پاڪستانخاصنيو‍‍ز

والاريل لداخ: مودي اسپتال جي بجاءِ ڪانفرنس هال ۾ جعلي مريضن سان تصويرون ٺهرائيندو رهيو.

چين جو ڊپ ڀارتي وزيراعظم جي دل ۾ اهڙو ويهي رهيو آهي جو والاريل لداخ جي دوري دوران وادي گلوان کان 150 ڪلو ميٽر پري تائين محدود رهجي ويو آهي هو پنهنجي عوام جي اکين ۾ مٽي وجهڻ جي لاءِ اسپتال جي بجاءِ ڪانفرنس هال ۾ ئي بيڊ لڳرائي جعلي مريضن سان تصويرون ٺهرائيندو رهيو. تفصيل موجب چين کان شڪست جو نشان ڌوئڻ ۽ اپوزيشن جي طعنن کان منهن لڪائيندڙ ڀارتي وزيراعظم والاريل لداخ جو دورو ڪيو جنهن کانپوءِ سندس مٿان سخت تنقيد ٿيڻ لڳي. سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ حقيقت ڪيئن لڪي سگهي ٿي فوري طور تي راز فاش ٿي ويو. چين جي ڊپ سبب نريندر مودي لائين آف ايڪچوئل ڪنٽرول (اي اي سي) جي ويجهو وڃڻ جي همت نه ڪئي، پر چين کان تقريبن ڏيڍ سئو ڪلو ميٽر پري رهڻ کي ئي هن ترجيح ڏني. هن پنهنجي عوام جي اکين ۾ مٽي وجهڻ جي لاءِ ڪارو چشمو، ملٽري جيڪٽ ۽ ڪيپ پائي اهڙيون تصويرون ڪڍرايون جنهن ۾ ائين لڳي رهيو هو ته ڀارتي وزيراعظم ڪنهن مورچي تي ويٺل هجي.