بلاگ

همعصر ماضيءَ جي آرڪيالاجي ليکڪ: الفريڊو گونزالز روعبال سنڌيڪار: صراط گوهر دائود پوٽو

تعارف:

همعصر ماضيءَ جي آرڪيالاجي تحقيق جو نئون ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل مضمون آهي جيڪو ثقافتي ورثي جي علم، فن، قومن جي اڀياس ۽ جديد دور جي تاريخ سان جڙيل آهي. ان قسم جي آرڪيالاجي، جهڙي طرح اڄڪلهه عمل ڪئي وڃي ٿي. 1990ع واري ڏهاڪي ۾ جنم ورتو. جڏهن ته ان جو علمي پسمنظر اڃان پراڻو آهي. هونئن ته آرڪيالاجي جي معنيٰ قديم شين جو علم آهي، آرڪيالاجسٽ حال سان هميشه لاڳاپيل رهيا آهن، توڻي جو مختلف طرح سان. اوڻيهين صديءَ جي دوران، ماضي ۽ حال، آرڪيالاجي ۽ اينٿروپالاجي ۾ واضح فرق ڪو نه هو ۽ زنده معاشرا (پر سدائين غير صنعتي) تاريخ کان اڳ واري دور تي لکيل ڪتابن ۾ بدستور شامل رهيا. اهو خيال جلدي اثر وڃائي ويو، پنهنجي ذاتي نسل پرستي ۽ غير حقيقي ارتقا جي نظريي جي ڪري. 1950ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان وٺي، آرڪيالاجسٽن نئين طريقي، قومن جي آرڪيالاجي ۽ هڪ نئين نظريي، پراسيشُعلزم، ذريعي همعصر دنيا ۾ دلچسپي ورتي. جهڙيءَ طرح گذريل صديءَ ۾، اهي روايتي جماعتون هيون جن کي نشانو بڻايو ويو هو، ٻين معاشرن جو مطالعو ڪو نه ڪيو ويو. اهو ان لاءِ جو قومن جو مطالعو فقط ماضيءَ کي سمجھڻ لاءِ مشهابتون ٺاهڻ هو، نه ڪي ان جو مقصد حال کي سمجھڻ هو.

تاريخي پسمنطر:

سندن همعصر فرقن يا ذاتين ۾ گهٽ دلچسپي هوندي به، پراسيشُعل آرڪيالاجسٽن، جهڙوڪ: ليوس بنفورڊ، حال جي آرڪيالاجيڪل اڀياس جي لاءِ رستو ٺاهيو، مضبوط ڪيو. هڪ پاسي، ثقافتي تاريخ جي آرڪيالاجسٽن جي برعڪس، پراسيشُعلسٽ ڪن خاص دورن ۽ ثقافتن ۾ دلچسپ نه هئا، بلڪه سندن دلچسپي، عام طور تي، انساني روين (هلت) ۽ سماجي ترقي ۽ تبديلي جي طريقن کي سمجھڻ ۾ هئي ۽ ان ۾ حال به شامل ٿي سگھي ٿو. ٻئي پاسي، پراسيشُعلسٽ آرڪيالاجسٽن جن زنده ذاتين تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ايئن ئي ڪيو ڇو ته الاهي مسئلن کي جن ۾ هي دلچسپي رکن پيا ايٿنوگرافرن گھڻو ڪري نظرانداز ڪيو (گند ۽ ڪچرو، شين کي خالي ڇڏي وڃڻ يا ترڪ ڪرڻ، شين کي ٻيهر استعمال ۾ آڻڻ، جاين يا آبادين جا نمونا يا طرز، فنيات وغيره). انهن جي تفصيلي آرڪيالاجيڪل لکپڙهه سان، قومن جي اڀياس ڪندڙ آرڪيالاجسٽن ماضيءَ کي مختلف انداز سان پرکڻ ۾ آرڪيالاجي جي طريقي جي مطابقت ثابت ڪئي.

ان ۾ صرف هڪڙو قدم اڃان کڻڻو باقي هو: حال کي ان جي پنهنجي خاطر پڙهڻ. اهو 1970ع جي وچ ۾ پيش آيو. غير جديد سماجي ٽولن (برادرين) تي غور ڪرڻ بدران، آرڪيالاجسٽن جي هڪ ٽولي پنهنجي رهڻي ڪهڻي تي غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان طرح سان هڪ نئين شعبي جي شروعات ٿي: “آرڪيالاجي آف اس” (اسان جي آرڪيالاجي). ان جو بنياد وجھڻ وارن ۾ شامل هئا وليم راٿجي، رچرڊ گولڊ ۽ مائيڪل شفر، جن ڪچري، جديد ٽيڪنالاجي ۽ همعصر (ويجھڙ ۾ آيل) آفتن تي ڪم ڪيا. هن بهترين شروعات جي باوجود، حال جو آرڪيالاجيڪل اڀياس مضبوط نه ٿيو. اڀرندڙ پوسٽ پراسيشُعل آرڪيالاجي سان، جديد دور جي ثقافتي مواد ۾ ساڳي دلچسپي 1980ع جي شروعات ۾ برطانيه (انگلينڊ) ۾ پيدا ٿي. جيتوڻيڪ ڪجھ آرڪيالاجسٽ همعصر شين سان لاڳاپيل رهيا، شعبو گھڻي حد تائين اينٿرو پالاجسٽن جي اثر هيٺ اچي ويو ۽ پنهنجي آرڪيالاجيل برتري وڃائي ويٺو.

ايئن چئي سگھجي ٿو ته همعصر ماضيءَ جي آرڪيالاجي جو 2001ع ۾ ٻيهر جنم ٿيو جڏهن هڪ اهم ڪتاب آرڪيالاجيز آف ڪنٽيمپرري پاسٽ ڇپيو. پهريون ڀيرو، ايڊيٽرن تعارفي بابن ۾ نئين ماضيءَ جي آرڪيالاجيڪل اڀياس جو هڪ مضبوط نظرياتي پسمنظر پيش ڪيو، جيڪو اڄ به هڪ نه ٻي طرح سان تحيق جي وڏي تعداد جو بنياد رکي ٿو. انگلينڊ ۾ ٻيا واقعا موضوع جي مضبوط ٿيڻ جي وضاحت آهن: 2003ع ۾ ڪنٽيمپرري اينڊ هسٽوريڪل آرڪيالاجي ان ٿيوري سالياني ڪانفرنس جو وجود. انگريزي ورثي جو ڪم، جنهن جو ڪم ويهين عيسوي صدي جي وڏن باقيات جي سارسنڀال ڪرڻ ۽ آرڪيالاجي آف ڪنٽيمپرري پاسٽ تي پهرين بُڪڙي ڇاپڻ رهيو آهي. همعصر ماضيءَ جي آرڪيالاجي، تنهن هوندي به، فقط انگريزي دنيا ۾ نه وڌي آهي. گھڻو ڪري ساڳئي وقت، حال جي آرڪيالاجي ارجنٽينا، چلي، ايران، اسپين، فرانس ۽ اسڪينڊ يونين ملڪن ۾ ظاهر ٿي آهي.

وصف:

نئين ماضيءَ جي واڌاري سان ان موضوع جون کوڙ وصفون سامهون آيون آهن. هڪ وڏو مسئلو وقت آهي. انگلينڊ ۾، همعصر ماضيءَ جي آرڪيالاجي گذريل پنجاهه سالن تي غور ڪري ٿي. ان ڏس ۾، همعصر ماضي جي آرڪيالاجي جو مقصد صرف موجوده معاشري جو اڀياس ڪرڻ هوندو، “همعصر” جي هڪ وضاحت جي مطابق ته جيڪا ساڳئي وقت ۾ موجود هجي. هي هڪ وقت ۾ پورو لهي ٿو جنهن جي نسبت جدت جي بعد واري دور سان آهي. جڏهن ته گھڻي يا وڏي عرصي کي ڏسڻ لاءِ “نئين ماضيءَ جي آرڪيالاجي” کي پسند ڪيو وڃي ٿو. ان طريقي سان مسئلو آهي ته هڪ پاسي، هي ٻڌايل وقت کي اختيار ڪري ٿي جيڪو صحيح معنيٰ ۾ آرڪيالاجي جي لحاظ کان درست نه آهي. ٻئي پاسي، ڀاڱا حال کي وڏين تاريخي روايتن ۾ بهتر سمجھڻ ۾ رڪاوٽ ٿي سگھن ٿا.

هن مسئلي کي ٻن طرحن سان ڏٺو ويو آهي:

ڪجھ آرڪيالاجسٽن جدت جي آخري دور ۽ اڪثر جدت جي انفراديت کي ختم ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي، جڏهن ته ٻين جدت جي آخري مرحلي کي آرڪيالاجي جي حوالي سان جدت جي پسمنظر ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوئين حالت ۾، اهو قدم همعصر ماضيءَ کي همعصر جي معنيٰ جي حدن کان وڌائڻ آهي. ان وضاحت سان “همعصر” جي هڪ ٻي معنيٰ جيڪا ساڳئي وقت سان تعلق رکي ٿي، نڪري ٿي. ان ڏس ۾، اسان چئي سگھون ٿا ته اسين پهرين مهاڀاري جنگ جي سپاهين جا همعصر آهيون، ان جي باوجود ته ڪوبه زنده ناهي بچيو، ڇو جو اسين ساڳئي تاريخي دور ۾ ٿا جيون، ساڳئي دشا ۾، ڪجھ آرڪيالاجسٽ تاريخي ۽ تحقيقي سببن جي ڪري همعصر کي اڃان به پٺتي اٺين عيسوي صدي جي اڌ تائين ظاهر ڪيو آهي. هي ان خلا کي ڀرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو جيڪو ڇڏيو هو تاريخي آرڪيالاجي، جنهن جو زور فقط اوڻيهه صدي کان پهرين واري دور تي آهي جڏهن ته ان سان گڏ اسان تي زور ٿي رکي ته حال ۽ نئين ماضي جي عملن جي پاڻ ۾ تعلق کي ڏسون. ٻين ليکڪن ان فيز، اپروچ (دور واري طريقي) کي رد ڪيو آهي ۽ ان جي ابتڙ همعصر ماضيءَ جي آرڪيالاجي کي ماضي ۽ حال جي وچ ۾ تعلق جو اڀياس سمجھن ٿا. بهرحال، سڀ ليکڪ مڃين ٿا ته نئين ماضيءَ کي آرڪيالاجي جي پسمنظر ۾ بيان ڪرڻ اسان کي جديد وقت تي ٻيهر غور ڪرڻ ۽ رسمي آرڪيالاجي (عام طور تي آرڪيالاجي قديم دور جي مواد جو اڀياس آهي) جي ڏنل (مقرر) وقتن جي حدن کان ٻاهر نڪرڻ تي زور ڀري ٿي.

همعصر ماضيءَ جي وضاحت سان جڙيل هڪ وڏو مسئلو ان جي “آرڪيالاجي آف اس” (اسان جي آرڪيالاجي) سان برابري آهي، ان “اسان” کي “مغربي” سان برابر ڪيو پيو وڃي. هي سچ آهي ته جدت جي آخري دور جا معاشرا پنهنجا پنهنجا مسئلا پيش ڪن ٿا ۽ الڳ طرح سان مطالعو ڪرڻ جي لائق آهن. پوءِ به اهو اسان کي همعصر ماضيءَ جي آرڪيالاجي کي صرف هڪ قسم جي معاشرن تائين محدود ڪرڻ ڏانهن نه وڌائي (اٿنوآرڪيالاجسٽن جي خيال کي رد ڪندي). جيتوڻيڪ ڪجھ ماهرن ٻنهي مغربي ۽ غير مغربي ماحولن ۾ ڪم ڪيو آهي شعبي جي جاگرافيائي حد ۾ هڪ اهم ڪمي پوءِ به رهي ٿي ۽ نئين ماضي تي ڪم ڪندڙ غير مغربي آرڪيالاجسٽن جو تعداد اڃان گھٽ آهي. محدود نه آهن ته موضوع جيڪي هن آرڪيالاجيءَ ظاهر ڪيا آهن: روزاني زندگي، تڪرار، آمريت ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي، صنعت، ڊٺل جايون ۽ ڪچرو.

(هي ليک الفريڊو گونزالز روعبال جي انگريزي مضمون آرڪيالاجي آف دي ڪنٽيمپرري پاسٽ، جيڪو ڪليئر سمٿ جي انسائيڪلو پيڊيا آف گلوبل آرڪيالاجي ۾ 2012ع ۾ ڪيمبرج پريس شايع ڪيو هو، جو سنڌي ترجمو آهي).