پاڪستانخاصنيو‍‍ز

وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات

وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ نواز شريف سان ملاقات، شهباز شريف نوازشريف سان سندس پٽ حسن نواز جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي ذريعن موجب شهبازشريف پارٽي جي قائد نوازشريف کي ٻوڏ جي تباهڪارين ۽ بحالي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو، ملڪ جي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. لنڊن ۾ نوازشريف جي صدارت هيٺ اڄ نون ليگ جو اهم مشاورتي اجلاس به ٿيندو، ذريعن موجب اجلاس ۾ نئين آرمي چيف جي مقرري، عام چونڊن ۽ ٻين اهم معاملن بابت به مشاورت ڪئي ويندي.