خاص

وزيراعظم صوبن ۾ وڻڪاري مهم دوران پاڻ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو

وزيراعظم عمران خان چئني صوبن ۾ وڻڪاري مهم ۾ پاڻ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان هلندڙ سال آگست تائين هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ ان جي لاءِ هو پاڻ چئني صوبن ۾ وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺندو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان هفتيوار هڪ هڪ صوبي ۾ وڻڪاري مهم جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جلد سنڌ ۾ مينگروز بابت تقريب ۾ شرڪت ڪندو. مينگروز زهريلي آب وهوا جذب ڪري سامونڊي آلودگي کان بچائڻ جو سبب بڻجندي آهي. ذريعن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ زيتون وارن ٻوٽن جي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺندو. جڏهن ته اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ آبهوا جي مناسبت سان ٻوٽا لڳايا ويندا.