نئون

ملڪ اندر سيٽلائيٽ تيار، ايندڙ مهيني خلا ۾ موڪلي ويندي

ملڪ اندر ٺهندڙ سيٽلائيٽ پاڪ ٽيس اي ون ايندڙ مهيني خلا ۾ موڪلي  ويندي.  Pak TES-A1 جو وزن 2 سئو 85 ڪلو گرام آهي. هي هڪ آبزرويٽري سيٽلائيٽ آهي، جنهن ۾ حساس نوعيت جا اوزار ۽ ڪئمرا لڳل آهن. هي سيٽلائيٽ خلا ۾ 610 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي موجود رهندو ۽ سج جي حساب سان پنهنجي جڳهه تبديل نه ڪندو. ياد رهي ته هي سيٽلائيٽ رموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ آهي، جنهن جي مدد سان زمين جي سطح جي مٿان ۽ اندران جي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. زمين جي سطح اندر موجود معدنيات جي معلومات سان گڏ هن سيٽلائيٽ جي مدد سان موسمياتي تبديلين جي معلومات به حاصل ٿيندي، جنهن ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ جو عمل ۽ گرين هائوس گئسن جو خارج ٿيڻ، جهنگلن ۾ لڳندڙ باهه کي جانچڻ ۽ زراعت ۽ جهنگلي مسئلن بابت ڄاڻ ڏيڻ شامل آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان پاران سائنسدانن کي مبارڪباد جو پيغام موڪليو ويو آهي ته هن چيو آهي ته هي هڪ فخر جو مقام آهي ته اسان جا سائنسدان سيٽلائيٽ کي ٺاهڻ ۽ ان کي خلا ۾ موڪلڻ جي صلاحيت به رکن ٿا. وفاقي وزارت خارجا جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٻين  وزني سيٽلائيٽ جي مقابلي ۾ هي هڪ عام سيٽلائيٽ آهي جيڪا ڪيتريون ئي سرگرميون سرانجام ڏيئي سگهي ٿي. ان کان علاوه اها زمين مان اٿندڙ شعاعن جو به اندازو لڳائي سگهي ٿي.