پُتلي تماشو…!! پر ڪيستائين؟
اڄ ذهن ۾ سوال آيو ته جيڪو هي پُتلي تماشو گذريل 75 سالن کان هلي پيو، انهي جو اختتام ٿيندو يا ائين ئي ٻيا به 75 سال هلندو، هڪ جواب ته مون وٽ اهو آهي ته جيستائين پُتليون ۽ پُتلين کي هلائڻ وارا ۽ انهيءَ تماشي کي ڏسي تاڙيون وڄائڻ وارا ملڪ ۾ موجود هوندا ته پُتلي تماشو ايندڙ 75 سال ڇا پر 200 سال به هلي سگهي ٿو. باقي جواب پڙهندڙن جي مٿان آهي ته اُهو ڪهڙو ٿا ڏين، ڪجهه ٽائم پهرين هڪ فلم هلي هئي، ”بول“ جي نالي سان اُن فلم جو هڪڙو مشهور ڊائلاگ هو ”جب پال نهين سڪتي تو پيدا ڪيون ڪرتي هو“ هيروئن پنهنجي پيءَ کان پڇندي آهي، اها ڳالهه اسان هن حڪومت سان ڪريون ٿا، حڪومت هلائڻ توهان جي وس ۾ نه آهي، يا وس وارا توهان کي حڪومت هلائڻ نٿا ڏين، ته پوءِ توهان حڪومت ورتي ڇو؟ عمران خان کي قابو نٿا ڪري سگهو، يا توهان کي وس وارا قابو ڪرڻ نٿا ڏين، ته پوءِ پوليس کي موچڙا ۽ گاريون ڇو ٿا کارايو. اوهان جا منسٽر روز روز اچي صرف عمران هيئن ڪيو، عمران هيئن ڪيو. ڪيستائين پريس ڪانفرنس ڪندا رهندا؟ هي جيڪي اسان تماشائي آهيون، جيڪي پتلي تماشو ڏسي تاڙيون وڄايون پيا، جن جي گهرن ۾ ٻه ويلا ماني ڪونه ٿي پچي، انهن جي دردن جو درمان ڪير ڪندو؟ حڪومت اليڪشن کان ڇو ٿي ڀڄي؟ هي سڀ سوال آهن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ انيڪ سوال آهن جن جا جواب ته سادا آهن، پر ڏئي ڪير؟ لڳي ٿو اڄ اسان ڪالم ۾ صرف سوال ئي سوال ڪنداسين، پر ڪوشش ڪنداسين ته انڌو منڊو جواب ڏئي ڇڏيون، ڇو ته اسان وٽ جيڪا انفارميشن آهي، اُها سطحي آهي ۽ جيڪي وڏا وڏا اڪابر آهن، انهن کي معلومات طاقت جي مرڪزن مان ملي پئي، انهيءَ ڪري انهن جا تجزيا به بهتر هوندا آهن، پر مارچ مهيني ۾ جيڪي به انهن جا تجزيا ٿيا، اهي به غلط ثابت ٿيا. هاڻي اسان پهرين ڳالهه ٿا ڪريون. 7 مارچ، 2022 تائين پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي اليڪشن اليڪشن جو راڳ ڳايو پئي. ان وقت عمران خان جي مقبوليت زيرو ته نه چئون، پر تمام گهٽ هئي. هنن پارٽين وس وارن جي چوڻ تي 8 مارچ، 2022 تي عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي ۽ اهائي عمران خان جي لاءِ ٽرننگ پوائنٽ هئي ته هو پنهنجي گهٽ ٿيندڙ ساک کي بحال ڪري. عام ماڻهو جيڪو مهانگائي ۾ مري چڪو هو، جيڪو عمران ۽ عمران جي حڪومت تي شديد تنقيد ڪري رهيو هو. بس اسان ائين چئون ته گاريون ڏئي پيو. انهي پنهنجو ذهن مٽائڻ شروع ڪيو. اڄ اسان جڏهن مارچ مهيني ۾ هي ڪالم لکون پيا، عمران خان پنهنجي دور جي سياست جي عروج تي آهي. سڀئي پارٽيون گڏجي به سندس مقبوليت جو مقابلو ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن. خاص طور تي ٻن صوبن ڪي پي ڪي ۽ پنجاب مڃئون کڻي ڪي پي ڪي ڪافي وقت کان عمران جي اثر ۾ آهي، پر پنجاب ته نون ليگ جو قلعو هو، انهيءَ قلعي جون ديوارون واريءَ جي ديوارن وانگر ڪيئن ڊهي پيون. نون ليگ وٽ پنجاب کي قابو ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي نظر نٿي اچي. پوءِ اسان ائين سمجهون ته انهن حڪومت صرف پنهنجن ڪيسن کي ختم ڪرڻ لاءِ ورتي ۽ مال ڪمائڻ جي لاءِ. پڇندو ته مال ويچارن ڪيئن ڪمايو؟ ”ڊالر 180 کان 300 تي پهچي ويو آهي (اوپن مارڪيٽ يا بليڪ مارڪيٽ ۾ 300 کان مٿي آهي)“ پيٽرول عام غريب ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويو آهي. هن سڄي ڪاروبار جا سهولتڪار ۽ فائدو وٺندڙ حڪومتي ماڻهو آهن، صنعتڪار، واپاري به شامل آهن. ڀوڳنا عوام جي آهي. هڪ سال جي عرصي ۾ هن حڪومت سواءِ عام ماڻهو کي ڏنڀ ڏيڻ جي، ۽ ٽي.وي تي اچي عمران کي گاريون ڏيڻ جي ٻيو ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي جي لاءِ نه آئي هئي، صرف پنهنجو پاڻ کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ۽ جيڪو روزو هنن چار سالن کان رکيو هو، عمران جي دور ۾ انهيءَ جي افطاري ڪرڻ آئي هئي. جيئن اسان جا علماءِ ڪرام افطاري ڪندا آهن، الله جي رزق جو وافر استعمال ڪندا آهن. عوام ويچارو ته سموري مهيني جي لاءِ پريشان هوندو آهي ۽ هن رمضان شريف ۾ ٿي سگهي ٿو ته عوام 20 رپئي جو سموسو به نه وٺي سگهي. اها آهي هن حڪومت جي ڪارستاني هاڻي تماشو هلائن پيا، عمران کي ٻڌئون پيا، عمران کي ٻڌئون پيا، عمران کي ٻڌئون پيا. جڏهن توهان کي خبر آهي ته هن کي ٻڌي نه سگهندئو. اسٽيبلشمينٽ صرف اوهان کي مالي ۽ ڪيسن منجهان نجات جا فائدا ڏيڻ لاءِ حڪومت ۾ آندو، جيڪي توهان پنهنجا پورا وٺي ڇڏيا آهن. سسٽم بدلائڻ لاءِ توهان نه آيا هئا، نه ئي توهان کي وس وارا سسٽم بدلائڻ جي لاءِ اجازت ڏيندا. هڪ سال ۾ انصاف جو نظام تحريڪ انصاف جي چوڌاري گُهمي پيو. اهڙا اهڙا فيصلا آيا آهن. انهن تي کلجي يا روئجي. بس روئبو پنهنجي عوامي حال تي. انهن جا فيصلا اسڪرپٽيڊ آهن. ڪڏهن ظفر اقبال جو اقبال بلند پيو ٿئي. ڪڏهن ظفر اقبال جو اقبال پست ٿيو وڃي. ڪڏهن هو جج نظر اچي ٿو ته ڪڏهن هو ويچارو عام ڪلارڪ وانگر فائل کڻي، هڪ ڪورٽ مان ٻئي ڪورٽ ۾ پهچي پيو. وري سندس فائل به گم ٿيو ٿو وڃي. جي ها اهوئي حاضري وارو رجسٽر جنهن تي سائن ڪرڻ جي لاءِ بادشاهه سلامت عمران خان حڪومت کي پورو مهينو ناچ نچائي پيو. جج صاحب ته پنهنجي ڪورٽ مٽائي جڊيشل ڪامپليڪس ۾ به اچي ويو، پر بادشاهه سلامت ڪورٽ جي احاطي ۾ ڪورٽ جي ڪمري تائين نه وڃي سگهيو. ڇو ته هو نه وڃڻ چاهي پيو. پهرين چيو ويو ماڻهو ايترا اچن انهن جا نالا سرڪار کي ۽ ڪورٽ کي ڏنا ويا. پوءِ اهي ماڻهو هزارن ۾ اچي ويا. وس وارن ايف.سي کي ڪورٽ جي اندر محدود ڪيو هو. انهن کي خبر هئي ته پوليس تي تحريڪ انصاف جي ”ڪارڪنن“ جي اک نٿي ٻُڏي. ايف.سي خبر ناهي ته پوءِ پروٽيڪشن لاءِ آئي هئي يا ججن کي ڊيڄارڻ لاءِ. اها خبر منهنجي رب پاڪ کي آهي، پر جڏهن بادشاهه سلامت جي گاڏي عدالت جي احاطي ۾ پهچي وئي ته اتان به ٻه پير ڀري ڪورٽ روم تائين پهچڻ کي هو پنهنجي بي عزتي سمجهي پيو. تيستائين اهو فائل يا رجسٽر جنهن تي حاضري لڳائڻي هئي، اهو رجسٽر کڻي ايس پي صاحب ٻاهر آيو. ته بادشاهه سلامت سائن نه ڪئي يا ڪئي. اهو فيصلو جڏهن رجسٽر ملي ته ڪبو، پر ايس.پي صاحب کي ڦيهه سُٺي آئي ۽ بادشاهه سلامت جو قافلو ڪورٽ جي احاطي کان واپس قلعه زمان پارڪ طرف روانو ٿي ويو. جج صاحب ته هاڻي اهو ٿو چوي ته فردِ جرم کي ته پوءِ ڏسنداسين، هاڻي ته اهو فيصلو ڪنداسين ته اهو ڪيس ٻڌڻ جوڳو آهي يا نه آهي، هي آهي اسان جي انصاف جي حالت شايد انهيءَ ڪري خير سان اسان جي ملڪ ۾ انصاف دنيا جي نظر ۾ 138 نمبر تي آهي. هاڻي سائين محترمه مريم نواز صاحبه روز روز تقريرون ڪري پئي. تنظيمي دورن جي نالي تي جلسا ڪري پئي. ڇو ته ماڻهو گهڻا ڪون ٿا اچن پوءِ توهان انهن کي تنظيمي دورن جو نالو ڏيو ته ڪارڪنن جي تنظيم ڪاري ٿئي پئي. پر ڪٿي به تنظيم ڪاري جي ڪارروائي نظر ڪون آئي. بس ماڻهو گڏ ٿيا. تقرير ٿي ۽ خدا حافظ، تقرير عمران خان کان شروع ٿي عمران خان تي ختم ٿي. پنهنجي هڪ سال جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهيون، ۽ کِل جهڙا ڊائلاگ. مونکي پنهنجي ماءُ ۽ پيءَ جابر حڪمران جي اڳيان سچ ڳالهائڻ سيکاريو آهي، محترمه مريم نواز صاحبه هن وقت حڪمران ڪير آهي؟ اوهان کي خبر ناهي ته اسان توهان کي ٻڌايون ته محترم شهباز شريف اوهان جي والد صاحب جو ننڍو ڀاءُ آهي. لڳي ائين ٿو ته هن حڪومت جي لوڀ ۽ لالچ هنن کي سئو موچڙا ۽ سئو بصر واري حالت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. نه ٿا بصر کائي سگهن، نه ٿا موچڙا کائي سگهن. ائين نظر اچي ٿو. وس وارن ٻن پارٽين سان ڏاڍي ڪئي آهي. هڪ نون ليگ سان ٻيو جي يو آئي ايف سان. نون ليگ سان انهيءَ ڪري جو بهرحال اهو به سچ آهي ته نواز شريف وس وارن سان اڃا به مهاڏو اٽڪايو ويٺو آهي. انهيءَ ڪري ته لنڊن ۾ ويٺو آهي. باقي مولانا صاحب سان هٿ انهيءَ ڪري ٿيو جو وس وارن جي اجازت کانسواءِ عمران جي حڪومت ۾ هن لانگ مارچ ۽ ڌرڻو هنيو. اسلام آباد ۾ جنهن تان وس وارا ناراض هئا. بس مولانا صاحب کي مال ته مليو، پر ڪي پي ڪي منجهان ائين نظر ٿو اچي، عوامي حمايت وڃائي ويٺو آهي. انهيءَ ڪري ته اليڪشن کان ڊڄي ٿو. پيپلز پارٽي جا وارا نيارا، سنڌ هنن جي هٿ ۾ ايندڙ پنجن سالن لاءِ به. زرداري صاحب جڏهن کان پيپلز پارٽي جو سربراهه ٿيو آهي. تڏهن کان وسوارن سان کير کنڊ آهي. انهيءَ ڪري هاڻ هن کي ڪو ڊپ نه آهي. پي ڊي ايم حڪومت ۾ به سڀ کان وڌيڪ فائدو پيپلز پارٽي کي. ايستائين جو نون ليگ کي منع ڪيو ويو آهي ته هو سنڌ ۾ ڪابه سياسي سرگرمي نه ڪري. زرداري صاحب جي ڪوشش آهي ته ڪنهن نموني سان بلاول صاحب کي ڪجهه وقت جي لاءِ ئي صحيح قومي حڪومت ۾ ئي سهي. هڪ دفعو وزيراعظم بنائي، ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو، وقت ٻڌائندو. اسان ڳالهه پي ڪئي ته نون ليگ وٽ هن وقت اخلاقي طاقت ڪهڙي رهي آهي. انهيءَ جي ڪري ئي هو اليڪشن کان ڀڄي پئي، وري روز هڪ نئون تماشو. ۽ تماشو عمران کان شروع ٿو ٿئي ۽ عمران تي ختم ٿو ٿئي. هاڻي هي ته اسانجي نظر ۾ سڀئي پُتليون آهن. يا اسٽيٽ جا اهي اداڪار آهن جيڪي پئسا وٺي پنهنجا ڪردار ادا ڪندا آهن. اسين تماشائي جيڪي ڦُرجئون پيا. هڪڙا ڪچي جا ڌاڙيل، هڪڙا پڪي جا ڌاڙيل. پڪي جا ڌاڙيل اهي ئي آهن سياستدان، وس وارا. هاڻي وس وارن مان سمجهي وڃجو. يار اسان به ڊڄئون پيا. هاڻي ته هنن سان صحافي حضرات به گڏجي ويا آهن. اهي سڀئي گڏجي اسانکي تماشو ڏيکاري اسان کي ڦرين پيا. تماشو اسانجي فائدي لاءِ. عوام عوام جو نعرو هڻڻ کان ٿڪجن ڪون ٿا، پر عوام جي حالت اسان کان وڌيڪ ڪير ٿو سڃاڻي؟ هن وقت دنيا ۾ پيٽرول في بيرل 70 ڊالر آهي ۽ اسان وٽ 280 رپيا في ليٽر آهي. موٽرسائيڪل وارن پنهنجون موٽرسائڪلون بيهاري ڇڏيون آهن. اٽو 150 رپيا آهي. جس آ اسان کي ته اسان پوءِ به تاڙيون وڄايون پيا. حڪمران ته بي حس آهن. اسان بي حس ڇو آهيون، پر اسان بي حس نه آهيون. بي وس آهيون. ڪجهه به نٿا ڪري سگهون. اسانجي ووٽ جي طاقت کي ورهائي ڇڏيو ويو آهي. اسان پاڻ ۾ وڙهون ٿا. اسان پنهنجا هيرو ٺاهي ڇڏيا آهن. منهنجو هيرو نواز شريف آهي، تنهنجو هيرو عمران خان آهي. منهنجي دوست جو هيرو آصف زرداري آهي. پاڙي جي مولانا جو هيرو مولانا فضل الرحمان آهي. اسان پنهنجي پنهنجي هيرو جي تعريف ڪريون ٿا ۽ پاڻ ۾ وڙهي ٿا پئون. اسان پنهنجن مسئلن تي پاڻ ۾ نٿا گڏجئون. جيستائين نه گڏباسين ڪُٽ کائندا رهنداسين ۽ ڪُٽي اسانجا هيرو کائندا. هاڻي جهيڙو آهي، مقبوليت ۽ قبوليت جو، جيڪو نظر ائين پيو اچي ته قبوليت به عمران خان وٽ آهي ۽ مقبوليت به عمران خان وٽ آهي. نون ليگ پنهنجا ٻيڙا ساڙي ڇڏيا آهن. يا ته مڪمل وس وارن جي مرضي تي هلي. مطلب نواز شريف کي وس وارا جيئن هلائن تيئن هلي. پوءِ ته هنن جو ڪجهه فائدو ٿيندو. نه ته وس وارا، انصاف وارا، عوام سڀئي تحريڪ انصاف سان گڏ هوندا. وس وارن ۽ آئي ايم ايف هن حڪومت سان اهڙو ڪم ڪيو آهي. جيئن اسان سنڌي ۾ چوندا آهيون ”ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان“ هنن کي ڌڪ انهيءَ جڳهه تي هڻن ٿا جيڪا جڳهه ويچارا ڏيکاري به نٿا سگهن ۽ اهي ويهي به نٿا سگهن. اسحاق صاحب ايندو، معيشت بهتر ٿيندي، مريم صاحبه ايندي سياست بهتر ٿيندي ٻئي اچي ويا. ڇا ٿيو؟ هاڻي باقي بچيو آهي نواز شريف، آڻي ان کي به وجهو جيل ۾، پر هو ايندو ڪون سياڻو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته سمجهي ٿو ته وس وارا اڃا به نون ليگ کي برداشت نٿا ڪن. انهيءَ ڪري ته آرام سان لنڊن ۾ ويٺو آهي. ايران ۽ سعودي عريبيه ته پاڻ ۾ ٺهي سگهن ٿا، پر ڏسو ايران ۽ پاڪستان پاڻ ۾ نٿا ٺهي سگهن. لفظ وري ٿا دهرايون کلجي يا روئجي. آئي ايم ايف کان هڪ ارب ڊالرن جي لاءِ جيڪا اسانجي حڪومت اسانجي عوام سان ڪئي آهي. جنهن جي ڪري پيٽرول 280 تي پهتو آهي، اهو پيٽرول توهان کي 25 رپئي ۾ ملي. توهانجي لاءِ مهانگو آهي. او وس وارا اسان عوام جو خيال ڪريو، توهان کي ڪا پرواهه ڪونهي ڪا، توهان جا اربين ڊالر ٻاهر پيا آهن، توهان جون حڪومتون برقرار آهن. عوام بُک مري ان سان توهان جو سروڪار نه آهي. پر ٻيلي خدا جي ذات کان ڊڄو. پرويز مشرف جو حشر به نظر ۾ رکو. اسانجو ملڪ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. پاڙي وارن سان پيار ڪريو. عوام بهتر ٿيندو، اوهان به بهتر ٿيندو. عوام به دعائون ڪندو. پر يار خبر آهي ڪندئو ڪونه، ائين ئي تماشو هلندو رهندو، اسان تاڙيون وڄائندا رهنداسين توهان کي سياسي ڪردار ملندا رهندا. سمجهون سڀ ٿا توهان به اسان به. توهان ڪري سگهو ٿا، اسان بي وس آهيون. ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون. بس تماشو ڏسندا رهنداسين.