وزيراعظم ڪڏهن بيضن ته وري ڪڏهن ڀنگ جي پوک تي ملڪي معيشت بھتر بنائڻ جا خواب ڏيکاري رھيو آهي: شازيه مري
پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطا مري پاران وفاقي وزير اسد عمر جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسد عمر کي معيشت جي ڄاڻ هجي ها ته هو وزير خزانه طور برطرف نه ڪيو وڃي ها. ھن چيو ته عمران نيازي جي نااہلي کي لڪائڻ لاءِ سندس ڪابينا جا وزير ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم چوي ٿو سنڌ اسان جي نه آهي، تنهنڪري سنڌ ۾ ڏهن ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ به صوبي سنڌ سان ناانصافي ڪئي وئي آهي ۽ فنڊز ۾ ڪٽوتي به ڪئي وڃي ٿي. شازيه مري چيو ته عمران خان ڪڏهن بيضن، ڪڏهن راشن بيگز تي ته وري ڪڏهن ڀنگ جي پوک تي ملڪي معيشت بھتر بنائڻ جا خواب ڏيکاري رھيو آهي. هن چيو ته تبديلي جي نالي تي ماڻهن کي ٺڳڻ ھاڻ بي نقاب ٿي ويو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ھاري طبقو سخت معاشي تڪليفن ۾ مبتلا آھي، مزدور به فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته نوڪري پيشا طبقو به مھانگائي جي ڪري پريشان آهي، ان ڪري عوام هاڻ ظالم سونامي کان ڇوٽڪارو چاھي ٿي.