاپور سو به الڳ ٿلڳ ٻيٽ… ان لاءِ الڳ جياپو ڪرڻ يعني الڳ فوج، ڪرنسي، ڪورٽون، سفارت خانا ٺاهڻ وڏي مشڪل جي ڳالهه ٿيو ٿي پئي. ٻنهي ملڪن ۾ ساڳي قسم جا ماڻهو ملئي، چيني ۽ انڊين (جن ۾ گهڻائي ڏکڻ هندستاني تاملن جي هئي) رهيا ٿي ۽ ٻنهي ملڪن ۾ ساڳيون زبانون ڳالهايون ويون ٿي، پر اهو هو ته پکيڙ ۾ سنگاپور کڻي ننڍو ملڪ هو، پر آدمشماري تمام گهڻي هئس، جنهن ۾ وڏو حصو چينين جو هو. اهي چيني ۽ ملايا ۾ رهندڙ چيني گڏجڻ سان ملئي ماڻهن کان وڌي ويا ٿي. سو ملايا جي ملئي حاڪمن تي اهو ڀوت به اچي سوار ٿيو ته هر ڳالهه جي فيصلي ۾ چينين جو تعداد وڌيڪ هجڻ ڪري فتح ۽ ڪاميابي چينين جي ٿيندي. ٻي ڳالهه ته سنگاپور ۾ اسڪول ڪاليج هجڻ ڪري اتي جا ماڻهو خاص ڪري چيني گهڻو پڙهيل ۽ هر ڳالهه ۾ هوشيار هئا… ويندي راندين ۽ هنرن ۾ به. سو جڏهن ملڪ هڪ ٿيو ته هر ڳالهه ۾ راندين کان وٺي نوڪرين ۾ سنگاپور جي ماڻهن جو فائدو پئي ٿيو ۽ ملايا جا مسلمان سنڌ جي ٻهراڙي وارن ماڻهن جيان هئا، جن کي نه تعليم هئي نه هنر ۽ نه وري واپار ۾ هوشياري. رڳو کيتي ٻاڙي ڪري ڳوٺن ۾ ويٺا هئا. سو اهي پنهنجن ماڻهن جا نقصان ساري ملايا جي وزيراعظم ۽ پارليامينٽ 1965ع ۾ سنگاپور کي ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيتوڻيڪ سنگاپور وارن الڳ ٿيڻ نٿي چاهيو، کين ڌار ڪرڻ تي “لي ڪئان يو” تقرير ڪندي روئي ڏنو هو ۽ پنهنجي يادگيرين واري ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هو ڇهه هفتا کن ذهني مريض ٿي پيو ۽ هن تقرير ۾ اهو به چيو ته هي جدائي جو اعلان کين هر وقت چُڀندو رهندو…

Whole my life… I have believed in merger and unity of two territories. We people are connected by geography, economics, by ties of kinship