خاص

موٽر وي ڪيس ۾ متاثر عورت پوليس کي بيان ڏيڻ لاءِ راضي

موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ 20 ڏينهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ متاثر عورت پوليس کي بيان ڏيڻ لاءِ راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثر عورت شروعاتي بيان ٽيليفون ذريعي رڪارڊ ڪرائيندي، جنهن کانپوءِ ان جي 161 جي بيان جو ٽرانسڪرپٽ چالان سان ڳنڍيو ويندو. ذريعن موجب متاثر عورت جوابدار شفقت جي سڃاڻپ لاءِ به رضامند ٿي وئي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ عدالت کي ان ڪئميرا ٽرائل جي درخواست ڏني ويندي ۽ ٽرائل دوران متاثر عورت جو فرضي نالو استعمال ڪيو ويندو. واضح رهي ته ڪيس جو مک جوابدار عابد 20 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس کي هٿ ناهي اچي سگهيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مک جوابدار هن وقت به پنجاب جي حدن ۾ موجود آهي، جيڪو پينو يا مزدور جي روپ ۾ ٿي سگهي ٿو.